Sadho T.L Vasvani

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي ھڪ عظيم شخصيت، عالم، تعليمي ماهر ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي (ساڌو ٿانورداس ليلا رام واسواڻي)، 25 نومبر 1879ع تي حيدرآباد (سنڌ) ۾ جنم ورتو، ھي درويش صفت انسان هو، ھن سنڌ ۾ امن، صوفي ازم، تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو، ھن امن امان ۽ تعليم جي ترقيءَ کي ھڪ تحريڪ ۽ مشن طور کنيو، ھن “ميرا ايجوڪيشن فائونڊيشن” جو بنياد رکيو، جنھن تحت ميرا اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا ويا، ھن سڀني ماڻهن جي ڀلائي لاءِ “برادر ھوڊ ايسوسيئيشن” قائم ڪئي، جنھن کي پوءِ “ساڌو واسواڻي مشن” جو نالو ڏنو ويو، ننڍي کنڊ جو ورھاڱو ٿي ويو، پر ساڌو واسواڻي ۽ سندس خاندان سنڌ ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، پر مٿس ۽ خاندان جي ٻين فردن تي خوني حملا ڪيا ويا ۽ کين سنڌ ڇڏڻ جو حڪم ڪيو ويو، نيٺ 1949ع ڌاري ساڌو واسواڻي خاندان سميت سنڌ ڇڏي پوني ويو ھليو، ھن اتي رهي به سنڌ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪيو، جسماني طور تي سنڌ ڇڏيائين پر روحاني طور تي سنڌ ۾ رھيو، هن 16 جنوري 1966ع تي پوني ۾ وفات ڪئي، پر ڪيل وصيت مطابق سندس خاڪ سنڌ موڪلي وئي، جتي حيدرآباد جي ويجهو سنڌو درياهه حوالي ڪئي وئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

توهان لاءِ ڪجھ نئون

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!