Sayial Azad
سائل آزاد
مشهور شاعر سائل آزاد جو اصل نالو غلام حسين واڍو هو. پاڻ 1938ع ۾ چنيسر ڳوٺ ڪراچي ۾ الھ بچائي واڍي جي گهر ۾ جنم ورتو. شروعاتي تخلص ” شاد” رکيائين. پر پوء ڇوٽي صالح محمد قوال جي ساٿ ۽ سنگت کيس “سائل آزاد” بڻائي ڇڏيو. سائل آزاد اردو فلم ” ڪاغذ ڪي ڦول ” ۾ شامل شاعري سان مشهوري ماڻي. سائل آزاد سنڌي ٻولي انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شاعرن مان هڪ آهي جن کي مشاعرن ۾ پنهنجي شاعري پيش ڪرڻ جو هنر ڄاڻندا آهن. سائل مشاعري ۾ پنهنجي شاعري ڪمال طريقي سان پڙهندا هئا. جن کي ٻڌندڙ داد ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو هو. سائل آزاد ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاء ڪيترائي نغمه ۽ وطن جا گيت لکيا آهن جن وڏي مقبوليت ماڻي آهي. سائل آزاد جي شاعري سنڌ ۽ پاڪستان جي ناليوارن فنڪارن ڳايو آهي. سنڌي ۾ لکيل گهڻا گيت کي سائين سيد سليمان شاه توڙي ٻين بهترين نموني ڳايو آهي. سندس جڳ مشهور گيتن ۾ ” پئسا بولتا هي” وڏي مقبوليت ماڻي.
سائل آزاد سنڌي فلمن لاءِ گيت لکيا جن ۾
رت ۽ اجرڪ، پرديسي ۽ پيار، جانو ڌاڙيل، قرباني، هو جمالو، طوفان، مهراڻ جا موتي، سنڌ جا سپوت. شامل آهن
سائل آزاد 10 نومبر 2018ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.
سائل آزاد بابت ڊاڪٽر محمود مغل صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب سنڌ ٽاڪيز تان مدد ورتي وئي.