Ayaz Latif Palijo

 

 

 

 

 

 

ایاز لطیف پلیجو

15  نومبر 1965: جنم تاریخ

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 سنڌ جي مشهور سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيت اياز لطيف پليجي 15 نومبر 1965ع تي سنڌ جي ٻن عظيم شخصيتن مشھور سياستدان، قانوندان، ليکڪ، دانشور محترم رسول بخش پليجي ۽ سنڌ جي مشهور فنڪاره، اداڪاره، ڪھاڻيڪاره جيجي زرينه بلوچ جي گهر ۾ جنم ورتو، اياز لطيف پليجو ھاء ڪواليفائنگ شخص آهي، ھن بي اي، ايل ايل بي، ايل ايل ايم، ايم ايس سي (رورل ڊولپمينٽ) ڪئي آهي، اياز لطيف پليجو ھر فن مولا شخص آهي، سياست، سماجيات، علم، ادب، قانون، فن، ڪالم نگار وغیرہ کان سواءِ ھن ڪجهه ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي آهي، سندس جوڙ جو ھن وقت سنڌ ۾ ڪو به وڪيل ناهي، سنڌ جي وحدت ۽ مسئلن تي جنھن نموني اياز لطيف پليجو ڳالھائي ٿو، ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالهه ناهي، سندس ھن وقت تائين ڇپيل ڪتابن ۾ ٽي مسافر، ٽي شهر (سفر نامو)، سارون، سپنا، آزادي، دنيا پنهنجي، ديس پرايا (سفرنامو)، باک جي ساک (سفرنامو)، قانون سڀني لاءِ (قانوني ڄاڻ) وغیرہ شامل آهن..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!