Azam Bhatti

1 min read

 

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سال 2024-2022 لاء مرڪزي چونڊن ۾ مرڪزي خزانچي جي عهدي جي اميدوار اعظم ڀٽي جو تعارف:

اصل نالو : اعظم ڀٽي

پيءَ جو نالو : محمد اشرف ڀٽي

جنم : 6 جولاءِ 1977ع

جنم جو هنڌ : پير محلا ٽنڊو محمد خان

پتو : پير محلا لڳ ٽيليفون ايڪسچينج ٽنڊو محمد خان

رابطو ۽ واٽس ايپ:  03332807110

تعليم :

پرائمري: گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀٽي محلا ٽنڊو محمد خان

مڊل: گورنمينٽ رمضان ميموريل مڊل اسڪول ٽنڊو محمد خان

مئٽرڪ: دارالعلوم هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان (1993ع)

انٽر: گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان (1995ع)

بي . اي: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (1998ع )

ايم .اي:  سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (2000ع) پوليٽيڪل سائنس ۾

بي ڪام: سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو (2008ع)

لکڻ جي شروعات: 1990ع ، ٻاراڻي ادب کان

ادبي سڃاڻپ: اعظم ڀٽي      

نوڪري: روينيو کاتي ۾ 

ڇپيل مواد: سنڌ ۽ هند جا لاتعداد سنڌي رسالا, مئگزين, اخبارون, سووينيئر

طبع آزمائي ڪيل صنفون:

غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، نئين ڪويتا، ڏيڍ سِٽا، بيت، دوها، ٽيڙو، چئوسٽا، قطعا، فرد،  مقالا، مضمون، ڪالم، ڪهاڻيون، سوانحي خاڪا، ڊراما, ڪتابن جا مهاڳ, تبصرا, رايا ۽ تعارف.

ڇپيل ڪتاب: ذاتي ڪو به نه

گڏيل شاعري جا مجموعا:

 “ شاعري ڳالهائي ٿي”/ مرتب: غلام مصطفى سولنگي، “ سُخنوَر سنڌ ڌرتيءَ جا”/ مرتب: احساس ميرل 

گڏيل نثر:

“ تخليقڪارن سان ڪجهه پل”/ مرتب: ڊاڪٽر مشتاق ڦُل

اڻڇپيل مسودا : “ٽنڊو محمد خان جي صحافتي تاريخ”,  “منهنجا مور ماڻهو” (سوانحي خاڪا), “ٽنڊو محمد خان جي تاريخ”, “ٽنڊو محمد خان جي ڪتابن جي دنيا”, “منهنجا قول قرار” ( شاعري), “ليڪا منهنجون لکڻيون” (مضمون ۽ ڪالم)، “ٽنڊو محمد خان جي لائبريرين جي تاريخ”, “سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي تاريخ”, “ڪلائن جو ڪٺ” (ٽنڊو محمد خان جي شاعرن جي شاعري جو گڏيل مجموعو), شاهواڻي شهر ڌڻي, “نوان سج اۡڀاريون فتح باغ ۾” ,

ذاتي لائبريري : موجود لڳ ڀڳ ٻه هزار ڪتاب

مليل ايوارڊ، شيلڊون، تمغا، سرٽيفڪيٽ:

 سورٺ لائبريري ٽنڊو محمد خان پاران ”حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“

سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ”حسن ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ“

جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران ”مڃتا سرٽيفڪيٽ“

بهبود آبادي کاتي ٽنڊو محمد خان پاران ”مڃتا سرٽيفڪيٽ“

پاڪستان پريس فائونڊيشن (پي پي ايف ) پاران ”سرٽيفڪيٽ“

انٽر نيوز نيٽ ورڪ پاران ”سرٽيفڪيٽ“, گرين ايڪر نيٽ ورڪ پاران ”سرٽيفڪيٽ“, ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٽنڊو محمد خان پاران “مڃتا سرٽيفڪيٽ”,

نورالاسلام ايجوڪيشنل اينڊ ويلفيئر سوسائٽي پاران بهترين ڪاڪردگي ايوارڊ 2015ع, سنڌي ادبي سنگت سنڌ مرڪز پاران “ سنڌ سنگت مڃتا ايوارڊ ” 16 آڪٽوبر 2016ع, ساٿ فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان پاران “بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع”, “شيخ ممون ايوارڊ 2017ع”, سنڌ سنوڪر ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران “بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2018ع”, “شيخ ممون ايوارڊ 2018ع”, “ٽنڊو محمد خان آءِ ڪئمپس آرگنائيزنگ ڪميٽي پاران “گولڊن جوبلي ايوارڊ 2020ع”, سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران “مڃتا ايوارڊ 2022ع”, “مير غلام الله ٽالپر ميموريل گولڊ ميڊل 2022ع”, انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان چيپٽر پاران “مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022ع”, ساس شاخ ٽنڊو محمد خان پاران “مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022ع”, ساٿ فلاحي تنظيم/سٽي ڪرڪيٽ ڪلب ٽنڊو محمد خان پاران “سرٽيفڪيٽ 2022ع”, روزاني چنڊ نيوز ڪراچي پاران “مڃتا سرٽيفڪيٽ 2022ع”.

تنظيمي وابستگيون :

ماضي ۾ :

سنڌي فلاحي تنظيم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر, سنڌ نوجوان ترقي پسند تنظيم ٽنڊو محمد خان جو پريس سيڪريٽري, ساٿ ايجوڪيشنل ۽ ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو ميمبر, لطيفي ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر, جي ايم سيد ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري, جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ٽنڊو محمد خان جو ضلعي جنرل سيڪريٽري, جيئي سنڌ قومي محاذ ٽنڊو محمد خان جو تعلقه خزانچي, جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي حيدرآباد جو پريس سيڪريٽري, مدني سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو ميمبر, عوامي ادبي فورم ٽنڊو محمد خان جو ميمبر, محمد خان غني ادبي تنظيم جو ميمبر, تعلقه پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري, ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جوائنٽ سيڪريٽري, سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو ٻه ڀيرا سيڪريٽري (جون 2013ع کان جون 2015ع  تائين), مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري, (2012ع کان 2015ع تائين)

يونين آف جرنلسٽس ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري (جون 2013ع کان 2014ع تائين), مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي صدر(2016ع کان 2018ع تائين), مهراڻ ادبي سٿ سنڌ جو مرڪزي رابطه سيڪريٽري (2018ع کان 2019ع تائين), ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جي ڪلچرل ڪميٽي جو ميمبر (2016ع کان 2017ع تائين), لطيفي سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري 2011ع کان 2019ع تائين), انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو آرگنائيزر 2019ع, سگا ٽنڊو محمد خان جو آرگنائيزر 2019ع, ٽنڊو محمد خان هسٽاريڪل سوسائٽي ٽنڊو محمد خان جو ميمبر,آثار قديمه ڪميٽي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو ميمبر.

موجوده وقت ۾ :

سنڌي ادبي سنگت ضلعو ٽنڊو محمد خان جو رابطه سيڪريٽري جون 2015ع کان  هن وقت تائين). انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊو محمد خان جو پريس سيڪريٽري 2022ع.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!