قاضی خادم

1 min read

 

 

 

 

 

قاضی خادم

21 نومبر  یوم پیدائش

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور ليکڪـ، ڪھاڻيڪار، نقاد، مترجم، ڊراما نگار، صحافي، تعليمي ماهر ڊاڪٽر قاضي خادم 21 نومبر 1945ع تي ڳوٺ الهداد چنڊ ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن انٽر تائين جي تعليم پنهنجي والد صاحب (جيڪو روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ھو) جي بدلين جي ڪري سنڌ جي مختلف شهرن مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان سنڌي ادب ۽ انگریزي ادب ۾ ماسٽرس ڪيون، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان ئي ايل ايل بي به ڪئي، “سنڌ جي نثري داستانن جو تنقيدي جائزو” جي عنوان سان مقالو لکي پي ايڇ ڊي ڪئي، ڊاڪٽر قاضي خادم شروعات ۾ سچل سائنس ڪاليج حيدرآباد، مسلم آرٽس ڪاليج حيدرآباد ۾ درس تدريس جون خدمتون سرانجام ڏنيون، روزاني “خادم وطن”، روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ سب ايڊيٽر رهيو، 1970ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو، ترقي ڪري پروفيسر، ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ٿيو، ڊاڪٽر قاضي خادم ڪھاڻيون لکيون، ريڊيو، ٽيليويزن لاءِ ڊراما لکيا، ترجما ڪيا، ھن ڏھاڪو کن ڪتابن تي مشتمل پنهنجون يادگيريون / ساروڻيون لکيون آهن، جن کي آتم ڪٿا به چئي سگهجي ٿو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (شمع هر رنگ ۾ جلتي هي سحر هوني تک (اردو ناول)، گڊ باءِ مسٽر چپس (جيمز هلٽن جي ناول جو ترجمو)، زوال (البر ڪامئو جي ناول جو ترجمو)، سونهن جي ديوي (پيري لوئيءَ جي ناول جو ترجمو)، جوئاري (دوستو وسڪيءَ جي ناول جو ترجمو)، پيار (جان پال سارتر جي ناوليٽ جو ترجمو)، درد جي خوشبوءِ (ناول)، سمنڊ اپسمنڊ (ڪهاڻيون)، شهري حياتي ۽ ڳوٺاڻي حياتي، لڙڪ لڙڪ زنجير (ڊراما)، سنڌ جا نثري داستان (پي ايڇ. ڊي جو مقالو)، ادب ۽ روايتون (مضمون:)، The Glorious Past 42 (42 سنڌي آتم ڪهاڻين تي انگريزيءَ ۾ تبصرو)، مٽيءَ ۾ ملاوٽ (ڪهاڻيون)، دل جي دفتر مان (يادگيريون)، ساروڻيون (ساروڻيون)، اندر روح رهيام (ساروڻيون)، پير اڃا مون پنڌ ۾ (ساروڻيون)، ڳالھڙيون کٽيون ناهن (ساروڻيون)، ياد ياد هڪ زندگي (ساروڻيون)، کليل اکين جا سپنا (ساروڻيون)، اڌورو داستان (ساروڻيون)، قصو ڪوتاهه (ساروڻيون)، حيدرآباد: سپنن جو شھر (ساروڻيون) وغيره شامل آهن، ڊاڪٽر قاضي خادم علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر به رهيو آهي، سندس نگرانيءَ هيٺ علامہ قاسمي تي تمام گهڻو ڪم ٿيون، ڪانفرنسون منعقد ٿيون، ڪيترائي ڪتاب ڇپيا، ڊاڪٽر صاحب جي نگرانيءَ ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ھن ڪجهه وقت ھڪ ٽي وي چينل جي ھڪ ادبي پروگرام جي ميزباني به ڪئي آهي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!