ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

1 min read

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

باب: —
صفحو :1
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
ڇپائيندڙ پاران

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ سڌاري جي حوالي سان عام طرح هر محفل۽ مجلس ۾ خدشن جو اظهار ٿيندو رهي ٿو. خاص طرح نئين نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گهٽجندڙ واهپي ۽ ٻين ٻولين ڏانهن وڌندڙ لاڙي تي هر با شعور سنڌيءَ کي ڪيئي تحفظات آهن . جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ ٿيندڙ الڪن ۽ خدشن تي سنجيدگيءَ سان نظر وجهبي ته اهي اجا يا يا بي سبب نظر نه ايندا ….اها حقيقت آهي  ته وقت گذرندي هر نئين نسل جو سنڌي ٻوليءَ سان سنٻنڌ ۾ وڌندڙ خال بلڪل واضح نظر ايندو.

اها حقيقت تسليم ڪندي به بهر حال انهيءَ سچائيءَ کان ڪنڌ نه ڪڍائي سگهبو، ته اهڙي صورتحال کي پيدا ڪرڻ ۾ نئين نسل کان وڌيڪ انهن حلقن جو قصور آهي ، جن ننڍڙن”ٻارن جي ذهني تربيت ۽ فڪري راهبريءَ بابت سنجيدگيءَ نه ڏيکاريندي ، ٻاراڻي ادب کي اهم وٿ“ طور ڳڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. بازار ۾ دستياب دڪانن تي نظر ڦيرائيندي پتو پوندو ته اتي موجود سڀني سنڌي ڪتابن جو ڏهه سيڪڙو به ٻارن جي لکڻين لاءِ وقف ٿيل ناهي. سنڌ جي ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال نظر ايندي. ٻيو ته ٺهيو والدين ۽ عزيزن وٽ به پنهنجن ٻچڙن جي ذهني اوثر ۽ تربيت لاءِ اونو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ جناب مراد علي مرزا جي هيءَ ڪارائتي ڪوشش گهٽ ۾ گهٽ به مبارڪباد جي لائق آهي. هن ڪتاب جو مترجم گذريل چاليهه سالن کان سنڌ جي ادبي آڪاس ۽ علمي تحريڪ جو هڪ اهڙو روشن ستارو آهي . جنهن پنهنجن تخليقي ۽ تنقيدي مضمونن سان ئي ڪلا کيتر ۾ نالو پيدا نه ڪيو آهي. پر ترجمي نگاريءَ ۾ پڻ مرزا صاحب هڪ ممتاز مقام رکي ٿو.

سندس ڏات ۽ ڏان ءَ سنڌ جي ڪئين نسلن کي موهيو آهي ۽ سنڌ جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ کيس پڙهي ليکڪ بڻيا آهن.

مراد علي مرزا صاحب جي اها سموري حاصلات ذهن ۾ رکندي به جڏهن ٻاراڻي ادب ۾ سندس بهري جو تذڪرو ڪجي ٿو ته کيس خصوصي سلام پيش ڪرڻ لاءِ دل گهري ٿي . ماٺيڻي ۽ محترم شخصيت رکندڙ مراد علي مرزا هن ڪتاب ۾ ڏور ايشيا، ڏور اوڀر ايشيا ۽ ننڍي کنڊ سميت نار جي ملڪن سان لاڳاپيل تحريرن جو لاجواب ترجمو ڪري سنڌ جي نئين نسل کي جيڪو املهه تحفو آڇيو آهي . سو ايندڙ ڪئين ڏهاڪن تائين سنڌ جي نئين نسل جي لکين ذهنن ۽ دلين تي اثر انداز ٿيندو رهندو.

هن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪتاب جو هر ڇاپو چند مهينن اندرئي کپي ٿو ۽ سڄي سنڌ مان ڪتاب نئين سر ۽ وڏي تعداد ۾ ڇپرائڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهيا. بورڊ ۾ ذميواريون سنڀاليندي ئي ڪتاب گهر جي انتظاميا ۽ ايجنٽ حضرات طرفان هيءُ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ زور ڀريو ويو. مون ڪتاب جي علمي . اصلاحي ۽ تفريحي پهلوئن کي ذهن ۾ رکندي فورن انهن مطالبن ورنائڻ جون هدايتون ڏنيون…..۽ اڄ هڪ دل ڇُهندڙ ڪتاب جي صورت ۾ اهڙين هدايتن جي ساڀيا ڏسندي پاڻ کي نهايت ئي ڀاڳ ڀريو محسوس ڪريان ٿو . اميد ته لائق پڙهندڙ پڻ انهيءَ  خوشيءَ ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا.

ڄام شورو

22 مارچ 2004
انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ
 

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو :2 
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

چانور جي آکاڻي

انڊو نيشيا جي آکاڻي

                ديوتائن جي سردار بتارا گرو پنهنجي لاءِ هڪڙو محل پئي جوڙايو . جنت ۾ هن هر هڪ ديوتا کي نياپو موڪليو ته انهيءَ محل جي پيڙهه جي لاءِ هو هڪ هڪ پٿر کڻي اچي . نانگ ديوتا کان سواءِ رهيل ٻين سڀني ديوتائن اهو حڪم مڃڻ قبوليو. جڏهن نياپو کڻي ويندڙ ديوتا ، نانگ ديوتا وٽ پهتو ته هن ڏک وچان ڪنڌ لوڏيندي چيو ،”تون پاڻ ڏس ته نه مون کي ٻانهون آهن ۽ نه ٽنگون. ڀلا آءٌ پٿر ڪيئن کڻي ايندس؟“ ائين چوڻ وقت هن جي اکين مان ڳوڙهن جا ٽي ڦوڙا نڪري ڳلن تي ڪريا. پوءِ ڳوڙهن جا اهي ٽي ڦڙا وري جڏهن زمين تي ڪريا ته ٽي اڇا آنا ٿي پيا. نياپو آڻيندڙ  ديوتا، نانگ ديوتا کي چيو، ”هنن آنن کي بتارا گرو وٽ کڻي وڃ ۽ هن کي سموري ڳالهه وڃي ٻڌاءِ.“

نانگ ديوتا ٽيئي آنا پنهنجي وات ۾ رکي سردار جي محل ڏانهن هليو. رستي ۾ هن کي هڪ وڏي سِرڻ ملي، جنهن پڇيس، ”ڪيڏاهن پيو وڃين نانگ ديوتا؟“ نانگ ديوتا جي وات ۾ ته آنا رکيا هئا، تنهنڪري هو جواب نه پئي ڏيئي سگهيو. انهيءَ تي وڏي سرڻ وري پنهنجو سوال ورجايو. پر جڏهن کيس جواب نه مليو ته هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن نانگ ديوتا جي مٿي تي ٺونگا هڻڻ شروع ڪيا. ان جي ڪري نانگ ديوتا کي ڏاڍو سور ٿيو ۽ هن سور وچان ٻه ڀيرا رڙيون ڪيون. هر رڙ ڪرڻ وقت هن وات کوليو ٿي ۽ هڪڙو آنو هيٺ ڪِري ٿي پيو. اهڙيءَ طرح ٻه آنا هن جي وات مان ڪِري پيا.

ٻئي آنا زمين تي ڪرندي ئي ڀڄي پيا ۽ انهن ٻنهي مان سوئر جا ننڍڙا ٻچا نڪري آيا. انهن ٻنهي کي هڪڙي ڍڳيءَ نپائڻ لاءِ ورتو ۽ انهن کي پنهنجي گابي سان گڏ پالڻ لڳي. گابي جو نالو لمبو گمارنگ هو. اهو گابو وڏو ٿي ڏاڍو خوفناڪ ثابت ٿيو، ڇاڪاڻ ته هن وٽ جادوءَ جون طاقتون هيون ۽ هو ديوتائن ۽ انسانن ٻنهي جو دشمن هو.

خير، ان وقت انهن ٻن آنن جي ڀڄي پوڻ جو نانگ ديوتا کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر اڃا هڪڙو آنو هن جي وات ۾ حفاظت سان رکيو هو. نانگ ديوتا اهو بچيل آنو سردار ديوتا وٽ کڻي ويو ۽ هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. انهيءَ تي سردار ديوتا هن کي اهو آنو سنڀالي رکڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيائينس ته انهيءَ مان جيڪي به نڪري، اهو اچي پيش ڪري.

نانگ ديوتا اهو آنو پنهنجي گهر کڻي آيو ۽ ان کي سنڀالي رکيائين. هڪڙي مهيني کان پوءِ اهو آنو ڀڳو ۽ ان مان هڪ سهڻي ڇوڪري نڪري آئي. نانگ ديوتا انهيءَ ڇوڪريءَ کي پاڻ سان وٺي سردار ديوتا وٽ ويو. سردار ديوتا ان ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڌيءَ ڪري هن جو نالو ديوي سري رکيو. هاڻي هوءَ محل ۾ شهزادين وانگر نپجڻ لڳي ۽ سردار ديوتا هن کي ڏاڍي پيار ۽ محبت سان پالڻ لڳو.

ڪيترائي سال لنگهي ويا. ديوي سري جوان ٿي ويئي. هوءَ سهڻي ۽ سلڇڻي شهزادي هئي. محل جا سڀئي ڀاتي هن کي ڀائيندا هئا. سردار ديوتا ته هن کي ايترو ڀائيندو هو جو ٻين ديوتائن کي اهو ڏسي اچي ڊپ لڳو ته متان سردار ديوتا هن سان شادي نه ڪري. ملڪ جو قانون هيءُ هوندو هو ته ڪو به پيءُ پنهنجي ڌيءَ سان شادي نٿي ڪري سگهيو، توڙي پيءُ ديوتا ۽ ڌيءَ پاڻ ۾ سڳا نه هجن. ديوتائن سوچيو ته پيءُ ديوتا آهي ۽ ڌيءَ سڳي نه پر نيپاج آهي. ديوتائن سوچيو ته جيڪڏهن اهو قانون ٽوڙيو ويو ته سڄي حڪومت تباهه ٿي ويندي. تنهنڪري هنن لڪي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ديوي سريءَ کي مارڻ گهرجي. انهيءَ فيصلي تي هنن کي ڏک به ڏاڍو ٿيو، پر مجبوري هئي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۽ حڪومت کي بچائڻ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به طريقو ڪو نه هو.

 پوءِ ديوتائن ڇا ڪيو جو ديوي سريءَ کي جيڪو ميوو وڻندو هو، ان جي هڪ ڦار ۾ زهر وجهي اها هن کي کائڻ جي لاءِ ڏني. ڦار کائيندي ئي هوءَ بيمار ٿي پيئي، هوءَ ڏينهون ڏينهن ڪمزور ٿيندي ويئي ۽ نيٺ مري ويئي. ائين پئي لڳو ته گلن سان ڀريل ٽاري اوچتو ئي اوچتو سڙي سڪي زمين تي ڪِري پيئي. ديوي سريءَ کي شهزادين وانگر دفن ڪيو ويو ۽ هن جي قبر هڪ سهڻي ٽماڙ پگوڊا جي ڀرسان ٺاهي ويئي. اتي قبر جي سنڀال ۽ پاڻي ڇڻڪارڻ لاءِ هڪ خاص ماڻهو رکيو ويو، جيئن اتي چوڌاري گل ٻوٽا ڦٽي سگهن.

قبر جي مٿان هڪ عجب جهڙو ٻوٽو ڦٽي نڪتو، جيڪو اڳ نه ڪنهن ڏٺو ۽ نه ڪنهن ٻـُڌو. اهو هڪ آسماني ٻوٽو هو. ان جو نالو چانور هو. اهو ٻوٽو تمام جلدي ڊگهو ٿي ويو. ان ٻوٽي مان ڪيترائي سنگ ڦٽا، جيڪي ٿورن ئي ڏينهن ۾ سونهري ٿي ويا، ۽ انهن سنگن مان چانورن جا ڪيترائي ڪڻا نڪتا. سردار ديوتا جڏهن اهو لقاءُ ڏٺو تڏهن نوڪر کي حڪم ڪيائين ته انهن چانورن جو ٻج زمين تي کڻي وڃي ۽ اتي پجاجارن جي ملڪ جي بادشاهه کي وڃي ڏي ته اهو پنهنجي ملڪ ۾ پوکي. هـُن نوڪر کي سمجهايو ته ”بادشاهه کي چئجانءِ ته اهي ٻج منهنجي طرفان سوکڙي آهن. پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌاءِ ته انهن کي زمين ۾ پوکين ۽ انهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪن. پوءِ ڪو به ماڻهو بکيو نه رهندو، ڇو ته چانور زندگيءَ جي لاءِ خوراڪ آهي.

پجاجارن جي بادشاهه کي آسماني ديوتا طرفان جڏهن اها سوکڙي ملي ته هو ڏاڍو خوش ٿيو. هن اهي چانور پنهنجيءَ رعيت ۾ ورهايا. آسماني ديوتا جي نوڪر وري ماڻهن کي ٻڌايو ته ميدانن ۽ جبلن ۾ چانور ڪيئن پوکجن، انهن جو فصل ڪيئن لڻجي ۽ ڪيئن انهن کي ڇڙجي. پوءِ آسمان مان هڪڙي ديوي زمين تي لهي آئي. هن زمين تي رهندڙ ڇوڪرين کي چانورن رڌڻ جا ڪيترائي طريقا سمجهايا. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ پجاجارن جي ماڻهن وٽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي نه ٿي ۽ ڪيترن سالن تائين هنن جي زندگي سکي ستابي گذري.

پر هڪڙي ڏينهن هڪڙي ٻئي ملڪ مان هڪڙو بدنيت واپاري واپار سانگي پجاجارن ۾ آيو. چانورن کي ڏسي ۽ اهي کائي هن جي دل ۾ لالچ ٿي ۽ هن سڀئي چانور خريد ڪري پاڻ سان کڻي وڃڻ گهريا. پر بادشاهه بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳو، ”اهي چانور حقيقت ۾ آسمان مان آيا آهن. چانورن جي پنيري ديوي سريءَ جي قبر تي ڦٽي هئي، تنهنڪري اسين اهي سڀئي چانور تو وٽ ڪونه وڪڻنداسون.“ اهو جواب ٻڌي واپاريءَ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هو لمبو گمارنگ جي غار ۾ ويو. ان وقت تائين لمبو گمارنگ هڪ ٿلهو متارو ڍڳو ٿي ويو هو ۽ هن وٽ جادوءَ جي طاقت به هئي. واپاريءَ هن کي عرض ڪيو ته پجاجارن ملڪ جا سڀئي چانور ناس ڪري ڇڏ.

ڍڳي هڪدم پنهنجو ڪم شروع ڪيو. هن جادوءَ جي طاقت سان اهڙو ته واچوڙو آندو جو چانور جون پنيريون زمين مان پٽجي ويون. اها خبر سردار ديوتا کي پهتي، جنهن سلنجانا نالي هڪ نوجوان ديوتا کي چانورن جي فصل جي سنڀال ڪرڻ لاءِ زمين ڏانهن موڪليو. سلنجانا زمين تي اچي واچوڙي جو رخ ڦيرائي ڇڏيو ۽ چانورن جي سلن کي وري جيئاري ڇڏيو.

اهو ڏسي نڀاڳي ڍڳي پنهنجي ڀائرن کي مدد جي لاءِ گهرايو ته اچو ته گڏجي چانورن جون پوکون تباهه ڪريون. هن جا اهي ڀائر اهي سوئر هئا، جيڪي ڍڳي جي ماءُ پنهنجي کير تي پاليا هئا ۽ هينئر ٿلها متارا ٿي پيا هئا. انهيءَ تي سلنجانا ديوتا ۽ انهن چوپاين ۾ ڇتي ويڙهه لڳي. چوپاين جانورن جي پوک کي تباهه ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي سوئرن کي گهرايو هو. پر ديوتا سڄي زمين تي ايتري ته لڙاٽ پکيڙي جو سڀئي سوئر رستو ڀلجي ويا. هنن وري هزارن ڪوئن کي چانورن جي پوک کي ڪترڻ لاءِ موڪليو، پر ديوتا انهن جي رستي ۾ زهر پکيڙي ڇڏيو، جنهنڪري سڀئي ڪوئا مري ويا. هاڻي وري ڍڳي ۽ سوئر پنهنجي مدد لاءِ اڪيچار جهرڪين کي گهرايو ته اچي سارين جي سنگن مان سڀئي چانور چڳي وڃن. ديوتا جهرڪين کي اهڙو ته ڊيڄاريو جو اڌ رستي مان واپس اڏامي ويون.

نيٺ ٻيو ڪو چار نه ڏسي نڀاڳي ڍڳي جهنگ مان خونخوار جانورن کي گهرايو ۽ هنن کي ملڪ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کي تباهه ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ تي ديوتا جي مدد لاءِ وري شهرن ۽ ڳوٺن مان پوڙها، جوان ۽ ٻار به ميدان ۾ نڪري آيا. هنن سڀني ديوتا جي صلاح سان زمين ۾ سوراخ ڪيا ۽ انهن ۾ ڪنڍا ڦاسائي وڻن سان ڄار ٻڌي ويهي رهيا.

نڀاڳي ڍڳي جي اڳواڻيءَ ۾ خونخوار جانورن جو لشڪر اوچتو جهنگ مان نڪري شهر ڏانهن ڊوڙندو آيو. انهيءَ لشڪر رستي ۾ سڀني وڻن کي پاڙوءن پٽي ڪيرائي وڌو، پر ڪيترائي جانور ڪنڊن ۾ ڦاسي ڪِري پيا ۽ ٻيا وري وڇايل ڄارين ۾ ويڙهجي ڦاسي پيا. نڀاڳي ڍڳي کي لڳو ته منهنجي اها چال به ناڪام ٿي ويئي آهي ۽ منهنجي فوج به ختم ٿيندي وڃي، پر هو پنهنجيءَ هوڏ تان لهڻ ۽ هار مڃڻ لاءِ اڃا به تيار نه ٿيو. هن سلنجانا ديوتا کي رڙ ڪري چيو ته، ”سلنجانا! متان سمجهيو اٿئي ته آءٌ هارائي ويٺو آهيان. تون پاڻ ميدان ۾ لهي اچ ۽ مقابلو ڪري ڏس ته ڪير ڏاڍو آهي.“

انهيءَ تي نوجوان ديوتا هن سان وڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هو پنهنجا هٿ چيلهه تي رکي نڀاڳي ڍڳي جي حملي لاءِ خبردار ٿي بيٺو. نڀاڳي ڍڳي پنهنجا سڱ هڪ وڻ سان رهڙي تکا ڪيا ۽ پوءِ سڄي طاقت سان، سلنجانا ڏانهن ڌوڪيندو ويو. پر نوجوان ديوتا ٽپ ڏيئي ٻئي پاسي ٿي ڍڳي جي پٺيان اهڙي ته زور سان لت هنئي، جو ڍڳو بولاٽيون کائيندو پري وڃي ڪريو. پر تڏهن به هن هار نه مڃي ۽ وري زمين تان اٿي پوري طاقت سان ديوتا تي حملو ڪيائين. هن ڀيري به سلنجانا هن کي ڦيرائي پٽ تي اڇلايو ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪيترائي ڀيرا پٽ تي ڪِري ٿي پيو.

نيٺ نوجوان ديوتا نڀاڳي ڍڳي کي ٽنگ کان جهلي وٺي هوا ۾ ڦيرايو. ٿوريءَ دير تائين ته ڍڳو اها جـُٺ سهندو رهيو، پر جڏهن هن کان اها جـُٺ وڌيڪ سـَٺِي نه ٿي سگهي، تڏهن رانڀاٽ ڪري توبهه ڪرڻ لڳو. اتي نوجوان ديوتا نڀاڳي ڍڳي ۽ ٻنهي سوئرن کي انهيءَ شرط تي معافي ڏني ته آئندي هو سارين جي پوک جي سنڀال ڪندا.

جانورن هن جو اهو شرط قبول ڪيو ۽ پجاجارن ملڪ جي ماڻهن انهيءَ تي خوشيون ملهايون. ان زماني کان وٺي هن وقت تائين چانورن جي پوک جي سنڀال جانور ئي ڪن ٿا. انهن پوکن سان پوءِ وري ڪنهن به جانور هٿ چراند نه ڪئي. انهيءَ زماني کان وٺي پجاجارن جا رهاڪو پنهنجي زندگي آرام ۽ امن سان گذاريندا اچن ۽ پنهنجو دلپسند کاڌو چانور تمام گهڻو کائيندا آهن.

___________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو :3  
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

 ميان دوست ۽ ميان دشمن

ايران جي ڪهاڻي

ڪنهن هنڌ ڪو ماڻهو رهندو هو. اهو ماڻهو ڏاڍو رحمدل ۽ ايماندار هو، تنهنڪري ماڻهو هن کي ”دوست“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هڪڙي ڏينهن دوست سفر تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هن پنهنجي لاءِ هڪ تندرست ۽ سگهارو گهوڙو خريد ڪيو. پوءِ هن گهوڙي جي زين ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکيون ۽ الله تعاليٰ جو نالو وٺي پنهنجي شهر مان سفر تي هليو.

هو اڃا ٿورو ئي اڳتي هليو هو، ته کيس پنهنجي پٺيان هڪ سوار ايندي ڏسڻ ۾ آيو. هن سان ملڻ لاءِ هن گهوڙو جهليو، هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کانئس سندس نالو پڇيو.

جواب ۾ هن ماڻهوءَ چيو ته ”منهنجو نالو دشمن آهي.“

اهو ٻڌي دوست عجب ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”ڪهڙو نه خراب نالو آهي! تنهنجو اهو نالو ڪنهن رکيو آهي؟“

”منهنجي ماءُ_پيءُ رکيو آهي. مون کي سڀئي ماڻهو دشمن ڪري سڏيندا آهن. ڀلا آءٌ هاڻي ڇا ٿو ڪري سگهان! پر تون پنهنجو به ته نالو ٻڌاءِ؟“

هن جواب ڏنو ته، ”منهنجو نالو دوست آهي.“

پوءِ دوست ۽ دشمن گڏجي سفر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. هلندي هلندي ٻئي پاڻيءَ جي هڪ چشمي وٽ پهتا، جتي هڪ وڻ هو. وڻ جي ڇانوَ کي ڏسي هنن کي خيال ٿيو ته ٻپهر ٿيا آهن، تنهنڪري ٻئي ماني کائڻ جي لاءِ اتي لهي پيا.

دشمن چيو، ”اسين ٻئي گڏجي سفر پيا ڪريون، انڪري اسان کي ماني به گڏجي کائڻ گهرجي. پهرين تنهنجي ماني کائجي ۽ جڏهن تنهنجي ماني ختم ٿي ويندي ته پوءِ منهنجي ماني گڏجي کائينداسون.“

دوست اها ڳالهه مڃي، پنهنجو ٿيلهو کوليو ۽ ٻنهي گڏجي اها ماني کاڌي ۽ چشمي جو تازو ۽ ٿڌو پاڻي پيتو. اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن ٻئي دوست جي آندل ماني کائيندا ۽ سفر ڪندا هليا. نيٺ دوست جيڪا ماني آندي هئي، اها سڀ پوري ٿي ويئي.

هاڻي دشمن جو وارو آيو ته هو پنهنجي ماني دوست سان گڏجي کائي. پر جڏهن کائڻ جو وقت ٿيو ته دشمن ماني کڻي دوست کان پري هليو ويو ۽ اڪيلي سر ماني کائڻ لڳو. دوست ويچارو اٻوجهه ۽ شرميلو هو، تنهنڪري پهرين ته هن ڪجهه به نه چيو، پر پوءِ جڏهن بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳو، تڏهن هن دشمن کي چيو، ”پاڻ هڪ ٻئي جي ماني گڏجي کائڻ جو فيصلو ڪيو هو. تو منهنجي سڀ ماني کائي ڇڏي ۽ هاڻي پنهنجيءَ ماني کائڻ وقت مون کي پاڻ سان شامل نٿو ڪرين.“

دشمن جواب ڏنو، ”آءٌ ڏاڍو سياڻو آهيان. ٿي سگهي ٿو ته اسان جو سفر تمام ڊگهو ٿئي ۽ جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ماني توسان گڏجي کاوان ته ماني جلد ئي ختم ٿي ويندي، پوءِ اسين بک مرنداسون. هاڻي جيڪڏهن آءٌ پنهنجي ماني رڳو پاڻ کائيندس ته آءٌ ته بک ۾ ڪو نه مرندس.“

دوست چيو ته، ”پوءِ پاڻ گڏجي سفر نٿا ڪري سگهون.“

تنهنڪري هڪڙي چوواٽي تي ٻئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. پوءِ جڏهن رات ٿي ته دوست هڪ پراڻيءَ چڪيءَ وٽ پهچي ويو هو ۽ رات جا چار پهر آرام ڪرڻ لاءِ چڪيءَ جي ڦٽل جاءِ ۾ هليو ويو. اندر هڪڙي ڪنڙ ۾ اڳيان هڪ وڏو پٿر پيو هو. انهيءَ ڳري پٿر جي پٺيان سمهڻ لاءِ ويو ۽ اتي ليٽندي ئي هن کي ننڊ کڻي ويئي.

پوءِ گوڙ جي آواز تي هن جي ننڊ ڦِٽي ويئي ۽ هو اُٿي بيٺو ۽ وڏي پٿر وٽان جهاتي پائي جو ڏسي ته سامهون چانڊوڪيءَ ۾ هڪڙو شينهن، هڪڙو چيتو، هڪڙو بگهڙ ۽ هڪڙي لومڙي پاڻ ۾ ڳالهيون ويٺا ڪن. شينهن پئي چيو ته: ”مون کي هت ڪنهن ماڻهوءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ شينهن جي اها ڳالهه ٻڌي دوست ويچارو ڊڄي ويو. پر ايتري ۾ چيتي چيو، ”هن ڦٽل چڪيءَ ۾ ڪهڙي ماڻهوءَ کي کٽيءَ کنيو آهي جو ايندو.“ بگهڙ وري چيوته، ”هن جنن کاڌيءَ جاءِ ۾ ڪو همت وارو ماڻهو ايندو، ٻئي جي جاءِ ناهي.“ لومڙيءَ چيو ته، ”پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اوهان ماٺڙي ڪري پنهنجي پنهنجي ڳالهه ٻڌايو.“

انهيءَ تي پهرين چيتي ڳالهه شروع ڪئي: هن چڪيءَ ۾ ڪي ڪوئا رهن ٿا. رات جو جڏهن چانڊوڪي ٿيندي آهي، تڏهن ڪوئا پنهنجن ٻرن ۾ لڪايل خزانو ٻاهر ڪڍي ايندا آهن ۽ ڇت تي پکيڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ چانڊوڪيءَ جي اڇاڻ ۾ ڪوئا اشرفين سان راند ڪندا آهن ۽ خوشيءَ مان ٺينگ ٺپا ڏيندا آهن. صبح ٿيندو آهي ته ڪوئا اشرفيون ميڙي چونڊي پنهنجن اونداهن ٻرن ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن.“

بگهڙ چيو ته، ”آءٌ هڪ بادشاهه کي سڃاڻان ٿو، جنهن جي ڌيءَ چري ٿي پيئي آهي. هوءَ ڏينهون ڏينهن ڳرندي وڃي. ان ڇوڪريءَ جو علاج هڪڙي خاص ٻوٽيءَ سان ٿي سگهي ٿو، جيڪا ريڍار پوکيندو آهي ۽ پنهنجين رڍن کي کارائيندو آهي. هن جون رڍون سڄي ملڪ ۾ ٻين رڍن کان وڌيڪ تندرست آهن. ان ٻوٽيءَ جون پاڙون جيڪڏهن کير ۾ اوٻاري شهزاديءَ کي پياريون وڃن ته شهزاديءَ کي بيماري ڇڏي ويندي ۽ هوءَ تندرست ٿي پوندي.

هاڻي لومڙيءَ پنهنجي ڳالهه ٻڌائي: ”مون کي هڪ اهڙي ڦٽل محل جي خبر آهي، جيڪو هن چڪيءَ کان هڪ ميل جي پنڌ تي آهي. محل جي هيٺان صاف ۽ مٺي پاڻيءَ جو هڪڙو چشمو آهي، جيڪو ڪن ڪچري پوڻ جي ڪري گهڻي وقت کان بند پيو آهي. جڏهن اهو چشمو وهندو هو تڏهن اتي هڪڙو ميون ۽ گلن جو تمام سٺو باغ هوندو هو، اهو باغ به هاڻي ڦِٽي پوٺو ٿي ويو آهي.“

چارئي جانور پنهنجي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا. جڏهن دوست کي پڪ ٿي ته سڀ جانور هليا ويا آهن تڏهن هو پٿر جي پٺيان نڪري آيو ۽ ان خيال کان ته چيتي جيڪا ڳالهه ٻڌائي اها سچي آهي يا نه، هو چڪيءَ جي ڇت تي چڙهي ويو. سڄيءَ ڇت تي اشرفيون پکڙيون پيون هيون ۽ چانڊوڪيءَ ۾ پئي چمڪيون، انهن اشرفين تي ڪوئن ڏاڍا ٺينگ ٽپا ڏنا ۽ خوش پئي ٿيا. دوست هڪ ننڍڙو پٿر کڻي ڊيڄارڻ لاءِ هنن ڏانهن اڇلايو ته سڀئي ڪوئا ڀڄي وڃي پنهنجن ٻرن ۾ لڪا. اهو ڏسي دوست سڀئي اشرفيون ميڙي چونڊي پنهنجي کيسن ۾ ڀريون ۽ گهوڙي تي چڙهي رات جا باقي ٻه پهر آرام ڪرڻ لاءِ هڪڙي ڳوٺ ڏانهن هليو ويو.

صبح ٿيو ته دوست ڳوٺ مان ٻاهر نڪري جهنگ ۾ گهمڻ لڳو، اتي هڪڙو ريڍار ويٺو هو. هن جي اڳيان ٿلهيون متاريون رڍون پئي چريون. هن ريڍار کان ان خاص ٻوٽيءَ جون پاڙون گهريون. ريڍار پهرين ته دل من هنيو، پر جڏهن دوست هن کي ڪوئن وارين اشرفين مان ڪي اشرفيون ڏنيون ته هن ان خاص ٻوٽيءَ جون ٿوريون پاڙون دوست کي خوشيءَ سان ڏنيون.

هاڻي دوست ان شهر ڏانهن هليو، جتي شهزادي رهندي هئي. اتي هر ڪو ماڻهو ڏک ۾ هو. ماڻهن به هن کي اهائي ڳالهه ٻڌائي، جيڪا هن بگهڙ کان ٻڌي هئي. جڏهن دوست ماڻهن کي ٻڌايو ته آءٌ شهزاديءَ جو علاج ڪري سگهان ٿو ته هن کي ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن علاج نه ڪيو ته توکي موت جي سزا ڏني ويندي. پر دوست کي بلڪل ڊپ نه ٿيو ۽ هو محل ڏانهن ويو. محل ۾ هن کي شهزاديءَ وٽ وٺي ويا. دوست چيو ته مون کي ٿورو کير آڻي ڏيو. کير آيو ته ان ۾ خاص ٻوٽيءَ جون جڙون اوٻاري، شهزاديءَ کي پيئڻ لاءِ ڌنائين. ٿورن ڪلاڪن کان پوءِ شهزاديءَ جي منهن تي رونق وري آئي ۽ هوءَ جلد تندرست ٿيڻ لڳي ۽ خوش رهڻ لڳي.

سڄي ملڪ ۾ جشن ملهايو ويو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ شهزادي ۽ دوست جي پاڻ ۾ محبت ٿي ويئي ۽ بادشاهه هنن جي شادي ڪئي. بادشاهه کي رڳو اڪيلي ڌيءَ هئي، تنهنڪري بادشاهه دوست کي پنهنجي تخت و تاج جو وارث ڪرڻ ٿي گهريو، پر دوست کي اڃا هڪ سٺو ڪم ڪرڻو هو.

هو پنهنجيءَ زال کي ساڻ ڪري انهيءَ پوٺي ڏانهن روانو ٿيو، جنهن جي ڳالهه لومڙيءَ ٻڌائي هئي. اتي هن کوٽائي ڪري مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ جو چشمو ڳولي ڪڍيو ۽ هڪ عاليشان محل ٺهرايو. ٿورن ئي ورهين ۾ اها جاءِ دنيا جو هڪ خوبصورت باغ ٿي پيئي.

هڪڙي ڏينهن دوست پري کان هڪ سوار کي ڏٺو. جڏهن هن جي ويجهو پهتو ته دوست هن کي سڃاتو. اهو هن جو پراڻو سفر جو ساٿي ”دشمن“ هو. دشمن دوست کان پڇيو، ”ڀلا توکي زندگيءَ ۾ ايتري ڪاميابي ڪيئن ٿي؟“ انهيءَ دوست هن کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي دشمن کي دوست جي قسمت تي ڏاڍو حسد ۽ ساڙ ٿيو ۽ هن به ڦٽل چڪيءَ ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو ته جيئن اتي جي جانورن جي ڳالهين مان ڪي نوان راز هٿ اچن ۽ اهڙيءَ طرح دوست وانگر ڪا دولت ۽ مال خزانا هٿ لڳن.

اهو سوچي هو پراڻي چڪيءَ ۾ ويو ۽ ڪنڊ ۾ پيل پٿر جي پٺيان لڪي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ شينهن، چيتو، بگهڙ ۽ لومڙي چڪيءَ ۾ آيا. دشمن ڏاڍو خوش ٿيو ته هاڻي ڪنهن نه ڪنهن راز جي مون کي به خبر پئجي ويندي.

شينهن چيو ته، ”مون کي ماڻهوءَ جي بوءِ پيئي اچي.“ چيتي چيو ته، ”اِهو ماڻهو اُهو ئي هوندو، جنهن اڳي اسان جي راز جون ڳالهيون ٻڌي ورتيون هيون.“ انهن جانورن کي خبر پئجي ويئي هئي ته ڪنهن ماڻهوءَ ڪوئن جو خزانو چورايو آهي، تنهنڪري سڀني شينهن جي ڳالهه کي سچ سمجهيو.

بگهڙ چيو، ”پڪ سان اهو ساڳيو ماڻهو هتي ڪنهن هنڌ لڪو ويٺو آهي.“

لومڙيءَ چيو، ”اچو ته هن کي ڳولي هٿ ڪريون.“ پوءِ ٿوريءَ ڳولا ڪرڻ کان پوءِ پٿر جي پٺيان دشمن ڏسڻ ۾ آيو. جانورن هن کي اتان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ هن جا چار ٽڪرا ڪري هر هڪ جانور پنهنجو پنهنجو حصو آرام سان کائي ڇڏيو.

اهڙيءَ طرح ”دشمن“ پنهنجو ڪيتو لوڙيو. هوڏانهن دوست پنهنجي حياتي کلندي ۽ خوش رهندي گذاري.

__________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو :4  
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

ڪانگ ۽ جهرڪي

بنگلاديش جي ڪهاڻي

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي جهرڪيءَ جي هڪڙي ڪانگ سان دوستي ٿي ويئي. هڪڙي ڏينهن ٻئي پکي کاڌي جي ڳولا ۾ هئا. ڪانگ ڏٺو ته هڪ تڏي تي مرچون سڪڻ لاءِ پکڙيون پيون آهن. اهو ڏسي ڪانگ جهرڪيءَ کي چيو ته، ”هيڏانهن ته ڏس، سامهون مرچون پکڙيون پيون آهن. ڏسون ته پاڻ مان ڪير ٿو گهڻيون مرچون کائي.“

”منظور آهي!“ جهرڪيءَ جواب ڏنو.

ڪانگ چيو، ”جيڪو گهڻيون مرچون کائيندو، اهو ٻئي کي به کائي ويندو.“

اهو ٻڌي جهرڪيءَ کلي ڏنو. پر پوءِ ڪانگ جو شرط مڃي ويئي، جو هن سمجهيو ٿي ته ڪانگ چرچو پيو ڪري. ڀلا ڪڏهن دوستن به هڪ ٻئي کي کاڌو آهي! اهو خيال ڪري جهرڪيءَ مرچون ايمانداريءَ سان کائڻ شروع ڪيون، پر ڪانگ بي ايماني ڪئي. هن هڪ مرچ کاڌي ٿي ته ٽي مرچون جهرڪيءَ جي نظر کان لڪائي، تڏي جي هيٺان لڪائي ٿي ڇڏيون.

پڇوءِ ڪانگ چيو، ”واهه واهه، آءٌ ته کٽي ويس. هاڻي آءٌ توکي به کائيندس.“

اتي جهرڪيءَ کي به پڪ ٿي ته ڪانگ سچ پچ مون کي به کائڻ گهري ٿو.

جهرڪيءَ چيو، ”ٺيڪ آهي، آءٌ پنهنجي انجام تي قائم آهيان، پر مون کي کائڻ کان اڳ تون پنهنجي چهنب ڌوئي صفا ڪري، سڀني کي خبر آهي ته تون ڪنو پکي آهين ۽ سڄو ڏينهن ڪِن ڪچرو پيو کائيندو آهين.“

”درياءَ ڙي درياءَ!

مون کي پاڻي ڏي،

چهنب ڌُئان تنهن سان،

اَڇو اُجرو ٿيان،

جهرڪي کائي سگهان.“

اهو ٻڌي درياءَ جواب ڏنس، ”توکي پاڻي گهرجي؟ ٺيڪ آهي، پر سڀئي چون ٿا ته تون ڪِن ڪچرو کائيندو رهندو آهين. هاڻي جيڪڏهن تون منهنجي پاڻيءَ سان پنهنجي چهنب ڌوئڻ گهرين ٿو ته هڪڙو پيالو کڻي آءُ، ان ۾ پاڻي ڀري  پوءِ پنهنجي چهنب صاف ڪر. تنهنڪري پهرين پيالو کڻي، پوءِ توکي جيترو پاڻي کپي، کڻي وڃ.“

اتان ڪانگ اڏاڻو ۽ ڳوٺ ۾ ڪنڀار وٽ وڃي چوڻ لڳو:

”ڪنڀر ڙي ڪنڀر!

پيالو ٺاهي ڏي،

جنهن ۾ پاڻي ڀريان،

چهنب ڌُئان تنهن سان،

اَڇو اُجرو ٿيان،

جهرڪي کائي سگهان.“

ڪنڀار چيس، ”توکي هڪڙو پيالو کپي، ٺيڪ آهي، پر مون کي مٽي ڪانهي. تون مون کي ٿوري آلي مٽي آڻي ڏي، آءٌ توکي ان مان پيالو ٺاهي ڏيندس.“

ڪانگ هڪڙي کليل ميدان ڏانهن ويو ۽ اتي پنهنجيءَ چهنب سان مٽي کوٽڻ لڳو.

زمين چوڻ لڳي، ”سڄي دنيا کي خبر آهي ته تون ڪِن ڪچرو کائيندو آهين، تنهنڪري آءٌ توکي پنهنجي انهيءَ چهنب سان مٽي کوٽڻ جي اجازت نه ڏينديس، البت تون ٽيڪم سان مٽي کوٽي سگهين ٿو.“

هاڻي ڪانگ لوهار وٽ آيو، جيڪو ڪنهن گاڏيءَ جي ڦيٿي ٺاهڻ ۾ رُڌل هو. ڪانگ هن کي ڏسي چيو:

”لوهار ڙي لوهار!

ٽيڪم ٺاهي ڏي،

مٽي ان سان کوٽيان،

ان مان پيالو ٺهرايان،

جنهن ۾ پاڻي ڀريان،

چهنب ڌُئان تنهن سان،

اَڇو اُجرو ٿيان،

جهرڪي کائي سگهان.“

لوهار جواب ڏنس، ته ”توکي ٽيڪم گهرجي؟ چڱو ٺيڪ آهي. پر ڳالهه هيءَ آهي ته منهنجي بٺيءَ ۾ باهه ته آهي ئي ڪين، جيڪڏهن تنهنجي مرضي آهي ته آءٌ تنهنجي لاءِ ٽيڪم ٺاهيان ته پوءِ مون کي ڪٿان باهه آڻي ڏي.

لوهار جي دڪان جي ڀرسان هڪڙي ڪڙميءَ جو گهر هو. ڪانگ اڏامي اتي ويو. ڪڙميءَ جي گهر واري اڱڻ ۾ ويٺي چانور رڌيا. هن کي ڪانگ چيو:

”ڪڙميءَ جي زال!

مون کي باهه ڏي،

ته ٽيڪم ٺهرايان،

مٽي ان سان کوٽيان،

ان مان پيالو ٺهرايان،

جنهن ۾ پاڻي ڀريان،

چهنب ڌُئان تنهن سان،

اَڇو اُجرو ٿيان،

جهرڪي کائي سگهان.“

ڪڙميءَ جي زال وراڻيو، ”توکي باهه گهرجي! چڱو ڀلا کڻ، پر تون باهه ڪيئن کڻي ويندين؟“

ڪانگ چيو ته، ”تون باهه منهنجي پـُٺن تي رک ته کڻي وڃان.“

انهيءَ تي ڪڙميءَ جي زال باهه کڻي ڪانگ جي پٺن تي رکي. باهه رکڻ شرط ڪانگ جا کنڀ ڀڙڪو کائي سڙڻ لڳا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي لالچي ڪانگ سڙي رک ٿي ويو، پر ايماندار جهرڪي زندگيءَ جا ڏينهن ڏاڍي آرام ۽ خوشيءَ سان گذاريندي رهي ۽ جهور پوڙهي ٿي مـُئي.

_________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 5 
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

جنت ڏانهن شاهي سفر

ڀارت جي ڪهاڻي

پراڻي زماني ۾ هڪڙو ٿلهو ۽ بيوقوف راجا هوندو هو. راجا جو وزير وري بت جو سنهڙو پر تمام چالاڪ ۽ تکو هوندو هو. وزير پنهنجي چالاڪيءَ سان راجا کي پنهنجي وس ۾ ڪري ڇڏيو ۽ راجا به هر ڪم ۾ هن تي ئي ڀروسو ڪرڻ لڳو.

راجا پنهنجي وزير کي چوندو هو، ”انجام ڪر ته تون مون کي ڪڏهن به ڇڏي نه ويندين.“

انهيءَ تي وزير سدائين جواب ۾ چوندو هو، ”مهاراج! ڀلا ائين به ڪڏهن ٿيندو، هرگز نه. اوهان جتي به هوندوء، کڻي هِن دنيا ۾، بهشت ۾ يا دوزخ ۾، آءٌ سدائين اوهان سان گڏ هوندس.“ وزير جو اهو جواب ٻڌي راجا جون واڇون ئي ٽڙي پونديون هيون.

هڪڙي ڀيري شام جو راجا درياءَ جو سير ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي محل ڏانهن واپس پئي آيو. هر روز وانگر ان ڏينهن به وزير هن سان گڏ هو. اوچتو هن رستي جي پاسي کان جهنگ ۾ لومڙين جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو. انهيءَ تي راجا کي اچرج لڳو ۽ پنهنجي وزير کان پڇڻ لڳو ”هي ايتريون لومڙيون ڪهڙي سبب کان ايڏو گوڙ پيون ڪن؟“

وزير وراڻيو، ”مهاراج! هن ڀيري سيءُ ڏاڍو گهڻو پيو آهي. ويچارين لومڙين وٽ سيءُ کان بچڻ لاءِ ڪو به گرم ڪپڙو ڪونهي، تنهنڪري اوهان کان ڪمبل گهرڻ لاءِ رڙيون پيون ڪن.“

راجا چيو، ”اها ڳالهه آهي. پر انهن کي ڪمبل ڇو نه مليا؟“

وزير جواب ۾ چيو، ”انهيءَ کاتي جي وڏي عملدار کان غلطي ٿي آهي.“ حقيقت هيءَ هئي ته انهيءَ عملدار سان وزير جي سخت دشمني هئي، تنهنڪري هن وجهه وٺي هن جي برخلاف ڳالهايو.

اهو ٻڌي راجا حڪم ڪيو ته، ڪيڏي نه شرم جي ڳالهه آهي! انهيءَ عملدار اسانجن پيارين لومڙين کي ڪمبل به ڪونه ڏنا! هاڻي انهيءَ عملدار کي هڪ ڪمبل ۾ ويڙهي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته ڀلي ٻڏي مري. پوءِ هڪ سئو ڪمبل خريد ڪري هنن لومڙين کي ڏيو ته سيءَ کان بچن.

راجا جو اهو حڪم ٻڌي وزير کڙين تي زور رکيو، پر هن راجا جو سڄو حڪم مڃڻ بدران اڌ حڪم مڃيو. اهو هيئن ته وزير انهيءَ عملدار کي ڪمبل ۾ ويڙهائي سمنڊ ۾ اُڇلرائي ڇڏيو، پر ڪمبلن خريد ڪرڻ لاءِ شاهي خزاني مان پئسا ڪڍرائي ڪمبل خريد ڪرڻ جي بدران پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.

ٻئي ڏينهن شام جو راجا وري لومڙين کي رڙيون ڪندي ٻڌو. انهيءَ تي هن حيران ٿي وزير کان ان جو سبب پڇيو، ”هاڻي انهن کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ وري ڇالاءِ پيون دانهون ڪوڪون ڪن؟“

وزير کلندي عرض ڪيو ته، ”مهاراج! هاڻي لومڙيون اوهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ نعرا پيون هڻن.“

راجا وراڻيو، ”آءٌ ڪيترو نه خوش قسمت آهيان! منهنجي خيال ۾ ڪنهن به راجا وٽ تو جهڙو سياڻو وزير نه هوندو. اي منهنجا دوست! تون انجام ڪر ته مون کي ڪڏهن به ڇڏي نه ويندين.“

وزير راجا کي پڪ ڏياريندي چيو، ”ڪڏهن به نه مهاراج! ڪڏهن به نه. اوهان جتي به هوندوء، هِن دنيا ۾ يا هـُن دنيا ۾، بهشت ۾ يا دوزخ ۾، آءٌ سدائين اوهان سان گڏ هوندس.“

راجا ڏاڍو خوش ٿيو. پر هن جي اها خوشي گهڻو وقت نه هلي. اوچتو هڪ ننڍو سوئر جهنگ مان نڪري هڪ طرف ڀڳو. راجا اڳ ڪڏهن به سوئر نه ڏٺو هو، تنهنڪري حيرت ۾ پئجي چوڻ لڳو، ”يا خدا، خير ڪجانءِ! هيءَ وري ڪهڙي مخلوق آهي؟“

وزير کي ته انهيءَ مخلوق جي چڱيءَ طرح ڄاڻ هئي. پر هن ڏاڍي آرام سان جواب ڏنو، ”مهاراج! اهو اوهان جوئي هڪ هاٿي آهي. ان جو اهڙو حال انهيءَ ڪري ٿيو آهي جو هاٿين جي وڏي عملدار ويچاري کي پوريءَ طرح خوراڪ ڪانه ڏني.

اهو ٻڌي راجا ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ هن حڪم ڏنو ته انهيءَ عملدار کي هڪدم مارايو وڃي. وري هن وزير کي حڪم ڪيو ته توکي جيڪا به رقم گهرجي، اها خزاني مان وٺي غريب جانور جي کاڌ خوراڪ جو مناسب بندوبست ڪر.

وزير وري شاهي خزاني مان پئسا ڪڍرايا ۽ سڀئي پنهنجي ئي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.

 هڪڙي مهيني کان پوءِ هڪڙي شام جو راجا پنهنجي وزير سان گهمي ڦِري واپس پئي آيو ته هن کي اهوئي سوئر ڏسڻ ۾ آيو. راجا حيران ٿي وزير کان پڇيو، ”ڇا هيءُ اهوئي بکيو هاٿي آهي، جنهن کي اسان ان ڏينهن ڏٺو هو؟ پر هيءُ هاٿي ٿلهو متارو ڇو نه ٿيو آهي؟“

وزير واڇون ٽيڙي ايڏو ته زور سان کليو جو هن جا ٻٽيهه ئي ڏند پئي ڏسڻ ۾ آيا. پوءِ هن راجا کي جواب ڏنو ته، ”هاڻي ته اهو هاٿي کائي پي مهاراج وانگر ٿلهول متارو ٿي پيو آهي. اهو جانور جيڪو مهاراج اوهان ڏسو پيا، اهو حقيقت ۾ هڪ ڪُوئو آهي، پر راڄ محل جي بورچيخاني مان سڻڀا مال کائي کائي ههڙو ٿلهو متارو ٿي پيو آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته اوهان جو بورچي چڱيءَ طرح ڪم ڪار نٿو ڪري.“

 راجا جو گول گپي جهڙو بيوقوف چهرو هڪدم ڳاڙهي مرچ وانگر سرخ ٿي پيو. هن اکيون گول ڦيرائيندي ڏاڍيءَ ڪاوڙ مان چيو ته، ”ڪيتري نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان جي بورچيءَ جي نالائقيءَ ۽ ڪم چوريءَ جي ڪري اسان جو سڀئي سٺو کاڌو ڪوئو کايو وڃي!“ پوءِ راجا هڪدم حڪم ڏنو ته بورچي جيئن ئي اسان جي ماني ٺاهي تيار ڪري هن کي ڦاهي ڏني وڃي.

شام ٿيندي ئي بورچي لڪي لڪي وزير وٽ آيو ۽ هن کي هڪ وڏي رقم رشوت ۾ ڏني. بورچيءَ هن سان اهو انجام به ڪيو ته جيڪڏهن وزير بورچيءَ جي جان بچائي ته هو راجا جي لاءِ جيڪي خاص پڪوان ٺاهيندو آهي، انهن مان وزير ڏانهن به موڪليندو رهندو.

اهو ٻڌي وزير ڏاڍو خوش ٿيو. هن بورچيءَ کي چيو ته، ”تون ڪا به ڳڻتي فڪر نه ڪر. آءٌ پاڻي مـُنهن ڏيندس.“

آڌيءَ رات جو جڏهن راجا جي سامهون بورچيءَ کي ڦاهي اچڻ واري هئي، تڏهن وزير پري کان رڙيون ڪندو ڊوڙندو آيو، ”ترسو، ترسو“.

اتي پهچي وزير راجا کي هٿ ٻڌي عرض ڪرڻ لڳو ته، ”مهاراج! مون اجهو هينئر جنتري ڏٺي آهي ۽ مون کي خبر پئي آهي ته آڌيءَ رات جو هيءُ وقت تمام سڀاڳو هوندو آهي. هن وقت جيڪو به شخص ڦاهيءَ تي چڙهندو، اهو سڌو جنت ۾ ويندو، تنهنڪري مهاراج! بورچيءَ کي ههڙي سدوري وقت ڦاهيءَ تي چاڙهڻ ته ڪا سزا نه ٿيندي، اهو ته مرڳو هن جي لاءِ هڪ انعام ٿيندو. ڀلا اسان کي ڪهڙي پيئي آهي جو اسين هڪڙي ٺڳ کي جنت ڏانهن اماڻيون!“

اهو ڏسي وزير جون اکيون ڦاٽي ويون ته راجا خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ ئي نٿي ماپيو ۽ هڪدم وزير کي چوڻ لڳو، ”واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي، واهه واهه! گهڻي وقت کان منهنجي مرضي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جنت ڏسان. پر ٿورو ترسو.“

هاڻي هن وزير ڏانهن ڏسي چيو، ”منهنجا مٺڙا دوست! تو ڪيترائي ڀيرا مون سان انجام ڪيو هو ته، آءٌ جيڏاهن به ويندس ته تون مون سان گڏ هلندين. هاڻي آءٌ جنت ڏانهن پيو وڃان. هاڻي تون مون کي رستو ڏيکاريندو منهنجي اڳيان هل. اڙي جلاد! پهرين هن کي ڦاهيءَ تي چاڙهه.“

. . . . پهريدارن ڦاهيءَ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ جلاد رسيءَ کي وٺي زور سان ڇڪيو.

 اهو ٻڌندي ئي وزير جي پيرن هيٺان زمين کسڪي ويئي. انهيءَ کان اڳ جو هو ڪي چوي، پهريدارن ڦاهيءَ جو ڦندو هن جي ڳچيءَ ۾ وڌو ۽ جلاد رسيءَ کي وٺي زور سان ڇڪيو. اهو ڏسي راجا کي ڏاڍي خوشي ٿي ته منهنجي حڪم تي هڪدم عمل ڪيو ويو.

وزير کي ڦاهيءَ تي چاڙهڻ کان پوءِ جلاد هڪدم راجا کي به ڦاهيءَ تي چاڙهي ڇڏيو، ڇا لاءِ ته راجا جي به اهائي مرضي هئي. 

ڇا هنن جنت ڏٺي؟ خير، اسان کي ڪهڙي خبر……!

 
سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 6 
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

شينهن ۽ ڪـُڙميءَ جي زال

پاڪستان جي ڪهاڻي

هڪڙي ڪڙميءَ پنهنجي  ٻنيءَ ۾ پئي هر هلايو ته هن جي اڳيان هڪڙي شينهن اچي چيو، ”السلام عليڪم! ڀائو، ڪر خبر، ڇا حال آهي؟“ ڪڙميءَ جواب ۾ چيو، ”وعليڪم السلام! ڀائو، آءٌ چڱو ڀلو آهيان. تنهنجي مهرباني آهي.“ ائين چوندي ڪڙمي ڊپ وچان ڏکڻ لڳو.

شينهن چيو، اهو ٻڌي مون کي خوشي ٿي آهي ته تون چڱو ڀلو آهين. ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ مون کي خدا تنهنجن ٻنهي ڍڳن کي کائڻ لاءِ موڪليو آهي. تون پاڻ خدا ترس ٿو ڏسجين، تنهنڪري هڪدم پنهنجا ٻئي ڍڳا منهنجي حوالي ڪر“.

ڪڙميءَ پڇيو، ”شايد سائين جن کان ڪا ڀـُلَ ته نه ٿي آهي؟“ ڪڙميءَ جي پيٽ ۾ اهو ٻڌي ساهه پيو هو ته شينهن مون کي نه پر منهنجن ڍڳن کي کائڻ گهري ٿو. تنهنڪري هن شينهن کي چيو، ”خدا مون کي وري حڪم ڏنو آهي ته آءٌ هن زمين تي هر هلايان. هاڻي ڍڳن کان سواءِ هر ڪيئن هلندو؟ تنهنڪري مناسب ٿيندو ته اوهان مهرباني ڪري واپس وڃو ۽ خدا وٽان پوريءَ طرح ڳالهه سمجهي اچو ته سندس ڪهڙو حڪم مڃجي؟“

انهيءَ تي شينهن ڪاوڙجي ڪڙميءَ کي چيو، ”هاڻي دير نه ڪر. پنهنجا ٻئي ڍڳا وٺي اچي منهنجي اڳيان حاضر ڪر.“ اهو چئي شينهن پنهنجا چـَنبا ۽ ڏند اهڙيءَ طرح تيز ڪرڻ لڳو، جو ڪڙمي اصل دهلجي ويو.

ڪڙميءَ ويچاري هٿ ٻڌي شينهن کي عرض ڪيو ته، ”اي شينهن شير خدا جاٰ منهنجن ڍڳن جي جان بخش ڪر. انهن جي بدران آءٌ اوهان جي اڳيان پنهنجي زال جي ٿلهي متاري ڍڳي حاضر ڪريان ٿو.“

ڪڙميءَ جي اها ڳالهه شينهن قبول ڪئي، جنهن تي ڪڙمي ڍڳن جي جوڙيءَ کي هڪليندو تڪڙو تڪڙو پنهنجي گهر ويو. هو ڍڳن کي پاڻ سان انهيءَ ڪري وٺي ويو ته متان شينهن انهن کي ماري کائي نه ڇڏي. ڪڙميءَ جي زال هڪ سگهڙ ۽ محنتي مائي هئي. هن جو ڏٺو ته ڪڙمي اڄ سويل ئي ٻنيءَ تان واپس پيو اچي ته هن رڙ ڪري چيو، ”اڙي ميان! ڪم کان ڇو ڀڳو آهين. مون ته اڃا هينئر گهر جو ڪم شروع ڪيو آهي ۽ تون آهين جو هينئر ئي ٻنيءَ تان ڀڳو اچين؟“

ڪڙمي ويجهو اچي زال کي شينهن جي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي. جڏهن هن ٻڌايو ته ڍڳن کي بچائڻ لاءِ مون هن کي تنهنجي ڍڳِي ڏيڻ جو انجام ڪيو آهي، ته اهو ٻڌي زال رڙيون دانهون ڪري چوڻ لڳي، ”مت ته ڪانه کسي اٿئي، پنهنجي پوڙهن ۽ ڏُٻرن ڍڳن کي بچائڻ لاءِ شينهن کي منهنجي ههڙي ملوڪ ڍڳِي ڏيڻ مان تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ڍڳي ويئي ته ٻارن کي کير ڪير ڏيندو؟ ۽ گهر ۾ گيهه مڱڻ کان سواءِ رڌ پچاءُ ڪيئن ٿيندو؟“

ڪڙميءَ جواب ڏنو، ”اِهي! تنهنجيون ڳالهيون سڀ سچيون. پر تون ئي ٻڌاءِ ته اناج کان سواءِ ماني ڪيئن ٺهي سگهندي؟ ڇا ڍڳن کان سواءِ اسان کي اناج ملي سگهي ٿو؟ ۽ ڇا هر هلائڻ کان سواءِ ٻنيءَ مان فصل حاصل ڪري سگهجي ٿو؟ ڏُڌ مکڻ کان سواءِ گذارو ڪيئن ٿي سگهندو. تنهنڪري هاڻي وقت نه وڃاءِ، اُٿي ڍڳي ڇوڙي منهنجي حوالي ڪر.“

زال ڪاوڙ وچان وراڻيو ته، ”ميان! تون ته بنهه مت جو موڙهو ٿو ڏسجين. جيڪڏهن تو ۾ ٿوري به ڪا مت هجي ها ته انهيءَ عذاب مان جان ڇڏائڻ جي ڪا حرفت ضرور هلائين ها.“

زال جو اهو مهڻو ٻڌي هو تپي باهه ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو، ”تون ته وڏي عقلمند آهين. ڀلا تون ئي ڪا اٽڪل ٻڌاءِ.“

”ته اِها ڳالهه ڪر نه. هاڻي آءٌ ٿي توکي اٽڪل ٻڌايان. پر آءٌ جيڪي چوان، توکي ائين ئي ڪرڻو پوندو. سمجهيئي! تون هتان سڌو شينهن وٽ وڃ ۽ هن کي چئو ته ڍڳي مون سان نٿي اچي، پر منهنجي زال هن کي وٺيو پيئي اچي.“

ڪڙميءَ کي جيئن زال سمجهايو، هن به ائين ئي ڪيو. هو جڏهن ٻنيءَ ۾ پهتو ته ڏسي ته بک وچان اڃا تائين شينهن پنهنجا چنبا ۽ ڏند پيو تکا ڪري. شينهن جو ٻڌو ته اڃا به مون کي ڍڳيءَ جي لاءِ ترسڻو پوندو ته ڪاوڙ وچان گجگوڙ ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجو پڇ زور زور سان زمين تي هڻڻ لڳو. هو پنهنجون مـُڇون هر هر وٽي ڪڙميءَ کي وڌيڪ ڊيڄارڻ لڳو. اهو ڏسي ڪڙمي ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو.

جڏهن ڪڙمي گهر مان هليو ويو، تڏهن هن جي زال سڌي ڪـُڙهه ۾ ويئي ۽ پنهنجي مڙس جا سـُٺا ڪپڙا پائي، مٿي تي وڏو ۽ ڊگهو پڳڙ ٻڌو ته جيئن هوءَ ڏسڻ ۾ ڊگهي اچي. پوءِ هوءَ گهوڙيءَ تي زين ٻڌي ٻاهر نڪتي ۽ ان تي چڙهي ٻنيءَ ڏانهن ان پاسي ويئي، جتي شينهن بيٺو هو.

هوءَ هڪڙي بهادر مرد وانگر وڏي شان شوڪت سان اڳيان وڌندي ويئي، ۽ جڏهن هوءَ ان هنڌ پهتي، جتان ٻنيءَ ڏانهن رستو ٿي ويو، تڏهن هن ڪڙڪو ڪري چيو، ”ياخدا! منهنجي کائڻ لاءِ هن ٻنيءَ ۾ هڪڙو شينهن موڪل! ڪالهه صبح مون ٽن شينهن جو گوشت نيرن تي کاڌو هو. ان وقت کان وٺي هن وقت تائين مون هڪڙي شينهن جو به گوشت نه چکيو آهي. هاڻي ته مون کي سخت بک لڳي آهي.“

اهي لفظ جڏهن شينهن ٻڌا ۽ ڏٺو ته انهن لفظن چوڻ وارو گهوڙي تي سوار بنان ڪنهن ڊپ جي ڌوڪيندو اچي ته هن جون وايون ئي بتال ٿي ويون. شينهن ايترو ته ڊنو جو پـُڇ پائي سڌو جهنگ ڏانهن وٺي ڀڳو. ڀڄڻ وقت هن پنهنجي دوست گدڙ جو به خيال نه ڪيو ۽ ان تان ٽپ ڏيندو ڀڄي ويو. ياد رکڻ گهرجي ته شينهن هميشه پاڻ سان گڏ گدڙ کي به کڻندو آهي، جنهن جو ڪم هيءُ هوندو آهي ته جڏهن شينهن کائي پيٽ ڀري اٿندو آهي، تڏهن باقي بچيل هڏيون هو کائي چٽ ڪندو آهي.

گدڙ رڙ ڪري شينهن کان پڇيو، ”منهنجا سائين! منهنجا مالڪ! تون ڪيڏانهن ڊوڙندو وڃين؟“

شينهن، جيڪو ڀڄندو پئي ويو، تنهن سهڪندي سهڪندي جواب ڏنو، ”ڀڄ ڙي ڀڄ، گدڙ! جهنگ ۾ اڄ اهڙو ته خوفناڪ ڀوت آيو آهي، جيڪو رڳو نيرن تي ٽي شينهن کائي اوڳرائي به نٿو ڏئي.“ اهو ٻڌي گدڙ کِلي ڏنو، پر هڪدم پنهنجي کِل روڪي چوڻ لڳو، ”اُس ۾ اوهان جون اکيون چنجهيون ٿي ويون آهن. گهوڙيءَ تي ڀوت ڪونهي، پر ڪڙميءَ جي زال مردانا ڪپڙا پائي چڙهي آئي آهي.

انهيءَ تي شينهن ٿورو ترسي چيو، ”ڇا توکي پڪ آهي؟“ گدڙ هڪدم وراڻيو، ”مون کي پوري پڪ آهي. جڏهن اوهان جيون اکيون اُس ۾ چنجهيون نه ٿين ها، ته اوهان هن جي چيلهه تي ڊگهن وارن جون لڙڪيل چوٽيون ضرور ڏسو ها!“

ڊڄڻي شينهن پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪندي چيو، ”پر تنهنجي نظر به ته غلطي ڪري سگهي ٿي. هو ته بلڪل ڀوت وانگر پيو ڏسجي.“

گدڙ پنهنجي ڇاتي ڪڍي چيو، ”پر هن کان ڊڄي ڪير ٿو؟ هلو ته پاڻ اتي گڏجي هلون.“ شينهن ڊڄندي ڊڄندي جواب ڏنو، ”نه، نه. تون اتي مون کي اڪيلو ڇڏي ڀڄي ويندين.“

گدڙ شينهن کي خاطري ڏياريندي چيو، ”اوهان کي جيڪڏهن شڪ آهي ته آءٌ پنهنجو پڇ اوهان جي پڇ سان ٻڌي ٿو ڇـڏيـان. پـوءِ تـه اوهـان کـي اتـي ڇڏي آءٌ ڀڄي ڪونه سگهندس.“ حقيقت ۾ گدڙ جي اها مرضي نه هئي ته شينهن پنهنجو شڪار پورو ڪري ته مون کي هڏيون چٻاڙڻ لاءِ نه ملن.

گدڙ جي اها ڳالهه شينهن قبول ڪئي. پوءِ هنن ٻنهي پنهنجا پـُڇ ملائي ڇڪي پاڻ ۾ ٻڌي ڇڏيا ۽ هڪ ٻئي جي ڪلهن تي ٻانهون رکي اڳتي هليا.

ان وقت ڪڙمي ۽ هن جي زال اڃا ٻنيءَ ۾ هئا ۽ شينهن کي سولائيءَ سان بيوقوف بنائي ڀڄائڻ واري ڳالهه تان پئي کليا. ايتري ۾ هنن سامهون ڏٺو ته شينهن ۽ گدڙ پنهنجا پـُڇ پاڻ ۾ ٻڌيو، ٻانهن ۾ ٻانهن وجهيو، سندن پاسي پيا اچن.

اهو ڏسي ڪڙمي رڙ ڪري چيو، ”زال! ڀڄ ته ڀڄون، نه ته مري وينداسون.“

ڪڙميءَ جي زال دل ٻڌي ۽ مڙس کي چيو، ”ميان! دل ڇو لاٿي اٿئي؟ ڇا ٿيو آهي جو هانءُ ڦاڙي رڙيون پيو ڪرين. ٿورو صبر ڪر.“

ائين چئي ڪڙميءَ جي زال ماٺ ڪري شينهن ۽ گدڙ جي ويجهو اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. جڏهن ٻئي هن جي بلڪل سامهون پهتا، تڏهن هن ڏاڍي نرميءَ سان گدڙ کي چيو، ”واهه ڙي گدڙ واهه. تون سچ پچ ته ڏاڍو سٺو ۽ سچو آهين. تون منهنجي لاءِ هڪ تمام ٿلهو متارو شينهن جهلي آيوآهين. آءٌ ٿوري دير ۾ ئي هن جو سمورو گوشت کائي ٿي چَٽ ڪريان. پوءِ تون مزي سان هن جون هڏيون پيو کائجانءِ.“

ڪڙميءَ جي زال جي اها ڳالهه ٻڌي شينهن کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ هن کان ڳالهه وسري ويئي ته سندس پـُڇ گدڙ جي پڇ سان ڇڪي ٻڌل آهي. شينهن تمام زور سان ٽپ ڏنو ۽ گدڙ کي پنهنجي پٺيان گهليندو هڪ پاسي ڀڄڻ لڳو. شينهن ايترو ته ڊنل هو جو پٿرن، ڇـِپـُن، ڪَنڊن، ڪِرڙن، رهڙن، رهنڊن، مطلب ته ڪنهن به شئي جو هوش نه رهيس. هو ٽپن تي ٽپا ڏيندو ڀڄندو ويو. نيٺ گدڙ دانهون ڪوڪون ۽ آزي نيزاري ڪئي، پر شينهن جو تيزيءَ سان پٿر ۽ ڇِپون ٽپندو ويو، تنهن جو ڪنهن پٿر يا ڇِپ جي ٿِڙي ڪرڻ جو آواز ٿي ٻڌو ته ويتر ٿي ڊنو ۽ ويتر ٿي زور زور سان ڀڳو. گدڙ جي دانهن مٿان دانهن لڳي پيئي هئي. پر شينهن ڪٿي ٿو ٻـُڌي ۽ اکين پوريو ڪَنڊن ڪِرڙن ۽ پٿرن تان گدڙ کي گهليندو تيز ڀڄندو ويو. نيٺ شينهن به سهڪي سهڪي ماندو ٿي پيو ۽ پٿرن تي ڪِري پيو. گدڙ ويچارو ته ڪڏهوڪو رتوڇاڻ ٿي مري ويو هو.

ان ڳالهه کان پوءِ ڪڙميءَ ۽ هن جي زال کي وري ڪنهن به شينهن ڪونه ستايو.

____________

 سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 7 
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

هڪڙو پئسو ۽ مڪاٽو

ٿائي لينڊ جي ڪهاڻي

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ ڇوڪرو ”مڪاٽو“ نالي هوندو هو. هو يتيم ٻار هو. هن جي ننڍي هوندي، سندس ماءُ پيءُ مري ويا، تنهنڪري هن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ نه هن جو ڪو ڀاءُ نه ڀيڻ هئي ۽ نه مٽ مائٽ ۽ نه وري ڪو سنگتي ساٿي. وڏو ٿيو ته پيٽ پالڻ لاءِ ويچاري کي پاڻ محنت مزدوري ڪرڻي پيئي. هن هر قسم جي مزدوري ۽ ڪم ڪار ڪيو. هو ڪڏهن ماڻهن جو ڳرو سامان هڪڙي هنڌان ڍوئي ٻئي هنڌ پهچائيندو هو، ڪڏهن جهنگ وڍي صفا ڪندو هو ۽ ڪڏهن جانورن کي گاهه وغيره ڏيندو هو. مطلب ته مزدوريءَ جو ڪو به اهڙو ڪم نه هو، جيڪو هن نه ڪيو. پر هر ڪو ڪم دل لائي ڪندو هو ۽ هن ڪڏهن به ڪم کان نٽايو نه. اهڙي ڏکي مزدوريءَ جو اُجورو هن کي تمام ٿورو ملندو هو، پر هو تڏهن به خوش رهندو هو. هن کي چڱيءَ طرح خبر هئي ته ڪم نه ڪبو ته بک مرڻو پوندو. تنهنڪري هر ڪو ڪم سوچي سمجهي ۽ محنت سان ڪندو هو. ساڳئي وقت هو ڏاڍو کلڻو ملڻو ۽ چرچائي ڀوڳائي به هوندو هو، تنهنڪري هو جتي به محنت مزدوري ڪندو هو، اتي سڀئي هن کي ڀائيندا هئا.

هڪڙي شام، جڏهن موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي، تڏهن مڪاٽو هڪ وڏي بنڊ کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري واندو ٿيو. ٿوريءَ دير هو ساهه پٽڻ لاءِ ماٺ ڪري ويٺو ۽ سوچڻ لڳو ته آئندي ڇا ڪرڻ گهرجي. سندس خيال هو ته ڪن ڏورانهن ۽ اڻڄاڻ شهرن ۾ وڃي قسمت آزمائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هن کي نئين نئين ڪم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو.

ايتري ۾ سندس مالڪ آيو ۽ پڇڻ لڳس، ”پـُٽ! اڄ تون ايترو ڌيان سان ڇا پيو سوچين؟“

مڪاٽو پنهنجو ننڍو هٿ کڻي اُتر- اوڀر پاسي اشارو ڪندي جواب ڏنو، ”سائين، آءٌ ان پاسي وڃڻ گهران ٿو. مون ٻڌو آهي ته اتي زمين ڏاڍي ڀلي آهي ۽ اتي جا رهاڪو ڏاڍا نيڪ ۽ رحمدل آهن. جيڪر اهو ملڪ به آءٌ ڏسي سگهان!“ اهو چوندي هن جي اکين مان چلڪو ۽ چمڪو ڏسڻ ۾ آيو.

مالڪ ٻڌايس، جنهن هنڌ تون وڃڻ گهرين ٿو، ان کي سوکوٿائي چوندا آهن. ماڻهن جو چوڻ آهي ته سوکوٿائيءَ جو بادشاهه پراروانگ ڏاڍو رحمدل ۽ نيڪ آهي. جيڪڏهن تون اتي وڃي سگهين ته شايد تنهنجي قسمت جاڳي پوي.“

ٿورن ڏينهن کان پوءِ مڪاٽو پنهنجي قسمت آزمائڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجو ڳوٺ ڇڏي دنيا جي سير سفر ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. هو ڏاڍي مزي سان نوان نوان نظارا ڏسندو، رستي ۾ ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو، اڳتي وڌندو ويو. نيٺ هڪڙي مهيني جي سفر کان پوءِ هو سوکوٿائي ملڪ جي سرحد تي هڪڙي ڳوٺ ۾ پهتو.

اتي مڪاٽو کي هڪ پوڙهي مائي ڏسڻ ۾ آئي، جيڪا مٿي تي پاڻيءَ جو هڪ وڏو گهڙو کنيو پئي ويئي. هن کي ڏسي مڪاٽو چيو، ”مائي! مون کي ٿورو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏي. مون کي ڏاڍي اُڃ لڳي آهي.“

پوڙهي مائيءَ هڪ ننڍڙي وٽي ۾ مڪاٽو کي پاڻي ڏنو ۽ پوءِ هن کان پڇيائين، ”ٻچا! تون ڪٿان آيو آهين؟ تون ته بلڪل اڪيلو پيو لڳين. سمجهان ٿي ته ڪنهن پرانهين ملڪ مان آيو آهين.“

مڪاٽو پاڻي پي پنهنجي اُڃ اُجهائي ۽ مائيءَ جا ٿورا مڃيا.

پوڙهي مائيءَ وري پڇيس، ”تنهنجا ماءُ پيءُ ڪير آهن؟ ڇا تنهنجو ڪو به مٽ مائٽ ڪونهي؟“

مڪاٽو پوڙهيءَ کي ٻڌايو، ”نه منهنجي ماءُ آهي ۽ نه پيءُ، آءٌ ’مـُون‘ شهر مان آيوآهيان.“

”ياخدا! ڇا تون سچ پچ ’مـُون‘ شهر مان آيو آهين؟ پر سمجهه ۾ ڪونه ٿيو اچي ته تون اڪيلي سر ايڏو وڏو سفر ڪيئن ڪري هت پهتو آهين؟ اڃا نه تنهنجي عمر به ايتري ڪانهي!“

مڪاٽو وراڻيو، ”آءٌ سوکوٿائيءَ جي براروانگ کي ڏسڻ گهران ٿو. ماڻهو چون ٿا ته هو وڏو رحمدل بادشاهه آهي.“

پوڙهي مائيءَ چيو، ”تون وڏيءَ همت وارو ۽ پڪي ارادي وارو ٿو ڏسجين، مون سان اچ. ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ٿي سگهي ٿو ته تون پرار وانگ کي ڏسين.“

اهو ٻڌي مڪاٽو پوڙهي مائيءَ سان گڏ هليو ويو. هن دل ۾ ويچاريو ته آءٌ جيڪڏهن هن رحمدل پوڙهي مائيءَ جو ڪم ڪار ڪندس ته گهٽ ۾ گهٽ سمهڻ لاءِ ڪا جاءِ ۽ کائڻ لاءِ ماني ڀور ته ملي ويندو، ۽ جيڪڏهن قسمت ساٿ ڏنو ته بادشاهه کي ڏسڻ به نصيب ٿي ويندو.

انهيءَ پوڙهي مائيءَ جو مڙس پرار وانگ بادشاهه جو هڪڙو فيلبان هو. هو بادشاهه جي ٻين فيلبانن سان گڏجي سـَون هاٿين جي سنڀال ڪندو هو. مڪاٽو انهيءَ ڪم ۾ هن جي مدد ڪرڻ لڳو. هو ڏاڍي محنت سان ۽ دل لائي ڪم ڪندو هو، تنهنڪري فيلبان ۽ هن جي زال هن کي تمام گهڻو ڀائڻ لڳا.

هڪڙي ڏينهن آسمان تي سج پئي چمڪيو ۽ موسم ڏاڍي سٺي هئي. خبر نه آهي ته ڇو مڪاٽو کي ائين لڳو ته اڄوڪو ڏينهن نيڪ آهي. جڏهن هن هاٿين جي وٿاڻن جي صفائي پئي ڪئي ته هڪ ڊگهي قد وارو ماڻهو اندر آيو. هن کي تمام سٺا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هن سان ڪيترائي نوڪر چاڪر گڏ هئا. اهو ماڻهو پاڻ پرار وانگ هو. مڪاٽو هڪدم هٿ ٻڌي ادب سان هن کي سلام ڪيو. ان وقت هن جي دل زور زور سان پئي ڏڪي.

پوڙهي مائيءَ جو مڙس به ان وقت موجود هو، بادشاهه هن کان پڇيو، ”هيءُ ڇوڪرو ڪٿان آيوآهي؟“

فيلبان ادب سان جهڪي جواب ڏنو. ”بادشاهه سلامت! هيءُ ڇوڪرو ”مـُون“ شهر مان آيو آهي. هن اوهان جي واکاڻ ٻڌي هئي، تنهنڪري اوهان کي ڏسڻ جي لاءِ ايترو پري کان پنڌ هلي هت آيو آهي.“

”هن جي ڄمار ڪيتري ٿيندي؟“

”بادشاهه سلامت! هن جي ڄمار ٻارهن سال کن ٿيندي.“

بادشاهه خوش ٿيندي چيو، ”هيءُ تمام سٺو ۽ محنتي ڇوڪرو ڏسجي ٿو. تون هن جو چڱيءَ طرح خيال ڪجانءِ.“

پوءِ جيئن ئي بادشاهه اتان هليو ويو، ته مڪاٽو زمين تي هڪ پئسو پيل ڏٺو. هن هڪدم پئسو کينو ۽ ڊوڙي وڃي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. پر بادشاهه مـُرڪندي چيو ته ”اهو تون پاڻ وٽ رک.“

مڪاٽو سوچڻ لڳو، ”واهه، واهه. مزو ٿي ويو. بادشاهه مون کي هڪ پئسو ڏنو آهي.“

ان زماني ۾ سوکوٿائيءَ ملڪ جو سِڪو پئسو هوندو هو. جيتوڻيڪ هڪ پئسي جي ڪا به قيمت نه هئي، ان هوندي به مڪاٽو ان مان گهڻو فائدو حاصل ڪرڻ گهريو ٿي، جو  اهو پئسو بادشاهه کي سوکڙي ڪري ڏنو هو. ڪيترن ڏينهن تائين هن کي سمجهه ۾ ڪي به نه آيو ته ان ننڍڙي پئسي مان ڪهڙيءَ طرح فائدو حاصل ڪجي.

پوءِ هڪڙي ڏينهن بازار مان لنگهندي مڪاٽو ٻوٽن جي ٻجن جي دڪان وٽ پهتو. دڪان کي ڏسي هو مٿي چڙهيو ۽ هن کي هڪ ٽوڪري ڏسڻ ۾ آئي، جنهن ۾ سلاد جا ٻج رکيا هئا. هن سوچيو ته، ”سلاد! اهڙا ننڍا ننڍا ٻوٽا ته آءٌ به پوکي سگهان ٿو.“ پوءِ هن دڪان تي ويٺل هڪ کلمل مائيءَ کان پڇيو، ”ڇا آءُ سلاد جا ٻج خريد ڪري سگهان ٿو؟“

ان مائيءَ چيو، ”ڇو نه پٽ! توکي ڪيترا ٻج گهرجن؟“

مڪاٽو وراڻيو، ”مون وٽ ته رڳو هڪ پئسو آهي.“

مائيءَ کلندي چيو، ”بس، رڳو هڪ پئسو! ان سان ڪي به نٿو خريد ڪري سگهجي. آءٌ ته ايترا ٿورا ٻج توري به نٿي سگهان!“

مڪاٽو ڏاڍي شوق سان چيو، ”آءٌ پنهنجي آڱر ٻجن جي ڍير ۾ وجهان ٿو، پوءِ جيترا ٻج آڱر کي چهٽي پيا، اهي مون کي ان پئسي ۾ ڏي.“

مڪاٽو جي اها ڳالهه ٻڌي مائي ڏاڍو کلي ۽ چوڻ لڳي، ”چڱو، جيڪا تنهنجي مرضي. پنهنجي آڱر ٻجن ۾ وجهه“

انهيءَ تي مڪاٽو هڪ پئسو مائيءَ کي ڏنو ۽ پنهنجي آڱر وات ۾ وجهي پـُسائي ٻجن جي ڍير ۾ وڌي. جڏهن هن پنهنجي آڱر ٻجن جي ڍير مان ٻاهر ڪڍي ته سڄيءَ آڱر تي ٻج چنبڙيل هئا.

مڪاٽو آڱر تان ٻج سنڀالي لاٿا ۽ پنهنجي تريءَ تي رکي مـُٺ تي مضبوطيءَ سان بند ڪري کِلندو خوش ٿيندو اتان هليو.

هن کي جو ٻج مليا سو هن هڪدم زمين کوٽي ان ۾ ٻج  پوکي ڇڏيا. هو هر روز انهن کي پاڻي ڏيندو هو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ زمين مان ننڍا ننڍا گونچ ڦٽي آيا. پوءِ مڪاٽو ٿوري ٻي زمين صفا ڪري، کوٽي اتي ٻيا ٻج پوکيا. اهڙيءَ طرح ٿورن ئي ڏينهن ۾ هڪ ننڍڙو باغ ٺهي پيو. مڪاٽو پنهنجي ان  ننڍڙي سائي باغ کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

مڪاٽو سوچيو ته، ”جيڪڏهن هن خوبصورت سلاد جا ڪي ڇڳا بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪري سگهان ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي!“

هڪڙي ڏينهن بادشاهه وري هاٿين جي وٿاڻ وٽان لنگهيو. مڪاٽو ته موقعي جي انتظار ۾ هو. سو هڪدم گوڏن ڀر جهڪي تازي سلاد جا وڏا وڏا ڇـُڳا هن بادشاهه جي خذمت ۾ پيش ڪيا.

بادشاهه حيران ٿي هن کان پڇيو، ”اهي توکي ڪٿان مليا؟“

مڪاٽو خوشيءَ وچان مرڪندي چيو، ”بادشاهه سلامت! جيڪو پئسو اوهان مون کي بخشيو هو، انهيءَ مان مون ٻج خريد ڪيا ۽ هيءُ سلاد پوکيو.“

بادشاهه وري حيران ٿي پڇيو، ”پر ڪيئن؟ هڪ پئسي مان ائين ڪيئن ٿي سگهيو؟“

مڪاٽو بادشاهه کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. بادشاهه کي هن ننڍي ڇوڪري جي سياڻپ ۽ محنت ڏاڍي وڻي ۽ هن کي پنهنجي محل ۾ نوڪر ڪري رکيائينس.

مڪاٽو ڪيترن ورهين تائين محل ۾ نوڪري ڪندو رهيو. هاڻي هو هڪ تندرست، سهڻو ۽ هڪ ڊگهو جوان ماڻهو ٿي پيو هو. بادشاهه هن جي حوالي جيڪو به ڪم ڪندو هو، سو هو ڏاڍيءَ محنت ۽ سليقي سان ڪندو هو. بادشاهه هن تي ڀروسو ڪرڻ لڳو ۽ هن کي وڏي ۾ وڏو عهدو ملندو ويو. نيٺ هن کي ”کن وانگ“ جو لقب مليو، جنهن جو مطلب هيءُ هو ته هو بادشاهه جي درٻار ۾ وڏي اثر وارو ماڻهو آهي. بادشاهه هن مان ايترو خوش هو جو هن سان پنهنجي سهڻي ڌيءَ جي شادي به ڪيائين. پوءِ بادشاهه هن کي ’مون‘  شهر جو حاڪم به مقرر ڪيو.

مون شهر جو اهوئي يتيم ٻار، جنهن جو دنيا ۾ ڪو به ڪو نه هو، سو پنهنجيءَ محنت ۽ قابليت جي ڪري اتي جو حاڪم ٿي ويو.

_________

 
سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 8
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

 تصويري زال

جاپان جي ڪهاڻي

پراڻي جـُڳ جي ڳالهه آهي ته ڪو شخص هوندو هو، جنهن کي گومبئي جي نالي سان سڏيندا هئا. هو نه رڳو غريب هو، پر موڳو به هوندو هو. هو اڪيلو هوندو هو ۽ هڪڙي لانڍيءَ ۾ رهندو هو. موڳي ۽ بيوقوف هجڻ جي ڪري ڪا به زال هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هڪ جواڻ جماڻ زال هن وٽ لانڍيءَ ۾ گهڙي آئي ۽ رات اتي رهڻ جي هن کان اجازت ورتائين. گومبئي پنهنجي سڄي ڄمار ۾ اهڙي سهڻي عورت نه ڏٺي هئي، تنهنڪري هن ڏاڍي خوشيءَ مان هن کي اتي رات رهڻ جي اجازت ڏني. رات جو ماني کائڻ کان پوءِ ان جواڻ جماڻ زال هن کي چيو، ”تون شايد هت اڪيلو رهين ٿو ۽ آءٌ به بلڪل اڪيلي آهيان، ڪهڙو نه چڱو ٿئي جو اسان پاڻ ۾ شادي ڪري گڏ رهون.“

اهو ٻڌي گومبئي کي پنهنجي قسمت تي اعتبار ئي نه پئي آيو. خير، ٻنهي جي شادي ٿي ويئي. هاڻي گومبئي ڏاڍو خوش هو. پر هينئر هن کي پنهنجو ڪم ڪار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو لڳو. هو پنهنجيءَ زال کي ايترو ڀائيندو هو، جو هر وقت هن ۾ ئي اکيون وجهيو ويٺو هوندو هو ۽ هڪڙي پَل لاءِ به هن کي پاڻ کان پري ٿيڻ نه ڏيندو هو.

جڏهن هن ڪکن جون جتيون ٺاهيون ته اهي پنج ڇهه فوٽ ڊگهيون ٿي ويون. انهيءَ لاءِ ته جتين ٺاهڻ وقت هن جتين کي نه پر پنهنجيءَ زال کي پئي ڏٺو. اهڙيءَ طرح اهي جتيون ڪنهن به خريد نه ڪيون.

وري جڏهن هن ڪکن جا وڏا ڪوٽ ٺاهيا ته اهي به ڏهه ڏهه، ويهه ويهه فوٽ ڊگها ٿي پيا، ڇو جو هن جي نظر پنهنجي ڪم ۾ ته هوندي ئي ڪين هئي. هو ته رڳو پنهنجيءَ زال کي ئي پيو ڏسندو هو، تنهنڪري اهي ڊگها ۽ بي ڊولا ڪوٽ به ڪنهن جي ڪم جا نه هئا.

 ٿورن ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پر هو هر هر ڊوڙندو پنهنجي گهر ايندو هو ۽ رڙيون ڪري پڇندو هو، ”منهنجي مٺڙي زال! تون ويٺي آهين نه؟“ اهڙيءَ طرح ٻنيءَ ۾ تمام ٿورو ڪم ڪري سگهندو هو.

نيٺ زال بيزار ٿي هن کي چيو ته، ”ميان! پورهيو ائين ڪونه ٿيندو آهي، جيئن تون ٿو ڪرين.“ پوءِ هوءَ شهر ويئي ۽ هڪڙي تصوير ٺاهڻ واري کي چيائين ته، ”منهنجي تصوير ٺاهي ڏي.“ تصوير ٺاهڻ واري هن جي تصوير ٺاهي، جيڪا کڻي هوءَ گهر  آئي ۽ گومبئي کي چيائين، ”هيءَ وٺ منهنجي تصوير. هن کي ٻنيءَ ۾ توتن جي وڻ ۾ ٽنگي ڇڏ ۽ ڪم ڪندو رهه. منهنجي تصوير تنهنجي اڳيان هوندي ته منهنجي جدائي توکي محسوس نه ٿيندي.“

گومبئي پنهنجي زال جي انهيءَ ڳالهه کي دل سان هنڊايو. هو ٻنيءَ ۾ هڪ طرف زال جي تصوير ٽنگي پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو ۽ اڳي وانگيان هر هر گهر نٿي ويو. هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو جو هوا ڏاڍي تيز لڳي ۽ تصوير آسمان ڏانهن اُڏامي ويئي. گومبئي تصوير جي پٺيان ڀڳو، پر ٿوريءَ دير ۾ تصوير هن جي اکين کان غائب ٿي ويئي.

اهو ڏسي هو دانهون ڪوڪون ڪندو ڊوڙندو پنهنجي گهر ويو ۽ زال سان سڄي ماجرا بيان ڪيائين. زال هن کي دلداري ڏيندي چيو، ”تصوير ويئي ته ڇا ٿيو، تون دلجاءِ ڪر. آءٌ هڪ ٻي تصوير ٺهرائي اينديس.“

هوڏانهن تصوير هوا ۾ اڏامندي وڃي بادشاهه جي محل واري باغ ۾ ڪري. جڏهن بادشاهه اها تصوير ڏٺي ته هو تصوير واري مائيءَ تي ڇڪن ٿي پيو..

بادشاهه هڪدم پنهنجي ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”جنهن به مائيءَ جي هيءَ تصوير آهي، اُها جتي هجي، هن کي هر قيمت تي ڳولي هٿ ڪري مون وٽ وٺي اچو.“

بادشاهه جا ماڻهو حڪم ٻڌي نڪتا ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ اها تصوير ڏيکاريندا، مائيءَ جي پڇا ڳاڇا ڪندا هليا. نيٺ گهمندا ڦرندا هو گومبئي واري ڳوٺ ۾ پهتا.

اتي ڳوٺ جي ماڻهن کي تصوير ڏيکاريندي بادشاهه جي ماڻهن پڇيو، ”اوهين هن مائيءَ کي سڃاڻو ٿا؟“

ڳوٺ وارن تصوير ڏسڻ شرط هڪدم چيو، ”اڙي، هيءَ تي گومبئي جي زال جي تصوير آهي.“

۽ جڏهن ماڻهو گومبئي جي جهوپڙيءَ ۾ پهتا ته هو حيران ٿي ويا. اُتي هڪ تمام سهڻي مائي ويٺي هئي، جيڪا هوبهو تصوير واري مائيءَ جهڙي هئي.

اتي ماڻهن ٻڌايو ته، ”اسين بادشاهه جي حڪم سان هن مائيءَ کي پاڻ سان وٺي وينداسون.“ ائين چئي هو مائيءَ کي گهليندا ٻاهر ڪڍڻ لڳا.

گومبئي ويچاري هٿ ٻڌي هنن کي چيو ته، ”خدا جي واسطي هن کي پاڻ سان نه وٺي وڃو.“ پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي ۽ ڏک وچان هو ايترو ته رنو جو هن جي ڳوڙهن جو تلاءُ ٺهي ويو.

هن جي زال چيس، ”گومبئي، روئين ڇو ٿو. هنن مان هاڻي ته ڇوٽڪارو ملڻ محال آهي. پر ياد رک، جڏهن نئين سال جي جشن جو ڏينهن اچي ته تون بادشاهه جي محل جي دروازي کي سينگارڻ لاءِ صنوبر جو وڻ ضرور کڻي اچجانءِ. پوءِ پاڻ هڪ ٻئي کي ڏسي سگهنداسون ۽ پوءِ ڏسجانءِ ته ڇا ٿو ٿئي.“

مائيءَ ڪي ٻيو به چوڻ گهريون ٿي، پر بادشاهه جا ماڻهو هن کي پاڻ سان وٺي ويا. گومبئي هاڻي هر روز نئين سال جي شروع ٿيڻ جو انتظار ڪندو هو. نيٺ هڪڙي ڏينهن ڪنهن هن کي ٻڌايو ته اڄ نئون سال شروع پيو ٿئي ۽ ان جو جشن پيو ملهائجي. گومبئي صنوبر جي وڻن جي هڪ وڏي ڀري پـُٺن تي رکي، دل ۾ اها اميد کڻي محل ڏانهن هليو ته هاڻ جلد پنهنجي زال سان ملندس.

جڏهن هو محل جي وڏي در وٽ پهتو ته هن هوڪو ڏنو:

”صنوبر جا وڻ…… صنوبر جا وڻ“

گومبئي محل جي اڳيان ڪيترائي ڀيرا اهي هوڪا ڏنا.

محل ۾ هن جي زال جو اهو آواز ٻڌو ته کلي ڏنو. جڏهن کان هوءَ محل ۾ آئي هئي، تڏهن کان هن مرڪيو به ڪونه هو. بادشاهه هن کي کلندو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته صنوبر جي وڻ وڪڻڻ واري کي هڪدم اندر وٺي اچو.

جڏهن گومبئي اندر محل ۾ آيو ته سندس زال ويتر خوش ٿي. هن ڏاڍيءَ اُڪير مان گومبئي کي پاڻ وٽ سڏيو. انهيءَ بادشاهه ويچار ڪيو ته جيڪڏهن هن کي صنوبر جا وڻ وڪڻڻ وارو سـُٺو ٿو لڳي ته ڇو نه آءٌ به صنوبر جا وڻ وڪڻڻ وارو ٿيان.

بادشاهه گومبئي کي چيو، ”تون منهنجا ڪپڙا پاءِ ۽ آءٌ تنهنجا ڪپڙا ڍڪيان ٿو.“ ان کان پوءِ بادشاهه گومبئي جا ڦاٽل ساٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پائي باغ ۾ هليو ويو ۽ هوڪا ڏيڻ لڳو:

”صنوبر جا وڻ……صنوبر جا وڻ“

نئين سال جي لاءِ سهڻا ۽ عمدا صنوبر جا وڻ.

اهو ٻڌي مائي ويتر خوش ٿي. خوشيءَ وچان هن تاڙيون وڄايون ۽ ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳي.

بادشاهه هن کي کلندو ۽ ٽهڪ ڏيندو ڏسي ايترو ته خوش ٿيو جو صنوبر جي وڻن جي ڀري پـٺن تي کڻي نچڻ ٽپڻ لڳو:

”صنوبر جا وڻ ……. صنوبر جا وڻ.“

هو وڏي واڪي ڳائيندو ۽ نچندو محل جي دروازي مان ٻاهر هليو ويو. جيئن ئي بادشاهه ٻاهر ويو، مائي نوڪرن کي حڪم ڏنو ته محل جا دروازا بند ڪري ڇڏيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ جڏهن بادشاهه کي هوش آيو ته پاڻ کي باغ کان به ٻاهر ڏسي حيران ٿي ويو. هو واپس محل جي دروازي تي آيو، پر دروازو ته اندران بند هو!

”دروازو کوليو، دروازو کوليو، آءٌ بادشاهه آهيان.“

هو لوهي دروازي کي کڙڪائيندو رهيو ۽ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو، پر ڪنهن هن جي دانهن ڪوڪن تي ڪن نه ڏنو.

۽ اندر محل ۾ گومبئي ۽ هن جي چالاڪ زال الوليون ڪندا زندگي بسر ڪرڻ لڳا.

__________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 9
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

مهاڻي جي ڌيءَ

فلپائين جي ڪهاڻي

سينيان جي صوبي ۾ لنگائن جي کاري هڪ سهڻي نظاري واري جاءِ آهي، پر کاريءَ ۾ اندر هڪڙو اهڙو ڪـُن آهي، جتي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ترندي ترندي پهچي وڃي ته ڇڪجي انهيءَ ڪـُن جو بـَک ضرور ٿيندو آهي، گهڻو ڪري نوجوان ڇوڪريون انهي ڪـُن ۾ ٻڏي وينديون آهن. ماڻهو چون ٿا ته کاريءَ جي ديوتا کي هر سال هڪڙو ماڻهو ضرور گهرجي. اهو انهيءَ وقت کان ٿيندو پيو اچي، جڏهن هڪ مهاڻي جي ڌيءَ کاريءَ جي ديوتا وٽ رهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

ڳالهه ڪن ٿا ته پراڻي زماني ۾ هڪ غريب مهاڻو پنهنجيءَ زال ۽ اڪيلي ڌيءَ سان گڏ اتي رهندو هو. اها ڇوڪري ڏاڍي سلڇڻي ۽ کلمُک هئي، تنهنڪري هن جي ماءُ پيءُ هن جو نالو ماليڪٽ رکيو. هوءَ هئي ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري، پر ڏاڍي بهادر ۽ ڦڙتيلي هوندي هئي. صبح جو جڏهن ماڻس ۽ پڻس ننڊ مان اٿندا هئا ته هنن جي اها ننڍڙي ڌيءَ نيرن لاءِ ڀـَتُ، ڀـُڳل مڇي ۽ پيٺل چانورن جي گرم گرم ڪافي اڳواٽ ئي ٺاهيو ويٺي هوندي هئي.

گهر جو سمورو ڪم ڪار ماليڪٽ ڪندي هئي. هوءَ ماني پچائيندي هئي، ڪپڙا ڌوئندي هئي ۽ سمنڊ جي ڪناري کليل هوا ۾ ڊوڙندي هئي. ماءُ ۽ پيءُ هن کي ڏسي سَرها ٿيندا هئا ۽ هڪ ٻئي کان پڇندا هئا ته ”ماليڪٽ کان سواءِ پاڻ ڪيئن رهي سگهنداسون؟“

ماليڪٽ ائين به ڪندي هئي جو پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي کاريءَ جي لڪل کاهين ۽ غارن جي ڳولا ۾ پري پري تائين نڪري ويندي هئي.

هڪڙي ڏينهن شام جو هوءَ پاڻ سان هڪ عجب جهڙو سامونڊي گاهه کڻي آئي. اهو ڏسي ماڻس هن کان پڇيو، ”ڌيءَ گاهه ڪٿان آندو اٿئي؟“

ماليڪٽ جواب ڏنو ته، ؟”مون وهنجڻ جي لاءِ هڪ تمام سهڻي کاري ڳولي هٿ ڪئي آهي. شايد آءٌ پهرين ڇوڪري آهيان، جيڪا اتي ويئي آهيان. امان! هو ڏس، اها جاءِ انهيءَ جبل جي هيٺان آهي. هيءُ گاهه مون اتان ئي آندو آهي.“ اهو چئي ماليڪٽ پريان هڪ سڌي پهاڙيءَ ڏانهن اشارو ڪيو.

انهيءَ تي پڻس ڏاڍي ڳڻتيءَ وچان هن کي چيو، ”ڌيءَ! اها ته ڏاڍي نڀاڳي جاءِ آهي. چون ٿا ته هن کاريءَ جو ديوتا مڪسل اتي اچي سمهندو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن جي ننڊ ڦٽائي ته هو هن کي ڏاڍي ڳري سزا ڏيندو آهي. ڌيءَ! ان پاسي تون وري نه وڃجانءِ.“

پر ماليڪٽ کلندي جواب ڏنو، ”بابا! اتي ته ڪو به ديوتا ڪونهي. اتي ته رڳو سٺا سٺا پکي ۽ مڇيون هونديون آهن. پر جيڪڏهن اوهان چئو ٿا ته آءٌ اتي نه وڃان ته پوءِ ٺيڪ آهي. آءٌ وري ڪڏهن به اوڏانهن نه وينديس.“

کاريءَ ۾ ماليڪٽ کي وهنجندي مڪسل ديوتا ڏسي ورتو هو. هن جي پنهنجي ڌيءَ تازو مري ويئي هئي، تنهنڪري هن ماليڪٽ کي پنهنجي ڌيءَ ڪرڻ گهريو ٿي. اهو خيال ڪري هن پنهنجي نوڪر اسڪوئيڊ ديو کي حڪم ڏنو ته تون ماليڪٽ جي ٻيڙيءَ کي هن کاريءَ ڏانهن ڪاهي اچ.

ٻئي ڏينهن جڏهن ماليڪٽ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هلي ته کيس خبر پيئي ته سنديس ٻيڙي پاڻمرادو لڪل کاريءَ ڏانهن پيئي وڃي. هن پنهنجي پيءُ سان ڪيل انجام کي ياد ڪيو ۽ ٻئي رستي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ٻيڙي ان رستي تي هلندي ويئي. ٿوري دير کانپوءِ هن جي ٻيڙي کاريءَ ۾ پهچي ويئي ۽ ان جو رخ هيٺ پاڻيءَ ۾ هڪ سرنگ جهڙي رستي ڏانهن هو. اهو ڏسي پهرين ته هوءَ ڊڄي ويئي، پر پوءِ پنهنجي ٻنهي پاسن کان سهڻا سهڻا نظارا ڏسي، سندس ڊپ لهي ويو. ٻنهي پاسي رنگ برنگي خوشبودار گل ٽڙيل هئا ۽ ڊگها ڊگها وڻ، طرح طرح جي ميون سان ڀريا پيا هئا. هيٺ اچي اُجري پاڻيءَ ۾ ڪيترن ئي رنگن جون ننڍيون توڙي وڏيون مڇيون پئي ڊوڙيون. حيرت جهڙي ڳالهه هيءَ هئي ته انهن جي ڳالهه ٻولهه ماليڪٽ جي سمجهه ۾ پئي آئي.

مڇين هن کي چيو، ”ڀلي ڪري آئينءَ ماليڪٽ! توکي مبارڪون هجن جو تون اسان جي مالڪ جي ملڪ ۾ آئي آهين. اسان وٽ ترس ۽ سدائين خوش رهه.“

انهيءَ تي ماليڪٽ خوش ٿي پنهنجون ٻانهون انهن ڏانهن ڊگهيريون، پر اوچتو زور سان چهبڪ لڳڻ جو آواز آيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڀ مڇيون گم ٿي ويون. انهيءَ تي هوءَ ڊڄي ويئي ۽ ونجهه هلائڻ لڳي، پر ايتري ۾ هنجي ٻيڙي هڪڙي ڪناري سان اچي لڳي ۽ هوءَ اڇلجي نرم نرم زمين تي وڃي ڪِري.

زمين تي هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو ته هن جي سامهون هڪ تمام ڊگهو، ڪڻڪ رنگو ماڻهو هو. اهو ماڻهو هڪ تخت تي ويٺو هو ۽ هن جي مٿي تي هڪ چمڪندڙ تاج هو. هن جي هٿ ۾ چانديءَ جي لٺ هئي، جنهن جو منهن نانگ جهڙي مڇيءَ وانگر هو.

ان حيرت جهڙي ماڻهوءَ پڙاڏيندار آواز ۾ چيو، ”ماليڪٽ! ڊڄ نه. آءٌ هن کاريءَ جو ديوتا مڪسل آهيان. مون توکي ان لاءِ گهرايو آهي ته تون منهنجي پياري ڌيءَ جي جاءِ وٺ. تون هت جيڪي گهرندينءَ اهو توکي ملندو.“

ماليڪٽ گهـُٽيل آواز ۾ وراڻيو، ”پر…. پر مون کان سواءِ منهنجو بابا ۽ اَمان ڏاڍا پريشان ٿيندا. مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏي.“

مڪسل گجندي چيو، ”نه، آءٌ توکي اجازت نه ڏيندس.“ هن جي ڪاوڙ کي ڏسي، سمنڊ جي هيٺان زمين ڏڪڻ لڳي. پر پوءِ ڇوڪريءَ کي ڊنل ڏسي ديوتا پنهنجو لهجو ڦيرايو ۽ نرميءَ سان هن کي چوڻ لڳو، ”جڏهن تون هت رهندينءَ تڏهن توکان پنهنجي جهوپڙي وسري ويندي.“ هن چمڪندڙ هيرن سان سينگاريل محل ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”هو سامهون چانديءَ جو محل ڏس. اهو تنهنجو گهر هوندو. تنهنجي سار سنڀال لهڻ لاءِ اتي ڪيترائي نوڪر هوندا. توسان راند رهڻ لاءِ اتي تو جيڏيون ڪيتريون سهيليون هونديون. اهي سڀئي تنهنجي هر حڪم جي تعميل ڪنديون. تنهنجي پائڻ لاءِ هيرا جواهر ۽ سهڻا سهڻا ڪپڙا ۽ کائڻ لاءِ لذيذ کاڌا هوندا. اچ منهنجي ڌيءَ! هاڻي مون سان گڏ هل.“

پر ماليڪٽ هن جي ڪا به ڳالهه نه مڃي. انهيءَ تي هن تاڙي وڄائي. ٻه نوڪر اندر آيا ۽ ماليڪٽ کي زبردستي کڻي محل ڏانهن ويا.اتي چئني طرفن کان پاڻيءَ جون پَريون مڙي آيون. هنن پهرين ماليڪٽ کي وهنجاريو ۽ پوءِ هن کي چانديءَ جو لباس ڍڪايو. هڪ پريءَ گل جي شڪل جهڙو هيرن جو تاج هن جي مٿي تي رکيو. ٻين پرين سمنڊ جي تري مان آندل تمام قيمتي ۽ سهڻا هيرا جواهر آڻي هن کي ڏنا. پر انهن مان ڪنهن به شيءَ کي ماليڪٽ هٿ نه لاتو. هن رڳو رُنو پئي ۽ چيائين ته، ”مهرباني ڪري پنهنجي ديوتا کي چئو ته مون کي پنهنجي گهر رسائي، منهنجا ماءُ پيءُ پوڙها ٿي ويا آهن ۽ هنن کي منهنجي ضرورت آهي.“

لنگائن کاريءَ جي ديوتا جي حڪم مڃڻ کان اڄ تائين ڪنهن به انڪار نه ڪيو هو. ماليڪٽ جي ضد کي ڏسي هن به کيس پاڻ رهائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. ديوتا محل جي سٺن مسخرن، بازيگرن ۽ مدارين کي گهرائي ڇوڪريءَ جي دل وندرائڻ جو حڪم ڏنو. اهي سڀئي هڪ قسم جون مڇيون هيون. ديوتا جو حڪم ٻڌي، انهن سانگ شروع ڪيا، جن کي ڏسي ٿوريءَ دير جي لاءِ ته ڇوڪريءَ کان پنهنجو گهر ۽ ماءُ پيءُ به وسري ويا. ننڍڙن ننڍڙن ۽ سهڻن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين، جن جا بدن ديوتا وانگر اڌ انسان جهڙا ۽ اڌ مڇيءَ جهڙا هئا، هن کي سمونڊ جون رانديون سيکاريون، جنهن تي هوءَ خوش ٿي کلڻ لڳي ۽ مڪسل هن کي کلندو ڏسي خوش ٿيو.

پر اها هن جي غلطي هئي، ڇاڪاڻ ته ٿوري وقت کان پوءِ ماليڪٽ وري ويڳاڻي ڏسڻ ۾ آئي. هڪڙي ڏينهن ماليڪٽ پنهنجي ڪمري جي طاق ۾ جادوءَ جو شيشو ڏٺو. اهو کڻي هوءَ ان ۾ ڏسڻ لڳي ۽ کيس ڏسڻ ۾ آيو ته ماڻس بيمار پيئي ۽ پڻس کيس چرين وانگيان پيو ڳولي.

انهيءَ تي ماليڪٽ روئڻ لڳي ته ايتري ۾ هن جي دائي اڪولا، جيڪا هن وانگر هڪ انسان هئي، وٽس آئي ۽ چوڻ لڳي، ”ڌيءَ! ڇا تون سچ پچ پنهنجي گهر وڃڻ گهرين ٿي؟“

”ها، آءٌ پنهنجي گهر وڃڻ گهران ٿي.“

”ڌيءَ! آءٌ تنهنجي حال کي چڱيءَ طرح سمجهان ٿي، ڇالاءِ ته مون کي به تو وانگر زبردستي هتي آندو ويو هو. ان وقت آءٌ به تو وانگر ٻار هيس. هاڻي ته آءٌ ڪراڙي ٿي ويئي آهيان. ان وقت کان هِن وقت تائين مون پنهنجن گهر وارن کي وري ڪڏهن به نه ڏٺو.“

ماليڪٽ پوڙهيءَ کي ليلائيندي چيو، ”مهرباني ڪري تون ڪا منهنجي مدد ڪر ۽ تون به مون سان گڏجي هل.“

”نه، هاڻي آءٌ هتان ڪونه وينديس، آءٌ ته بنهه ڪراڙي ٿي ويئي آهيان. هاڻي هلي ڇا ڪنديس! باقي تون مون کي جادوءَ جو اهو شيشو ڏيئي وڃ ته جيئن آءٌ به اهو سڀ ڪجهه ڏسي سگهان، جيڪو انسانن جي دنيا ۾ ٿئي پيو ۽ اهو به ڏسي سگهان ته اتي توسان ڇا ٿو وهي واپري. هاڻي ٻڌ! اڄ رات آءٌ تنهنجي مدد ڪرڻ لاءِ اينديس ۽ توکي محل مان ڪڍي هلنديس. مون کان جيڪي به ٿي سگهيو، تنهنجي لاءِ ڪنديس. پوءِ کٽن تنهنجا ڀاڳ، باقي جڏهن تون کليل سمونڊ ۾ پهچين تڏهن پنهنجي سنڀال لاءِ توکي پاڻ انتظام ڪرڻو پوندو.“

انهيءَ رات اڪولا ڇا ڪيو جو سڪوئيڊ ديو جي شراب ۾ ننڊ جي دوا وجهي ڇڏي. پوءِ ماليڪٽ کي ڳجهن رستن کان وٺي هوءَ محل مان ٻاهر نڪري آئي. اتي هڪڙي هنڌ ماليڪٽ جي ٻيڙي بيٺي هئي. اڪولا جو هڪ وفادار دوست به اتي بيٺو هو. انهيءَ ماليڪٽ کي ٻيڙيءَ هلائڻ ۾ مدد ڪئي، جنهنڪري ماليڪٽ جي ٻيڙي سمنڊ جي تري جي سرنگ مان ٿيندي مٿي کليل سمنڊ تي نڪري آئي. اتي اڪولا جو وفادار دوست هن کان موڪلائي واپس هليو ويو ۽ ماليڪٽ پنهنجي گهر ڏانهن ٻيڙي ڪاهڻ لڳي.

جڏهن مڪسل ديوتا کي خبر پيئي ته ماليڪٽ پنهنجي گهر هلي ويئي آهي ته هن سڪوئيڊ ديو کي حڪم ڏنو ته هن کي هڪدم واپس وٺي اچ. سڪوئيڊ ديو ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ننڊ جي دوا جي اثر ڪري هو تڪڙو تڪڙو تري نه سگهيو. انهيءَ هوندي به هو ماليڪٽ جي ٻيڙيءَ جي ويجهو پهچي ويو. هن کي ڏسي ماليڪٽ وڌيڪ زور زور سان ٻيڙي هلائڻ لڳي ۽ ڪناري جي ويجهو پهچي ويئي. جتي پڻس هن کي ڏسي ورتو. پوءِ پڻس ۽ هن جا دوست ماليڪٽ کي وٺڻ لاءِ اڳتي وڌيا. ايتري ۾ سڪوئيڊ ديو ٻيڙيءَ جي بلڪل ويجهو پهچي ويو ۽ هن جو ڊگهو هٿ ماليڪٽ کي واپس وٺي وڃڻ لاءِ اڃا ڇُهڻ وارو هو ته ان وقت ماليڪٽ جي پيءَ هن کي کڻي پنهنجي ٻيڙيءَ ۾ ويهاريو ۽ ٻين مهاڻن سڪوئيڊ ديو تي حملو ڪري هن کي ڀڄائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح ماليڪٽ وري پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر واپس پهچي ويئي.

هوڏانهن مڪسل ديوتا سڪوئيڊ تي ڏاڍو ڪاوڙيو، ڇو جو هو ماليڪٽ کي واپس وٺي ڪونه آيو هو. ديوتا کيس ڏاڍي سخت سزا ڏني. مڪسل هن کي حڪم ڏنو ته، ”هاڻي هر سال تون پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي سمنڊ جي ڪناري تي ويندين ۽ منهنجي لاءِ هڪڙي نوجوان ڇوڪري جهلي ايندين. ٿي سگهي ٿو ته اهڙيءَ طرح ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن مون کي ڪا اهڙي ڇوڪري ملي، جنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ ڪري سگهان.“

تنهنڪري سمونڊ ۾ انهيءَ جاءِ تي سڪوئيڊ ديو جي ڊگهين ۽ مضبوط ٻانهن جي ڪري ڪـُن ٺهي پوندو آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن ترندڙ کي کاريءَ جي تري ۾ گهلي ويندو آهي.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 10
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

سانڊي ۽ چيتي جي ويڙهه

سري لنڪا جي ڪهاڻي

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڪنهن جهنگ ۾ هڪڙو چيتو رهندو هو. هڪڙي شام جو هو پنهنجي عادت موجب شڪار تي نڪتو، پر هن کي ڪو به ننڍو يا وڏو جانور هٿ نه آيو. هن کي بک به ڏاڍي لڳي هئي. نيٺ هن کي هڪڙو سانڊو ملي ويو.

چيتي چيس، ”سانڊا! اڄ رات جي مانيءَ ۾ توکي کائيندس.“

سانڊي وراڻيو، ”شينهن شير خدا جا! آءٌ هڪ ننڍڙو جيتامڙو، مون کي کائي اوهان جو پيٽ نه ڀربو، مهرباني ڪري مون کي وڃڻ ڏيو.“

چيتي چيو، ”ائين ڪيئن ٿيندو، آءٌ توکي وڃڻ نه ڏيندس. بک ۾ جيڪڏهن هڪڙو گرهه به ملي ته غنيمت آهي.“

سانڊي جواب ڏنو، ”مون وٽ نه اوهان جهڙا تيز تيز ڏند آهن ۽ نه وري اوهان جهڙا مضبوط چنبا. اوهان طاقت وارا آهيو ۽ آءٌ ڪمزور جيتامڙو. اوهان جيڪڏهن مون ڪمزور جيتامڙي کي ماريندا ته اها بي انصافي ٿيندي. اسان جو مذهب به ان جي اجازت نٿو ڏئي.“

چيتي بک وچان آپي کان ٻاهر ٿيندي چيو، ”ڪمزور سدائين دين ڌرم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر طاقتور کي فقط هڪڙي قانون جي خبر آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته جيڪو ڏاڍو سو گابو. مون وٽ طاقت آهي، تنهنڪري مون کي هر ڪو حق حاصل آهي ته آءٌ توکي ماري ڇڏيان.“

سانڊي وراڻيو، ”ته پوءِ ٺيڪ آهي، آءٌ مرڻ لاءِ تيار آهيان، پر آءٌ وڙهي مرندس.“ اهو ٻڌي چيتي هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ گجگوڙ ڪندي چيو، ”ميان سانڊا! آءٌ پاڻ جهڙن سان وڙهندو آهيان.“ سانڊي چيو، ”جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ مون کي ٽن مهينن جي مهلت ڏي، ان عرصي ۾ آءٌ توجهڙو ٿي ويندس.“

نيٺ چيتو سانڊي کي ٽن مهينن جي مهلت ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو. ٻنهي پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته ٽن مهينن کان پوءِ ان هنڌ ۽ ان وقت وري ملنداسون.

هاڻي سانڊو چيتي سان وڙهڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. هو هر روز چانورن جي پوک ۾ ويندو هو ۽ اتي گپ ۽ چڪ ۾ ليٿڙيون پائيندو هو. پوءِ پنهنجا هٿ منهن ڌوئي اُس ۾ ويهندو هو. هن جي بدن تي جيڪا گپ چڪ لڳل هوندي هئي، اها اُس ۾ سـُڪي هن جي جسم تي ڄمي ويندي هئي. ٽن مهينن تائين هر روز هو ائين ڪندو هو، جنهنڪري هن جي بدن تي گپ جو تهه ٿلهو ٿيندو ويو. اهڙيءَ طرح سانڊو ٿلهو متارو ٿيندو ويو ۽ ٽن مهينن ۾ هو ديرو جهڙو ٿي پيو.

ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ هڪڙي ڏينهن چيتو ۽ سانڊو مقرر وقت ۽ جاءِ تي هڪ ٻئي سان مليا. ٻنهي ۾ ويڙهه شروع ٿي. چيتي ٽپ ڏيئي پنهنجن چنبن سان سانڊي تي حملو ڪيو، پر هن جي هر ڌڪ سان سانڊي جي بدن مان گپ جو هڪڙو چاپوڙو ڪِري ٿي پيو ۽ سانڊي کي رهنڊو به ڪونه ٿي لڳو.

پوءِ سانڊو ٽپ ڏيئي چيتي جي پـُٺيءَ تي چڙهي ويٺو ۽ هن جي بدن کي پنهنجن تکن ڏندن سان ٽـُڪڻ ۽ وڍڻ لڳو. اهڙيءَ ريت هن چيتي جو سڄو بدن وڍي ٽـُڪي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو. انهيءَ هوندي به هن کي چڪ هڻندو رهيو، جنهنڪري جيتي جو سڄو بدن زخمن سان ڀرجي پيو. زخمن ٿيڻ ۽ رت نڪرڻ سبب چيتي کي ايتري ته تڪليف ٿي، جيڪا هو سهي نه سگهيو ۽ پاڻ ڇڏائي سور کان دانهون ڪوڪون ڪندو ميدان ڇڏي وٺي ڀڳو.

چيتو ويڙهه جي ميدان مان ڀڄي اچي هڪ وڻ جي هيٺان ويٺو. اتي هن پنهنجي ساڄي ڪلهي کي ڏٺو ۽ ان کي پنهنجي چنبي سان ڇـُهيو ته اتي هڪ زخم هو. هن گهـُٽيل آواز ۾ چيو، ”سانڊي مون کي هن جاءِ تي چڪ هنيو آهي.“ وري هن پنهنجي کاٻي ڪلهي ڏانهن نهاريو ۽ ان کي به ڇهي ڏٺائين، ته اتي به هڪ زخم هو. اهو ڏسي هن وري دانهن ڪئي، ”اڙي، هن مون کي هتي به چڪ هنيو آهي.“ اهڙيءَ طرح چيتي پنهنجن ڪَنن، اکين، نڪ، مٿي ۽ پٺن کي ڇهي ڏٺو ته هر هنڌ زخم هئا.

پر چيتي کي اها خبر نه هئي ته وڻ تي هڪڙو ڪاٺير ويٺو آهي. هن چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه ڏٺي هئي ۽ هن چيتي جون ڳالهيون به ٻڌيون هيون ۽ هن جا زخم به ڏٺا هئا. انهيءَ ماڻهوءَ جي دل ۾ پئي آيو ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کلي، ڇاڪاڻ ته اهو ڏسي سچ پچ کل پئي آئي ته وڻ جي هيٺ هڪ تمام وڏو چيتو پنهنجي بدن تي لڳل انهن زخمن جي ڪري پئي رنو ۽ رڙيو، جيڪي هڪ ننڍڙي سانڊي هن کي هنيا هئا. ان ماڻهوءَ پنهنجيءَ کل روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن زور سان هڪڙو ٽهڪ ڏنو، ”ها! ها! ها!“

آواز تي چيتي مٿي نهاريو ته وڻ تي ڪاٺير ويٺو هو. هن دل ۾ ويچاريو ته ڇا هن ماڻهوءَ مون کي ههڙيءَ حالت ۾ ڏسي ورتو آهي؟ انهيءَ تي هن کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، ڇاڪاڻ ته هن جي مرضي نه هئي ته سانڊي کان هارائڻ جي خبر ماڻهن کي پوي. تنهنڪري هو هڪدم وڻ تي چڙهي ويو ۽ گجگوڙ ڪري چوڻ لڳو، ”اڙي بند ڪر اها کي، کي، کي، نه ته هينئر جو هينئر توکي کائي هضم ٿو ڪريان.“ ڪاٺير جو ساهه ئي نڪري ويو، تنهن هڪدم هٿ ٻڌي چيو، ”شينهن شير خدا جا! مون کي معاف ڪر ۽ منهنجي جان بخش.“ چيتي وري گجگوڙ ڪئي، ”اڙي توکي منهنجي راز جي خبر پئجي ويئي آهي، تنهنڪري هاڻي توکي مرڻو ئي پوندو.“ ڪاٺير چيتي کي منٿ ڪندي چيو، ”مون کي هن جهنگ جي ديوتائن جو قسم آهي ته آءٌ اهو راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس.

چيتي چيس، ”نه، رڳو ديوتائن جو قسم نه کـڻ. تـون پنهنجيءَ زال جو قسم به کڻ ته اهو راز هن کي به نه ٻڌائيندين.“ انـهيءَ تي ڪـاٺير پـنهنجي زال ۽

. . . . ته وڻ تي هڪڙو ڪاٺير ويٺو آهي. هن چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه ڏٺي
هئي ۽ هن چيتي جون ڳالهيون به ٻڌيون هيون ۽ هن جا زخم به ڏٺا هئا.

ٻارن جو قسم کنيو. پر چيتي کي وري به تسلي نه ٿي. هن ڪاٺير کي چيو، ”پر ڳوٺ ۾ ٻيا ماڻهو به رهن ٿا. هيءَ ڳالهه تنهجي دل ۾ نه رهندي ۽ تون هنن کي وڃي ٻڌائيندين.“ ڪاٺير وراڻيو، ”آءٌ مهاتما ٻُڌ جو قسم کڻي چوان ٿو ته آءٌ ڳوٺ جي ڪنهن به ماڻهوءَ سان اها ڳالهه نه ڪندس.“

اتي چيتي ڪاٺير کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. پوءِ پنهنجيءَ غار ۾ موٽي آيو ۽ پنهنجا زخم چٽڻ لڳو. چيتي کي ڏاڍي ڳڻتي ۽ فڪر هو ۽ هر هر هن کي خيال پئي آيو ته انهيءَ ٻن ٽنگن واري مخلوق تي ڪو به اعتبار ڪونهي. اهو نڀاڳو ڪاٺير پڪ سان پنهنجيءَ زال کي اهو راز ٻڌائيندو. پوءِ جڏهن ڪو راز ڪنهن عورت کي معلوم ٿئي ٿو ته اهو راز، راز نٿو رهي. مون کي اڄ رات پاڻ وڃي خبر وٺڻ گهرجي ته اهو ڪاٺير پنهنجي انجام جو پڪو به آهي يا نه.

اها ڳالهه سوچي چيتو اُٿيو ۽ تکو تکو هلندو اچي ڪاٺير جي جهوپڙيءَ جي پٺيان اڱڻ ۾ بيٺو. اتي هو جهوپڙيءَ جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو ۽ اندران ايندڙ آوازن کي ڌيان سان ٻڌڻ لڳو.

ڪاٺير پنهنجيءَ زال ۽ ٻارن سان گڏ هڪڙي تڏي تي ويٺي رات جي ماني کاڌي. اوچتو ڪاٺير کلي ڏنو ۽ ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيڻ لڳو. انهيءَ تي هن جي ٻارن کائونئس پڇيو، ”بابا، تون ڇو پيو کلين؟“ پيءَ جواب ڏنو، ”اڙي ماٺ ڪريو، اهو هڪڙو راز آهي.“

هن جي ڌيءَ چوڻ لڳي، ”بابا، اهو راز اسان کي به ٻڌاءَ  اسين به توسان گڏ کلون.“

پيءُ جواب ڏنس، ”نه ڌيءَ، آءٌ اهو راز ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس، مون مهاتما ٻڌ جو قسم کنيو آهي.“

وري سڀئي ماني کائڻ لڳا ته وري ڪاٺير کي کل آئي. انهيءَ تي ڪاٺير جي زال پنهنجن ٻارن کي چيو، ”اوهان جو پيءُ شايد چريو ٿي پيو آهي. ڏسو نه ته هن ايترا ته ٽهڪ ڏنا آهن جو ڀت جا چانور نڙيءَ ۾ ڦاسي پيا اٿس.“ اهو چئي، زال پنهنجي مڙس جي پٺيءَ تي زور سان ڌڪ هنيو ۽ پاڻيءَ جو وٽو ڀري هن جي چپن تي رکيائين.

ماني کائڻ کان پوءِ سڀئي ٻار پنهنجي تڏي تي وڃي ليٽيا ۽ جلد ئي گهري ننڊ ۾ سمهي رهيا. ڪاٺير پنهنجي کٽ تي وڃي ستو. هن جي زال وري جهوپڙيءَ ۾ هڪ ڪنڊ ۾ پيل تئونريءَ تي ليٽي پيئي. پر ڪاٺير ۽ سندس زال کي ننڊ نه آئي. ڪاٺير جڏهن به پنهنجيون اکيون بند ٿي ڪيون ته هن کي ائين ٿي لڳو ته آءٌ کِل روڪي نه سگهندس. هوڏانهن زال کي انهيءَ ڪري ننڊ نٿي آئي جو هوءَ به پنهنجي مڙس جي راز ڄاڻڻ کان سواءِ سمهي نٿي سگهي. ڪاٺير وري هڪڙو ٽهڪ ڏنو، ها، ها، ها!

انهيءَ تي زال پنهنجي تئونريءَ تي اٿي ويٺي ۽ مڙس کي چوڻ لڳي، ”نيٺ ڳالهه ڪهڙي آهي! هاڻي ته مون کي پنهنجو راز کڻي ٻڌاءِ. ٻار سڀئي سمهي رهيا آهن ۽ پنهنجي ڳالهه ڪو به نه ٻڌندو.“

ڪاٺير وراڻيو، ”مون قسم کنيو آهي ته اهو راز آءٌ ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندس. توکي به ڪونه ٻڌائيندس.“

پر زال هن کي ليلائڻ ۽ منٿون ڪرڻ لڳي ۽ ڪاٺير نيٺ هار مڃي، زال کي چيتي ۽ سانڊي جي ويڙهه لڪي ڏسڻ واري ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌائي ۽ هن کي اهو به ٻڌايو ته انهيءَ ويڙهه ۾ چيتو پڇ پائي ميدان مان ڀڄي ويو ۽ اچي هڪڙي وڻ جي هيٺان ويٺو، جتي آءٌ ويٺو هوس. اتي چيتو ڏاڍو رُنو ۽ رڙيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”سانڊي مون کي هتي چڪ هنيو، هتي رهنڊا هنيا ۽ هتي زخم ڪيو. هن منهنجو سڄو بدن رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي هن جي زال به ساڻس کلڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ ۾ شامل ٿي ويئي. ها، ها، ها!

هوڏانهن چيتي جهوپڙيءَ جي ڀت سان ڪن ڏيو اهي سڀئي ڳالهيون پئي ٻڌيون. هن ڪاٺير کي به چرين وانگر ٽهڪ ڏيئي کلندي ٻڌو ۽ هاڻي هن جي زال به ٽهڪ پئي ڏنا. اهي ڳالهيون ۽ ٽهڪ ٻڌي چيتي کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين باهه وٺي ويئي. پر في الحال ماٺڙي ڪري ويٺو. جڏهن ڪاٺير ۽ سندس زال سمهي رهيا. تڏهن چيتو ٽپو ڏيئي جهوپڙيءَ جي ڇت تي چڙهي ويو، جيڪا ڪکن جي ٺهيل هئي. اتي چيتي هوريان هوريان ڪک پري ڪري ڇت ۾ سوراخ ڪيو ۽ هيٺ بورچيخاني ۾ گهڙي آيو ۽ جهوپڙيءَ جو دروازو کولي اندر آيو. پوءِ جنهن کٽ تي ڪاٺير ستو پيو هو، چيتو ان جي هيٺان گهڙي ويو ۽ ان کٽ کي پنهنجن پٺن تي کڻي کليل دروازي مان ٻاهر نڪري ويو.

چيتو جڏهن گهاٽي جهنگ ۾ پهتو ته ڪاٺير جي اک کلي ويئي ۽ هن کي لڳو ته کٽ هلي پيئي. رات چانڊوڪي هئي، تنهنڪري ڪاٺير واڻ جي سوراخ مان هيٺ ڏٺو ته چيتي جي پٺ جا ڪارا داغ ڏسڻ ۾ آيس. هن کي ڊپ ٿيو ته هاڻي چيتو مارڻ کان سواءِ نه ڇڏيندو. ويچارو ڪاٺير ڏکڻ لڳو، پر اوڏي مهل هو اهڙي هنڌان پئي لنگهيا، جتي هڪ تمام وڏو وڻ هو. ان وڻ جي هڪ وڏي ٽاري هيٺ پئي لڙڪي. ان ٽاريءَ کي ڏسندي ئي ڪاٺير جهٽ ڏيئي ان کي جهليو ۽ ان تي چڙهندو وڻ تي چڙهي ويو.

چيتي کي بلڪل خبر نه پيئي ۽ هو پنهنجن ئي خيالن ۾ اڳتي وڌندو ويو. پنهنجي غار جي منهن وٽ پهچي چيتي کٽ کي زمين تي رکيو ۽ ٻاهر نڪري کڻي جو ڏسي ته ڪاٺير کٽ تي هوئي ڪونه. چيتي کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ گجگوڙ ڪندو ڪاٺير کي ڳولڻ لاءِ واپس وريو. چانڊوڪيءَ ۾ چيتي کي ڪاٺير هڪڙي وڻ تي ويٺل ڏسڻ ۾ آيو. چيتو وڻ جي ويجهو آيو ۽ سواءِ ڪي چوڻ جي پنهنجا چنبا وڻ جي ٿـُڙ ۾ ڦٻائي مٿي چڙهڻ لڳو.

ڪاٺير ته جاڳيو پئي، تنهن اهو ڏسي رڙ ڪري چيو، ”اڙي چيتا! جيڪڏهن توکي پنهنجي جان پياري آهي ته متان مٿي چڙهيو آهين. هت مٿي وڻ تي هڪ سانڊو توکي مارڻ لاءِ تيار ويٺو آهي.“

سانڊي جو نالو ٻڌندئي چيتو ڇرڪي پٺٽي ڀڳو ۽ اک ڇنڀ ۾ غائب ٿي ويو. ڪاٺير وري ٽهڪ ڏيندو وڻ تان هيٺ لٿو ۽ پنهنجي گهر موٽي آيو.

انهيءَ کان پوءِ ڪاٺير يا ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ وري اهو چيتو نه ڏٺو. ماڻهو چون ٿا ته شرم وچان چيتو اهي پٽ ڇڏي، جبل ۽ ٽڪريون اُڪري هڪڙي اهڙي جهنگ ۾ وڃي منهن لڪايو، جتي نه سانڊو هو ۽ نه وري ڪاٺير.

____________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 11
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

ٽڪري ڳاڙهي ڇو آهي؟

سينگاپور جي ڪهاڻي

سينگاپور ۾ هڪڙي ٽڪري آهي، جنهن کي ڳاڙهي ٽڪري جي نالي سان سڏيندا آهن. جيڪڏهن اوهين ان ٽڪريءَ جي اوسي پاسي رهندڙ وڏڙن کان پڇا ڪريو ته ٽڪري ڳاڙهي ڇو آهي؟ ته اُهي به اوهان کي هيءَ آکاڻي ٻڌائيندا.

 پراڻي زماني ۾ سينگاپور جي اوسي پاسي وارو سمنڊ ڪٽار مڇين سان ڀريو پيو هوندو هو. اهي مڇيون سمنڊ جي وڏين وڏين لهرين ۾ لـُڙهي ڪناري تائين اينديون هيون. انهن خوفناڪ مڇين جي ڊپ کان ماڻهو سمنڊ ۾ نه وهنجي سگهندا هئا ۽ نه وري ڪناري تي گهمي سگهندا هئا. ويچارا مهاڻا پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ آتا هوندا هئا، ڇو جو ڪٽار مڇيون نه رڳو هنن جي اڇلايل ڄار کي ڦاڙي چيري ڇڏينديون هيون، پر هنن جون ٻيڙيون به ڀڃي ڀوري ٻوڙينديون هيون.

نيٺ اها ڳالهه سينگاپور جي بادشاهه تائين پهتي، جنهن انهن مڇين مان، ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. بادشاهه پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته سمنڊ جي ڪناري تي، جتي ڪٽار مڇيون گهڻيون هجن، اتي وڃي قطار ڪري بيهو ۽ جيئن ئي لهرين سان گڏ ڪٽار مڇيون لڙهنديون ڪناري تائين اچن، ته اوهين پنهنجن ڀالن سان انهن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. اهو حڪم ٻڌي سپاهي هڪڙي هٿ ۾ ڀالو ۽ ٻئي هٿ ۾ ڍال کڻي وڃي ڪناري تي قطار ٻڌي بيٺا.

سپاهي مڇين تي حملي ڪرڻ لاءِ سنبريا بيٺا هئا. پر جيئن ئي سمنڊ جي طوفاني لهر ڪناري ڏانهن آئي ته هنن کي حملي ڪرڻ جو وجهه ئي ڪونه  مليو. ڪٽار مڇيون ڏاڍي تيزيءَ سان هنن ڏانهن وڌيون ۽ پنهنجين نوڪدار چهنبن ۽ ڪاتيءَ جهڙن پَرن سان سپاهين کي وڍي چيري ڇڏيو. هنن مان ڪيترا اُڦٽ مري ويا ۽ باقي جيڪي بچيا، سي ڦٽجي پيا. انهيءَ تي بادشاهه حڪم ڏنو ته انهن جي جاءِ تي نوان سپاهي اچي بيهن. پر مڇين انهن کي به ماري ۽ ڦٽي وڌو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي ويئي، پر ڪاميابي نه ٿي.

اهو سمورو وقت هڪ نوجوان ڇوڪري هڪ طرف بيٺي اهو تماشو ڏٺو. هن کي ڏاڍو عجب لڳو ته سپاهي ڪن ڇا پيا. نيٺ هو بادشاهه وٽ ويو ۽ هن کي چيائين، ”بادشاهه سلامت! اوهان هنن سپاهين کي ڇو پيا مارايو؟“

بادشاهه وراڻيو، ”ڇوڪرا! آءٌ ڀلا ٻيو ڪري به ڇا ٿو سگهان؟“

ڇوڪري بادشاهه کي چيو، ”جيڪڏهن اوهان هن سڄي ڪناري تي ڪيوڙي جي وڻ جا ٿـُڙَ هڻايو ته مڇيون به اڳتي ڪونه وڌي سگهنديون ۽ سپاهي به مرڻ يا ڦٽجڻ کان بچي پوندا.“

بادشاهه کي ڇوڪري جي اها صلاح ڏاڍي وڻي. هو حيران ٿي ويو ته هڪ ننڍڙي ڇوڪري ڪهڙي نه عقل جي ڳالهه ڪئي آهي، تنهنڪري هن هڪدم پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته جيترا به ڪيلي جا وڻ هٿ اچن، انهن جا ٿـُڙ وڍي ڪناري تي هڻو ته ڪناري سان هڪ ڀت ٺهي وڃي. حڪم ٻڌي ماڻهو هڪ ويجهي باغ ۾ ويا،جتان ڪيلن جا ڪيترائي ٿڙ آڻي ڪناري تي هڪ ڀت ٺاهي ورتائون.

جلد ئي سمنڊ جون لهرون ڪناري ڏانهن ڊوڙڻ لڳيون. انهن لهرين ۾ ايتريون ته ڪٽار مڇيون هيون، جو انهن سان سڄو پاڻي اڇو ٿيو پيو هو. لهريون مـڇـيـن سـمـيـت تـيـزيءَ سـان ڊوڙنـديـون اچـي ڪيلي جي ٿڙن جي ديوار سان ٽڪريون. مڇين جي تکن پَرن جون ڇريون ڪيلي جي وڻن جي نرم کل کي چيرينديون اندر هليون ويون ۽ اتي ڦاسي پيون. پوءِ سپاهين اڳتي وڌي پنهنجن ڀالن سان مڇين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هر ڀيري سمنڊ جي لهرين سان گڏ ڪٽار مڇين جو هڪ وڏو ڍير ايندو ويو ۽ مرندو ويو، تان جو پاڻيءَ ۾ هڪڙي به ڪٽار مڇي نه بچي.

ڪٽار مڇين کي اهڙيءَ ريت مرندو ڏسي بادشاهه کي ڏاڍي خوشي ٿي. پر پوءِ جڏهن هن نوجوان ڇوڪري جي عقل تي سوچيو ويچاريو ته هن کي ڳڻتي وٺي ويئي. هن دل ئي دل ۾ چيو، ”هيءُ سياڻو ڇوڪرو وڏو ٿي منهنجي تخت ۽ تاج جي لاءِ هڪ تمام وڏو خطرو ٿي سگهي ٿو.“ ان معاملي تي هن جيترو به وڌيڪ سوچيو ٿي، اوترو ئي هن جو ڊپ به وڌي ٿي ويو. نيٺ هن پنهنجي پهريدارن جي سردار کي گهرائي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي. ڳالهه ٻڌي هو سمجهي ويو ته بادشاهه جو اصل مقصد ڇا آهي ۽ موڪلائي هليو ويو. اڌ رات هن چار سئو سپاهي ان ٽڪريءَ ڏانهن اُماڻيا، جتي هڪ ننڍي جهوپڙيءَ ۾ اهو عقلمند ڇوڪرو رهندو هو. اتي سپاهين ڏٺو ته ڇوڪرو گهري ننڊ ۾ ستو پيو آهي، تنهنڪري وجهه ڏسي هنن هن کي قتل ڪري ڇڏيو. ڇوڪري جو خون ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪِرڻ لڳو ۽ اهو جتي به ڪِريو ٿي، اها زمين ڳاڙهي ٿي ويئي ٿي.

انهيءَ ننڍي ٽڪريءَ جي زمين اڄ ڏينهن تائين ڳاڙهي آهي ۽ هتي جا رهاڪو اڄ به ان کي ڳاڙهي ٽڪري ڪري سڏين ٿا.

 ____________

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 12
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا

چار گنجا

کمير جي ڪهاڻي

هڪڙي ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو هوندو هو، جيڪو کجيءَ جي پنن مان ٽوڪريون ٺاهي، اهي وڪڻي پنهنجو گذران ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن هو کجيءَ جون ٽاريون پٽڻ لاءِ کجيءَ جي وڻ تي چڙهيو.

کجيءَ جي وڻ تي چڙهڻ کان پوءِ هن ٽاريون پٽڻ شروع ڪيون ۽ جهونگارڻ به لڳو. جهونگاريندي هن ويچاريو ته، ”هن ڪم ڪرڻ لاءِ مون وٽ هڪ نوڪر هجڻ گهرجي. پوءِ جڏهن آءٌ ٽوڪريون ٺاهيندس ته اُهي ڳري اگهه تي وڪڻندس، پوءِ وري آءٌ وڌيڪ ٽوڪريون ٺاهيندس ۽ اهي وڪڻي ايترا ته پئسا ڪمائيندس جو هڪڙو نوڪر رکندس، جنهن کي پگهار به ڏيندس.“

نوڪر رکڻ جي خيال کان هن کي ڏاڍي خوشي ٿي، تنهنڪري وري پنهنجو پاڻ چوڻ لڳو، ”جيڪڏهن هن پوريءَ طرح ڪم نه ڪيو ته آءٌ هن کي هيئن لت هڻي ٻاهر موڪليندوسانس.“ ان وقت هن کان وسري ويو ته هو ڪٿي ويٺو آهي. سو جيئن ئي ڪاوڙ مان هن زور سان لت هنئي، ته وڻ تي پاڻ کي سنڀالي نه سگهيو ۽ اتان هيٺ ڪِرڻ لڳو.

پر هن جي ڪا قسمت چڱي هئي، جو وڻ تان ڪِرندي وقت هن جا هٿ کجيءَ جي ٽارن ۾ ڦٻجي ويا ۽ هن جي جان بچي ويئي. هاڻي هو وڻ جي ٽارين ۾ پئي لڙڪيو ۽ هن جي دانهن مٿان دانهن پئي پيئي ته ”اڙي ڪِران ٿو، بچايو، بچايو.“

انهيءَ وقت هڪڙو فيلبان هاٿيءَ تي چڙهيو اتان پئي لنگهيو. فيلبان جو اهي ”بچايو، بچايو“ جون رڙيون ٻڌيون ته هن هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو. وري هن مٿي ڏٺو ته کيس کجيءَ جي ٽارن ۾ ٽوڪرين ٺاهڻ وارو لڙڪندو ڏسڻ ۾ آيو.

ٽوڪرين ٺاهڻ وارو وري رڙيون ڪرڻ لڳو، ”اڙي آهي ڪو، جيڪو مون کي بچائي، آءٌ انجام ڪريان ٿو ته جيڪو مون کي هن وڻ تان هيٺ لاهيندو، آءٌ انهيءَ جي ساري ڄمار خدمت ڪندس.“

اهو ٻڌي فيلبان پنهنجو هاٿي ان طرف هڪليو ۽ وڻ وٽ اچي هو هاٿيءَ جي پٺن تي اٿي بيٺو. پوءِ هن ٽوڪرين ٺاهڻ واري کي پيرن کان جهليو، پر هاٿيءَ جي چيلهه تي جو فيلبان جي پيرن جو زور پيو ته هاٿيءَ ان کي اڳتي هلڻ جو اشارو سمجهي اڳتي هليو. اهڙيءَ طرح فيلبان به ٽوڪرين ٺاهڻ واري جا پير جهيلو، کجيءَ جي وڻ ۾ لڙڪندو رهيو.

هاڻي ٻنهي ماڻهن گڏجي دانهون ڪيون، ”بچايو بچايو.“ ايتري ۾ اتان چار گنجا ماڻهو اچي لنگهيا. هنن جو اهي دانهون ڪوڪون ٻڌيون ته اهي حيران ٿي اتي بيهي رهيا.

فيلبان ۽ ٽوڪريون ٺاهڻ واري رڙيون ڪيون، ”اسان کي بچايو، اسان کي هتان هيٺ لاهيو. اسين انجام ڪريون ٿا ته ساري ڄمار اوهان جي خدمت چاڪري ڪنداسون.“

اهو ٻڌي چارئي گنجا ڏاڍا خوش ٿيا ته اهڙي سولائيءَ سان اسان کي ٻه نوڪر ملي پوندا.

”اڙي رڙيون نه ڪريو. اسين ٿا اوهان کي لاهيون.“ ائين چئي چارئي گنجا ڄار آڻڻ لاءِ هڪ طرف ڀڳا. جڏهن ڄار کڻي آيا، تڏهن هنن ڄار جون چارئي ڪنڊون پنهنجين پنهنجين ڳچين ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏيون ۽ ڄار جهلي کجيءَ جي وڻ هيٺ اچي چوڻ لڳا، ”هاڻي اوهين هن ڄار ۾ هيٺ ٽپ ڏيو. اسين اوهان کي جهلي وٺنداسون.“

انهيءَ تي ٽوڪريون ٺاهڻ واري کجيءَ جي ٽارين مان پنهنجا هٿ ڪڍيا، ته هو ۽ فيلبان ٻئي ڄار جي وچ ۾ اچي ڪريا.

. . . . اهڙيءَ طرح فيلبان به ٽوڪرين ٺاهڻ واري جا پير جهيلو، کجيءَ جي وڻ ۾ لڙڪندو رهيو. هاڻي ٻنهي ماڻهن گڏجي دانهون ڪيون، ”بچايو بچايو.“ ايتري ۾ اتان چار گنجا ماڻهو اچي لنگهيا.

هنن جي ڪِرڻ سبب ڄار تي ايترو ته ٻوجهه پيو جو ڄار جي چئن ئي ڪـُنڊن کي ڏاڍي ڇڪ آئي. انهيءَ اوچتي ڇڪ جي ڪري چارئي گنجا هڪ ٻئي ڏانهن ڇڪجي آيا ۽ هنن جا گنجا مٿا هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي پرزا پرزا ٿي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي چارئي گنجا اتي جو اتي ڪِري مري ويا.

پر ٽوڪرين ٺاهڻ وارو ۽ فيلبان بچي ويا ۽ پاڻ ۾ کل ڀوڳ جون ڳالهيون ڪندا اُتان هليا ويا.

 ______________

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 13
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا

چيتو ۽ نوجوان شخص

ڪوريا جي ڪهاڻي

پراڻي وقت جي ڳالهه آهي ته هڪڙو امير شخص سفر ڪرڻ لاءِ نڪتو. هو گهوڙي تي پئي ويو. اڃا هو گهڻو پرتي ڪونه ويو هو، ته هڪڙو ڀئونر اڏامندو هن جي ويجهو آيو ۽ چوڻ لڳو، ”اي نوجوان! آءٌ توسان گڏ هلي سگهان ٿو.“ نوجوان وراڻيو، ”ها، ها، ڇو نه، هيڏانهن مون سان گهوڙي تي ٿي ويهه.“

ڀئونر هن جي پٺيان گهوڙي تي ٿي ويٺو ۽ ٻئي اڳتي هليا. گهوڙو ٿورو اڳتي وڌيو ته هڪ بيدو بولاٽيون کائيندو، ان جي ويجهو پهتو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان گڏ هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان جواب ڏنو، ”ڇو نه، تون به هيڏانهن گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ پوءِ بيدو به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي ويٺو.

هاڻي نوجوان، ڀئونر ۽ بيدو گهوڙي تي سوار اڳتي هليا ته پري کان هڪ سيانتو سرندو سرندو هنن وٽ اچي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان هن کي به چيو ته، ”ڇو نه، تون به مون سان گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ اهو ٻڌي سيانتو به گهوڙي تي چڙهي ويٺو.

اهو نوجوان، ڀئونر، بيدو ۽ سيانتو گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. رستي ۾ چانورن رڌڻ وارو ڪفگير هلندو هنن جي ويجهو اچي چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿو؟“ اهو ٻڌي نوجوان وراڻيو، ”ها، ڇو نه. تون به مون سان هلي سگهين ٿو.“ هاڻي ڪفگير به هنن سان گڏ گهوڙي تي چڙهي ويٺو. اهڙيءَ طرح نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو ۽ ڪفگير گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. ٿورو اڳتي هنن کي هڪڙو نوڪدار سوئو ٺينگ ٽپا ڏيندو هنن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان هلي سگهان ٿو؟“ نوجوان ان کي به چيو ته، ”ڇو نه، تون به گهوڙي تي چڙهي ويهه.“ انهيءَ تي سوئو به گهوڙي تي چڙهيو.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير ۽ نوڪدار سوئو گهوڙي تي چڙهي اڳتي هليا، ته هڪڙي ننڍي توب رستي تي هلندي هنن وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان گڏ هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان توب کي به اهوئي جواب ڏنو ته، ”ڇو نه، تون به مون سان هلي سگهين ٿي.“ انهيءَ تي توب به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي سوار ٿي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو ۽ توب گهوڙي تي سوار اڳتي هليا. ٿورو اڳيان هليا ته هڪ ويڙهي تئونري هلندي هنن وٽ اچي چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ به توسان هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان چيو، ”ڇو نه، تون به مون سان گڏ هل.“ اهو جواب ٻڌي تئونري به گهوڙي تي چڙهي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو، ننڍي توب ۽ تونئري گهوڙي تي سوار اتان هليا. ٿورو اڳتي وڌيا ته هڪ ننڍي صندوق لڏندي لمندي اچي هنن جي اڳيان بيٺي ۽ چوڻ لڳي، ”نوجوان! ڇا آءٌ توسان هلي سگهان ٿي؟“ نوجوان وراڻيو”ڇو نه، تون به اسان سان گڏ هل.“ ۽ صندوق به ٽپ ڏيئي گهوڙي تي چڙهي ويٺي.

هاڻي نوجوان، ڀئونر، بيدو، سيانتو، ڪفگير، نوڪدار سوئو، ننڍي توب، تئونري ۽ ڪاٺ جي صندوق سڀئي گهوڙي تي سوار هئا ۽ اڳتي پئي ويا.

شام ڌاري سڀئي پهاڙن جي وچ ۾ هڪڙيءَ جاءِ وٽ پهتا. نوجوان گهوڙي تان لهي ان گهر جو دروازو کڙڪايو. پر اندران ڪو به جواب نه مليو. انهيءَ تي نوجوان اندر ويو. اتي ڏسي ته هڪ نوجوان ڇوڪري اوڇنگارون ڏيئي پيئي روئي.

نوجوان حيران ٿي ويو ۽ هن کان پڇڻ لڳو، ”ڳالهه ڪهڙي آهي؟ تون اوڇنگارون ڏيئي ڇو پيئي روئين؟“

ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”هن گهر جي پٺيان جبل تي هڪڙو چيتو رهي ٿو. هو هر رات جبل تان لهي هت ايندو آهي. هن وقت تائين هو منهنجي ماءُ، منهنجي پيءُ ۽ ڀيڻن ڀائرن کي ماري کائي ويو آهي. اڄ منهنجو وارو آهي، تنهنڪري آءٌ رُئان پيئي.“

نوجوان چيو، ”ڇوڪري، تون دل نه لاهه. ڏس ته آءٌ ۽ منهنجا دوست گڏجي چيتي سان ڪهڙي نه جـُٺ ٿا ڪريون.“

پوءِ نوجوان پنهنجن دوستن کي گهرائي هنن کي چڱيءَ طرح سمجهايو ته کين ڇا ڇا ڪرڻو آهي. ڀئونر جي حوالي نوجوان هيءُ ڪم ڪيو ته هو ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ٿي ويهي ۽ چيتي جي اچڻ جو انتظار ڪري. پوءِ جڏهن چيتو ڪمري ۾ گهڙي ته اڏامي ميڻ بتيءَ کي وسائي ڇڏي. بيدي کي ٻڌايو ته پاڻ کي رک ۾ لڪائي ڇڏي ۽ جڏهن چيتو هن جي ويجهو اچي ته ٺڪاءُ ڪري ڦاٽي هن جي اکين ۾ وڃي پوي. سيانتي کي وري کامي ۾ انتظار ڪرڻو هو ته جيئن ئي چيتو اتان لنگهي ته هن جون اکيون ڪڍڻيون هيون. چانورن رڌڻ واري ڪفگير کي نوجوان چيو ته چانهه جي ڪٽليءَ جي پٺيان لڪي ويهه ۽ وجهه وٺي زور سان چيتي جي مٿي تي اچي ڪرجانءِ. سوئي کي نوجوان دروازي جي چونڪ ۾ لڪائي ڇڏيو ته جيئن ئي چيتو اندر اچي ته هن جي پيرن ۾ چڪ هڻي. ننڍي توب کي نوجوان سمجهايو ته تون ڇت تي چڙهي ويهه ۽ چيتي جي مٿان اهڙيءَ طرح ڪِرجانءِ جو هن جو بدن جهلجي وڃي. انهيءَ کان پوءِ نوجوان تئونري ۽ صندوق کي حڪم ڏنو ته وڃي گودام ۾ لڪي ويهو ۽ جڏهن اوهان کي اشارو ڏيان ته اوهين چيتي کي هتان کڻي ٻاهر اُڇلائجو.

اهڙيءَ ريت نوجوان سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪم سمجهائي هنن کي اتان روانو ڪيو. ڇوڪري وڃي پنهنجي ڪمري ۾ ويٺي، جتي هن ميڻ بتي ٻاري. نوجوان هڪ طرف لڪي ويٺو. ٿوريءَ دير کان پوءِ چيتو جبل تان هيٺ لٿو. جيئن ئي چيتو ڪمري ۾ گهڙيو ته ڀئونر پنهنجي پـَرَ سان ميڻ بتي وسائي ڇڏي.

”هن گهر جي پٺيان جبل تي هڪڙو چيتو رهي ٿو. هو هر رات جبل تان لهي هت ايندو آهي. هن وقت تائين هو منهنجي ماءُ، منهنجي پيءُ ۽ ڀيڻن ڀائرن کي ماري کائي ويو آهي.

انهيءَ تي چيتو ڀڻڪڻ لڳو، ”آءٌ اونداهه ۾ ڇوڪريءَ کي کائي نه سگهندس.“ ائين چئي هن ڪوئلن جي وساڻل باهه کي ٻارڻ لاءِ ڦوڪون ڏيڻ شروع ڪيون. اتي رک ۾ بيدو لڪو ويٺو هو، سو هڪدم ڦاٽو ۽ چڻنگون اڏامي اچي چيتي جي اکين ۾ پيون. چيتي وٺي رڙ ڪئي، ”اڙي منهنجيون اکيون!“ ائين چئي وٺي کامي ڏانهن ڀڳو. جيئن اکين ۾ پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اکيون صفا ڪري، پر کامي ۾ سيانتو لڪو ويٺو هو. هن ٽپ ڏيئي چيتي جون ٻئي اکيون ڪڍي ورتيون. هاڻي چيتو انڌو ٿي پيو هو، تنهنڪري وٺي پٺتي ڀڳو. پر پٺتي ڀڄندي وقت وڃي ڪٽليءَ سان لڳو، جتان ڪفگير ٽپ ڏيئي ٻاهر نڪتو ۽ ٺڪاءَ ڪري اچي هن جي مٿي تي ڪِريو.

پنهنجي جان بچائڻ لاءِ چيتو هاڻي دروازي ڏانهن ڀڳو، جتي نوڪدار سوئو ٻاهر نڪري هن جي پير ۾ زور سان چڀي ويو. چيتي کي ايترو ته سور ٿيو جو اڇلجي گهر مان ٻاهر نڪري ويو. اتي ڇت تان ننڍي پر ڳري توب پاڻ کي چيتي جي مٿان ڪيرايو ۽ هو اتي جو اتي مري ويو.

اتي نوجوان ڪنڊ مان نڪري ٻاهر آيو ۽ تئونريءَ ۽ صندوق کي حڪم ڏنائين ته هاڻي اوهان پنهنجو ڪم ڪريو. اهو ٻڌي ڪکن جي تئونري چيتي جي لاش تي ويڙهي ويئي ۽ صندوق ان کي کڻي درياءَ ڏانهن ويئي ۽ چيتي جي لاش کي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح انهيءَ ظالم چيتي جو انت آيو.

پوءِ ڇوڪريءَ نوجوان جا ڏاڍا ٿورا مڃيا ۽ هن کي پاڻ وٽ ويهاريائين. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻنهي جي پاڻ ۾ شادي ٿي ۽ ٻئي زال مڙس پنهنجن دوستن سميت خوشيءَ واري زندگي گهارڻ لڳا.

_____________

 
 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 14
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا

 ٿائوکام نشانچي

لائوس جي ڪهاڻي

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪڙي ڀيري ڪو ڇوڪر هو، جنهن جي عمر ڏهه سال کن هئي. هن جو نالو ٿائو کام هو. هن جا پيءُ ماءُ مري ويا هئا ۽ هو هن هيڏي وڏي دنيا ۾ اڪيلو هو. ماڻهو مٿس رحم کائي کيس کاڌو ۽ پئسا ڏوڪڙ ڏيندا هئا ۽ اهڙيءَ ريت هو پيو جيئندو هو. حقيقت ۾ اهو ڇوڪرو اپاهج هوندو هو ۽ هلي چلي به ڪونه سگهندو هو.

جيئن ته ڏينهن جو هو هڪڙي ئي هنڌ ويٺو هوندو هو ۽ راند رهڻ لاءِ وٽس ڪي به ڪين هوندو هو، تنهنڪري هن پاڻ وندرائڻ جي لاءِ هڪڙو نئون طريقو ڳولي ڪڍيو. هو ڇا ڪندو هو جو ننڍڙا ڀتر ميڙي چونڊي پنهنجي ڀرسان رکندو هو ۽ پوءِ هڪ هڪ پٿر کڻي ڪنهن هڪ نشاني تي پيو هڻندو هو. ڀتر نشاني تي ئي لڳندو هو. ڇوڪرو سڄو ڏينهن ڪيترائي ڀيرا اها مشق ڪندو هو، جنهنڪري هو ان ڪم ۾ ايڏو ته هوشيار ٿي ويو، جو پري جو نشان به هن کان خطا نه ٿيندو هو.

هو جڏهن نشاني تي ڀتر اُڇلائيندو هو، تڏهن ٻيا ڇوڪرا هن کي ڏاڍي شوق سان ڏسندا هئا ۽ خوش ٿيندا هئا. پوءِ اهي هن جي لاءِ ڀترن جا ڍير گڏ ڪندا هئا. ساڳئي وقت انهن ڇوڪرن ٿائوکام جي لاءِ ڪاٺ جو هڪ گاڏڙو به ٺهرايو، جنهن تي هن کي ويهاري پاڻ سان گڏ پيا گهمائيندا هئا.

ٿائوکام هر روز مشق ڪندو هو ۽ هن جو نشانو ڏينهون ڏينهن پڪو ٿيندو ويو. هڪڙي ڏينهن اچرج جهڙو واقعو ٿيو. ڇا ٿيو جو ٻين ڇوڪرن ٿائو کام جو گاڏڙو پپر جي هڪ تمام وڏي وڻ جي ڇانوَ ۾ آڻي بيهاريو. پوءِ جيئن هنن جي عادت هوندي هئي، گاڏڙي وٽ هنن ڀترن جو هڪڙو ڍير گڏ ڪيو ۽ هن جي نشاني بازيءَ جو تماشو ڏسڻ ويٺا.

ٿائو کام پنهنجي مٿان پپر جي پنن جو نشانو وٺڻ شروع ڪيو. ٻيا ٻار ماٺ ڪري ٿائو کام جي نشانن کي ڏسڻ لڳا. ٿائو کام ڀتر اڇلائي پنن ۾ هاٿيءَ جي تصوير ٺاهي. وري هن هڪڙي رڍ ۽ هڪڙي مينهن جي شڪل ٺاهي. انهن پنن مان سج جي روشني هيٺ زمين تي پيئي ته اتي انهن جانورن جا وڏا وڏا پاڇا ڏسڻ ۾ آيا. وري جو هوا لڳي ته وڻ جا پن لڏڻ لڳا، جنهنڪري زمين تي ائين پئي ڏسڻ ۾ آيو ته اهي جانور سچ پچ جيئرا آهن ۽ خوشيءَ وچان پيا نچن. ٻارن جڏهن اهو تماشو ڏٺو، تڏهن اهي خوشيءَ وچان تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ نچڻ ٽپڻ لڳا. انهيءَ تي ٿائو کام به ڏاڍو خوش ٿيو. هاڻي ٻارن لاءِ اها راند هڪ رونشو ٿي پيئي. هو هر هر ٿائو کام کي وڻ جي پنن ۾ ڪيترن ئي جانورن جون شڪليون ٺاهڻ لاءِ چوندا رهيا ۽ خوش ٿيندا رهيا.

هڪڙي ڏينهن ٻارن اهائي راند پئي رهي ته اوچتو اتي جو بادشاهه جلوس ۾ اتان لنگهيو. هو اتي گشت ڪرڻ آيو هو. ٻارن جو بادشاهه جو لشڪر ڏٺو، سو ڊپ وچان وڻ جي پٺيان لڪي ويا ۽ ٿائو کام کي به پاڻ سان لڪائي ڇڏيائون.

بادشاهه جڏهن پپر جي ڇانوَ هيٺ پهتو ته اتي ٿڌي ۽ تازي هوا پئي لڳي. بادشاهه ساهه پٽڻ لاءِ ٿوري دير اتي ئي ترسي پيو. پوءِ جيئن ئي هو وڻ جي ٿـُڙ کي ٽيڪ ڏيئي ويٺو ته هن جي نظر زمين تي ٺهيل جانورن جي شڪلين تي وڃي پيئي. پنن جي لڏڻ جي ڪري انهن جي سوراخن مان سج جي روشني زمين تي پئجي انهن شڪلين کي پئي چوريو ۽ بادشاهه ڏٺو ته اهي جانور چـُرن پرن پيا. ٿائو کام پنن ۾ ڀتر هڻي اهي شڪليون ٺاهيون هيون.

اتي بادشاهه پهريدارن کي حڪم ڏنو ته وڃي خبر لهي اچو ته اهي شـڪـلـيـون ڪـنـهـن ٺـاهـيـون آهن. اهو ٻڌي وڻ جي پٺيان لڪل سڀئي ٻار اتان کسڪي ويا. ٿائو کام ويچارو ٽنگن کان معذور هو، تنهنڪري اتي رهجي ويو. پهريدارن هن کي جهليو ۽ بادشاهه جي اڳيان حاضر ڪيو. هن بادشاهه کي ٻڌايو ته پنن ۾ جانورن جون اهي شڪليون مون ٺاهيون آهن. پر بادشاهه کي هن جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو ۽ چيائينس ته ”اهي تصويرون منهنجي سامهون ٺاهي ڏيکار.“

ٿائو کام ڀتر کڻي هڪڙو هڪڙو ڪري مٿي پنن کي هنيو. بادشاهه حيران ٿي پئي ڏٺو ته اهو ڇوڪرو ڪري ڇا پيو؟ ۽ هن جي ڏسندي ئي ڏسندي هڪڙي پن ۾ هڪڙي ننڍي جهرڪيءَ جي شڪل ٺهي ويئي.

ٿائو کام جي اها هوشياري ڏسي بادشاهه ششدر ٿي ويو. پوءِ هن ڪا ڳالهه سوچي ٿائو کام کي چيو ته، ”تون مون سان محل ۾ هل. هڪ ننڍڙو ڪم منهنجو به ڪر.“ بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي پهريدارن ٿائو کام کي کڻي هاٿيءَ تي ويهاريو ۽ هن کي محل ڏانهن وٺي ويا.

ٻئي ڏينهن محل ۾ بادشاهه جي درٻار لڳڻي هئي. بادشاهه حڪم ڏنو ته تخت جي پٺيان هڪڙو پردو ٽنگي ان ۾ ننڍو سوراخ ڪيو وڃي. ان کان پوءِ ٿائو کام کي پردي جي پٺيان ويهاريو ويو ۽ بادشاهه هن کي چيو، ”هاڻي منهنجي ڳالهه خيال سان ٻڌ. هت تنهنجي بلڪل سامهون هڪڙو شخص ويٺو هوندو. جيئن ئي هو پنهنجو وات کولي ته تون هن سوراخ مان هن جو نشانو وٺي مٽيءَ جي گولي هن جي وات ۾ هڻجانءِ.“

ٿائو کام کي ڏاڍي حيراني ٿي ته ههڙو عجب جهڙو ڪم بادشاهه مون کان ڇو ٿو ڪرائي. بادشاهه هن جي حيرانيءَ جو مطلب سمجهي ويو ۽ هن کي اک ڀڃي چيائين ته، ”آءٌ توکي ان جو سبب به ٻڌايان ٿو. اهو ماڻهو وزير آهي، جيڪو تمام گهڻو ڳالهائيندو آهي، ۽ ٻين کي ڳالهائڻ ئي ڪونه ڏئي. منهنجي مرضي آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هن مان اها عادت نڪري.“

جڏهن درٻار لڳي ته سڀئي وزير اچي ويٺا. ان گهڻ ڳالهائو وزير کي ڪا به خبر نه هئي ته ساڻس ڪهڙي جـُٺ ٿيڻ واري آهي، تنهنڪري پنهنجي عادت موجب هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. جيئن ئي هن پنهنجو وات کوليو ته ٿائو کام نشانو وٺي ڀتر اڇلايو، جيڪو سڌو هن جي وات ۾ وڃي پيو. وزير سمجهيو ته ڪو جيت اڏامي اچي وات ۾ پيو آهي، جنهن کي ٿڪي ٻاهر ٿي ڪڍيائين. پر بادشاهه جي هوندي هن اهو مٽيءَ جو ڀتر آهستي آهستي چوسي ڳهي ڇڏيو.

پوءِ جڏهن به هن ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو ٿي ته مٽيءَ جو ڀتر سڌو اچي ٿي هن جي وات ۾ پيو، جنهنڪري هو ويچارو ڳالهائي نٿي سگهيو. انهيءَ تي بادشاهه ٻين وزيرن کي ڳالهائڻ جو حڪم ڏنو. اهي ڏاڍا خوش ٿيا ته مس مس اسان کي به ڪجهه چوڻ جو وجهه مليو آهي، ڇاڪاڻ ته هنن کي به ڪيترن ئي معاملن لاءِ بادشاهه سان ڳالهائڻو هو.

درٻار ختم ٿيڻ کان پوءِ بادشاهه گهڻ ڳالهائو وزير کان پڇيو، ”اڄ توکي ڇا ٿي ويو هو؟ اڄ ته تو ڪجهه به نه ڳالهايو؟“

وزير وراڻيو، ”بادشاهه سلامت! مون کي ته ڪيتريون ئي ضروري ڳالهيون ڪرڻيون هيون.پر هر ڀيري جڏهن مون ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو ٿي ته ڪو جيت اچي ٿي وات ۾ پيو ۽ آءٌ ڳالهائي نٿي سگهيس.“

بادشاهه پنهنجي اٽڪل جي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. هن گهڻ ڳالهائو وزير کي چيو، ”عجب جهڙي ڳالهه آهي! هاڻي وري جڏهن درٻار لڳي ته خيال رکي ٻين وزيرن کي به اڄ وانگر پنهنجي پنهنجي ڳالهه چوڻ جو وجهه ڏجانءِ. توکي شايد اڄ خبر پئي هوندي ته ٻيا وزير به ڪيتريون ئي ضروري ڳالهيون اسان سان ڪرڻ گهرن ٿا.“

انهيءَ تي گهڻ ڳالهائو وزير ڏاڍو پشيمان ٿيو ۽ وات صفا ڪرڻ جي بهاني سان اتان ٻاهر کسڪي ويو.

انهيءَ کان پوءِ گهڻ ڳالهائو وزير وري ڪڏهن به گهڻو نه ڳالهايو. پر هاڻي هو ٻين وزيرن جون ڳالهيون ۽ صلاحون غور سان ٻڌڻ لڳو ۽ هميشه پنهنجي واري تي ڳالهائڻ لڳو. اهڙيءَ ريت هاڻي بادشاهه به هن مان راضي رهڻ لڳو.

بادشاهه هاڻي ٿائو کام کي پنهنجي محل ۾ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي، جتي هن کي رهڻ لاءِ سٺي جاءِ ۽ مزيدار ۽ لذيذ کاڌو ملڻ لڳو.

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 15
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا

 راجا سوتون جا ڪارناما

ملائيشيا جي ڪهاڻي

ڳالهه ڪن ٿا ته پراڻي زماني ۾ هڪ ڏاڍو سکيو ستابو ملڪ هوندو هو، جنهن کي ممبانگ نگر ڪري سڏيندا هئا. اتي جو راجا سوتون هڪ لائق ۽ انصاف وارو هوندو هو. هن جي راڻي پتري اڪارون ڏاڍي سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي هئي. ملڪ ۾ هر هنڌ امن ئي امن هو.

هڪڙي ڏينهن راڻيءَ جي دل هرڻ جي گوشت کائڻ تي ٿي. انڪري راجا پنهنجي شڪاري توڪ پوانگ کي حڪم ڪيو ته جهنگ ۾ وڃي هرڻ شڪار ڪري اچ. شڪاري جهنگ ڏانهن ويو ۽ هڪڙي چشمي جي ڪناري وٽ ننڍن وڻن ۾ لڪي ويٺو ته اتان ڪو هرڻ لنگهي ته جهلي وٺانس. ايتري ۾ هن ڏٺو ته آسماني ملڪ ڪيانگان مان ست سهڻيون شهزاديون زمين تي لٿيون. پوءِ هنن پنهنجا پر لاهي چشمي جي ڪناري وٽ رکيا ۽ چشمي ۾ وهنجڻ لڳيون.

سڀني ۾ ننڍي شهزادي ڪمپا ڪابيرو ايتري ته سهڻي هئي جو توڪ پوانگ جي دل ۾ آيو ته هن کي جهلي راجا جي خدمت ۾ سوکڙي ڪري پيش ڪجي. اهو سوچي هن ان شهزاديءَ جا پـَرَ کڻي لڪائي ڇڏيا. پوءِ جڏهن هـُن جون ٻيون ڀينرون وهنجي پنهنجا پنهنجا پر ڍڪي اُڏامي ويون، تڏهن ڪمپا ڪابيرو پرن نه ملڻ جي ڪري اتي ئي ترسي پيئي. هن توڪ پوانگ کي ڏاڍيون منٿون ميڙون ڪيون ته پرَ واپس موٽائي ڏي، پر هن شهزاديءَ جي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي ۽ شهزاديءَ کي چيائين ته مون سان گڏجي هل. اهڙي طرح هو شهزاديءَ کي راجا وٽ وٺي آيو، جنهن پنهنجي ملڪ جي دستور مطابق هن سان شادي ڪري هن کي ٻي راڻي ڪيو. توڪ پوانگ راجا کي ڪمپا ڪابيرو جا پـَرَ به ڏنا، جيڪي هن پيتيءَ ۾ بند ڪري ان جي ڪلف جي ڪنجي پاڻ وٽ لڪائي ڇڏي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪمپا ڪابيرو سان راڻي پتري اڪارون حسد ڪرڻ لڳي، ڇو جو راجا ڪمپا ڪابيرو کي وڌيڪ ڀائيندو هو. راجا جو اهو سلوڪ راڻيءَ کي اصل نه وڻيو ۽ هن پنهنجي پيءُ ماءُ کي دانهن ڏني. راڻيءَ جي پيءُ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ هن راجا وٽ هڪڙي ڪوڙي خواب جي ڳالهه اماڻي. هن جو خيال هو ته جيڪڏهن راجا کي ڪنهن بهاني سان پنهنجي ملڪ مان ٻاهر موڪلي ته اسين پنهنجي ڌيءَ راڻي پتري اڪارون سان ملي ڪمپا ڪابيرو مان جند ڇڏائي وٺنداسون. پوءِ ڇا ٿيو جو راجا راڻيءَ جي پيءُ جو موڪليل ڪوڙو خواب ڏٺو، جنهن ۾ هن کي چيو ويو ته ڪمپا ڪابيرو جي لاءِ هڪ اڇو هاٿي جنهن جا ڏند ڪارا هجن، ڳولي اچ. راجا ٻئي ڏينهن اهڙي اڇي هاٿيءَ کي ڳولي آڻڻ لاءِ پنهنجي ملڪ مان روانو ٿيو.

راجا جي وڃڻ کانپوءِ راڻيءَ ڪمپا ڪابيرو کي پنهنجي اڳيان نچڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ تي ڪمپا ڪابيرو چيو ته، ”جيڪڏهن مون کي منهنجا پر ملن ته آءٌ تمام سٺو نچنديس.“ راڻيءَ راجا جي صندوق کولي ان مان پر ڪڍي ڪمپا ڪابيرو کي ڏنا. ڪمپا ڪابيرو پـَرَ وٺي پنهنجي ڪلهن تي هنيا ۽ نچندي نچندي اوچتو اتان غائب ٿي ويئي. ڇا لاءِ ته هن کي خبر پئجي ويئي هئي ته منهنجي جان خطري ۾ آهي. پر هوءَ اتان اڏامي سڌي پنهنجي ملڪ ڪيانگان وڃڻ جي بدران هڪڙي هنڌ ترسي پيئي ۽ راجا سوتون جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.

ٿوريءَ دير کان پوءِ راجا به اتي اچي پهتو. هن کي به پڪ ٿي ويئي هئي ته مون سان ٺڳي ڪئي ويئي آهي، تنهنڪري کيس اها به ڳڻتي هئي، پٺيان ڪمپا ڪابيرو کي ڏٺو ته حيران ٿي ويو. ڪمپا ڪابيرو راجا کي سموري ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن نه مون کي مارڻ جي سٽا سَٽي ويئي هئي ۽ آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنهنجي جان بچائي هت آئي آهيان. ڪمپا ڪابيرو راجا کي وڌيڪ چيو ته، ”هاڻي مون ۾ واپس وڃڻ جي همت ڪانهي. اوهان جادوءَ جي هيءَ منڊي پاڻ وٽ رکو، ڇو جو جيڪڏهن اوهان منهنجي پٺيان ڪيانگان اچڻ گهرو ته اوهان کي هڪڙي ٽڪريءَ وٽان لنگهڻو پوندو، جيڪا هر وقت ڦاٽندي ۽ بند ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ کان سواءِ هڪ خوفناڪ پکي راڪ به اوهان جي راهه روڪيندو. تنهنڪري انهيءَ ٽڪري ۽ پکيءَ کي اوهان جيڪڏهن هيءَ منڊي ڏيکاريندا ۽ انهن جي اڳيان منهنجو نالو وٺندا ته اهي اوهان کي وڃڻ لاءِ رستو ڏيندا.“

پوءِ ڪمپا ڪابيرو راجا کان روئي موڪلايو ۽ راجا محل ڏانهن روانو ٿي ويو. اتي هن کي اها خبر ٻڌي ڏاڍو ڏک پهتو ته ڪمپا ڪابيرو کي راڻيءَ سچ پچ قتل ڪرائڻ جي سازش سَٽي هئي. تنهنڪري راجا سواءِ ڪنهن وقت وڃائڻ جي هڪدم ڪمپا ڪابيرو جي پٺيان ڪيانگان روانو ٿي ويو.

اڃا راجا ڪيانگان کان ڪيترائي ميل پري هو ته هن ڦاٽندڙ ٽڪريءَ جا ڀوائتا آواز ٻڌا. اهو ڏاڍو خوفناڪ نظارو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن به ٽڪري کلي ٿي يا وري بند ٿِي ٿي ته ان مان عجب جهڙا ڀوائتا آواز ٿي نڪتا. ٽڪريءَ جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ مٿان ڪو پکي به اڏامي نٿي سگهيو. راجا ڪمپا ڪابيرو جي منڊي ٽڪريءَ کي ڏيکاري ۽ هن جو نالو ورتو ته ٽڪري هڪدم ماٺ ٿي ويئي ۽ هن کي وڃڻ لاءِ رستو ڏنائين. اهڙيءَ طرح راجا ٽڪريءَ تان صحيح سلامت لنگهي ويو.

اڳتي هليو ته راجا کي راڪ پکي اچي روڪيو. هو ايڏو ته وڏو هو جهڙو ديو. هن جي چهنب ڊگهي، نوڪدار ۽ وريل هئي ۽ هن جي اکين مان باهه جا اُلا پئي نڪتا. راڪ پکي پنهنجا ڏند ڪرٽي راجا کان پڇيو، ”اي نيچ انسان! توکي هت اچڻ جي همت ڪيئن ٿي؟ هاڻي آءٌ توکي کائي ويندس.“ پر راجا سوتون هڪدم منڊي ڪڍي هن کي ڏيکاري ۽ ڪمپا ڪابيرو جو نالو ورتو، ته پکي نه رڳو هن جي جان بخشي ڪئي، پر هن کي پاڻ سان اڏائي ڪيانگان وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي.

ڪيانگان پهچي راجا سوتون پوڙهي ماڻهوءَ جو ويس بدلايو ۽ پنهنجو نالو آوانگ هتام ظاهر ڪيو، ڇو جو هن جي مرضي هئي ته جيستائين ڪمپا ڪابيرو کي ڳولي هٿ نه ڪيان، تيستائين ڪيانگان جي راجا کي خبر نه پوي ته آءٌ اصل ۾ ڪير آهيان.

هڪڙي ڏينهن راجا سوتون ڪيانگان جي راجا جي محل اڳيان پئي گهميو ته شايد اتي پنهنجي راڻيءَ کي ڏسي سگهي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته سامهون ڪيتريون ئي زالون مٿن تي گهڙا کنيو ڪمپا ڪابيرو جي وهنجڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ پيون وڃن. هو محل جي دروازي وٽ هڪڙي وڻ تي چڙهي ويو. پوءِ جيئن ئي هڪ مائي ان وڻ جي هيٺان لنگهي، سوتون هيٺ جهڪي هن جي گهڙي ۾ مُنڊي اُڇلائي وڌي. ڪمپا ڪابيرو جڏهن پنهنجي منڊي ڏٺي ته هڪدم سمجهي ويئي ته راجا سوتون ڪيانگان پهچي ويو آهي. انهيءَ تي هوءَ ڏاڍي خوش ٿي، پر هر هنڌان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کان پوءِ به خبر نه پيئي ته راجا سوتون جهڙو ڪو ماڻهو آيل آهي. هن کي ايترو ته ڏک ٿيو جو هوءَ بيمار ٿي پيئي. ڪمپا ڪابيرو جي پيءُ سندس علاج ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سڀني جادوگراڻين کي گهرايو، پر ڪا به هن جو علاج نه ڪري سگهي.

نيٺ ڪيانگان جي راجا کي ڪنهن ٻڌايو ته ملڪ ۾ آوانگ هتام نالي هڪ جادوگر آيل آهي، جيڪو جادوءَ سان بيمارين جو علاج ڪري ٿو. راجا هن کي هڪدم پنهنجي محل ۾ گهرايو. اتي شهزاديءَ جيئن ئي پنهنجي مڙس کي ڏٺو ته هن جي سڄي بيماري هلي ويئي ۽ هوءَ چڱي ڀلي ٿي ويئي. اهڙيءَ ريت راجا سوتون ۽ راڻي ڪمپا ڪابيرو وري پاڻ ۾ مليا.

پوءِ راجا سوتون ڪيانگان جي راجا کان شهزادي ڪمپا ڪابيرو کي واپس زمين تي وٺي وڃڻ جي اجازت گهري. پر ڪيانگان جي راجا شرط وڌو ته پهرين راجا سوتون پاڻ کي شهزاديءَ جي لائق ثابت ڪري ڏيکاري. تنهنڪري هن سوتون کي حڪم ڏنو ته ”پهرين تون مون کي هيءُ جهنگ صفا ڪري ڏيکار، ته پوءِ مون کي پڪ ٿيندي ته تون سچو جادوگر آهين“.

اهو حڪم ٻڌي راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي طاقت تي ڌيان ڏيڻ لڳو. ستين آسمان جي ديوتا کي خبر هئي ته راجا سوتون ڪهڙي ڌيان ۾ آهي، تنهنڪري هـُن ڏانهس پنهنجي مدد اماڻي. هزارين هاٿي پهچي ويا، جن وڻن کي پاڙئون پٽي اڇلايو ۽ هڪڙو وڻ به نه رهيو. اهڙيءَ ريت سڄو جهنگ صفا ٿي ويو. انهيءَ تي راجا سوتون ڪيانگان جي راجا کي چيو، ”مهاراج! مون اوهان جي حڪم جي تعميل ڪئي“

راجا ڪيانگان هن کي وراڻيو، ”هاڻي تون وڻن کي باهه ڏيڻ کان سواءِ ساڙي ڏيکار.“

وري راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي طاقت تي ڌيان ڏيڻ لڳو. ستين آسمان جي ديوتا انهيءَ تي جادوءَ جون هزارين جهرڪيون موڪليون، جن جي چهنبن مان باهه پئي نڪتي. انهن جهرڪين سڀني وڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. پوءِ سوتون ڪيانگان جي راجا کي چيو، ”مهاراج! اوهان جي انهيءَ حڪم جي به تعميل ڪئي اٿم.“

هاڻي ڪيانگان جي راجا سَرنهن جي ٻجن جون ڀريل ٽي ٻوريون زمين تي اونڌيون ڪري ٻجن جو ڍير پکيڙي ڇڏيو. پوءِ هن سوتون کي حڪم ڪيو ته اهي سڀئي ٻج کڻي انهن ٻورين ۾ اهڙيءَ طرح ڀر جو هڪڙو داڻو رهجي نه وڃي. سوتون وري پنهنجن بزرگن جي جادوءَ جي طاقت تي ڌيان ڏيڻ لڳو. انهيءَ تي ستين آسمان جي ديوتا جنت جون جهرڪيون موڪليون. انهن جهرڪين هڪڙو هڪڙو داڻو ميڙي چونڊي ٻورين ۾ ڀريو ۽ اهو ڪم ٿي ويو. سوتون وري ڪيانگان جي راجا کي چيو، ”مهاراج! مون اهو ڪم به پورو ڪيو.“

ڪيانگان جي راجا چيس، ”هاڻي آءٌ تنهنجو آخري امتحان وٺان ٿو!“ ائين چئي هن سوتون کي هڪجهڙيون ست ڪوٺيون ڏيکاريون ۽ چيو  ته، ”انهن ستن ئي ڪوٺين ۾ منهنجي هڪڙي هڪڙي ڌيءَ ويهندي. هر ڪا ڇوڪري دروازي جي ننڍي سوراخ مان پنهنجي آڱر جو رڳو هڪڙو پور ٻاهر ڪڍي ويهندي. اهي آڱريون ڏسي توکي ٻڌائڻو آهي ته ڪمپا ڪابيرو جي ڪهڙي آڱر آهي. جيڪڏهن تون ٻڌائي وئين ته پوءِ تون هن کي پاڻ سان وٺي وڃي سگهي ٿو، پر جي تو نه ٻڌايو ته پوءِ  اسين توکي ماري ڇڏينداسون.“

هاڻي وري راجا سوتون پنهنجن وڏن جي جادوءَ جي طاقت تي ڌيان ڏيڻ لڳو. ان تي ستين آسمان جي ديوتا وري هن جي مدد ڪئي ۽ هڪ سائي رنگ جي مک موڪلي، جيڪا پهرين هن جي مٿان ڀون ڀون ڪندي رهي ۽ پوءِ ستن ئي ڪوٺين جي چوڌاري ڦرڻ لڳي. نيٺ وچينءَ ڪوٺيءَ جي سوراخ مان نڪتل آڱر جي پور تي اها مک اچي ويٺي. سوتون اهو سڄو تماشو ڏاڍي غور سان پئي ڏٺو، تنهنڪري مک کي آڱر تي ويهندو ڏسي هن هڪدم رڙ ڪئي، ”اهائي آهي ڪمپا ڪابيرو جي آڱر.“

اتي ڪيانگان جي راجا کي پوريءَ طرح خاطري ٿي ۽ هن خوش ٿي چيو، ”سچ پچ تون منهنجي ڌيءَ جي لائق آهين. تون سچ ته هڪ اهڙو جادوگر آهين جو اڻ ٿيڻو ڪم به ڪريو وڃين.“

ڪيانگان جي راجا انهيءَ خوشيءَ ۾ هڪ تمام وڏي دعوت ڪئي، جنهن ۾ ڪيانگان جي ماڻهن جي اڳيان راجا سوتون ۽ ڪمپا ڪابيرو جي ٻيهر شادي ٿي. انهيءَ موقعي تي ڪيانگان جون سڀئي ريتون رسمون پوريون ڪيون ويون. پوءِ سوتون آوانگ هتام جو ويس لاٿو ۽ ڪمپا ڪابيرو کي ساڻ وٺي زمين تي پنهنجي ملڪ ڏانهن هليو، جتي پهچي ٻئي ڏاڍي آرام سان زندگي گهارڻ لڳا.

___________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 16
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا

تنبي ۽ پوڙهي

نيپال جي ڪهاڻي

پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي پوڙهي مائيءَ کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. پوڙهيءَ پنهنجي ان ڌيءَ جي شادي پري جي ڳوٺ ۾ ڪرائي. هڪڙي ڏينهن هوءَ پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ ان ڳوٺ ڏانهن ويئي. ڳوٺ ڏانهن ويندي رستي ۾ هڪ گهاٽو جهنگ هو. اتي پوڙهي کي هڪڙي لومڙي ملي. لومڙيءَ چيس، ”ڪراڙي! آءٌ ڏهن ڏينهن کان بکايل آهيان. هاڻي تون اڳتي نه وڃ، هتي ترس ته آءٌ توکي کائي ڇڏيان.

پوڙهيءَ جواب ڏنس، ”ٿورو صبر ته ڪر مائي لومڙي! آءٌ اڄ پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ لاءِ فلاڻي ڳوٺ پيئي وڃان. اتي هڪ مهينو رهي وري هن ئي رستي کان واپس پنهنجي گهر وينديس، تنهنڪري مون کي وڃڻ ڏي. هينئر ته آءٌ سڄي هڏا  ٿي پيئي آهيان. ڌيءَ وٽ کائي پي ٿُلهي متاري ٿينديس. پوءِ اتان واپس اچڻ وقت تون مون کي ڀلي کائجانءِ.“

لومڙيءَ سوچيو، ”واهه واهه! هڪ سنهڙي هڏن نڪتل زال جي ڀيٽ ۾ هڪ ٿُلهي متاري زال جو گوشت سچ پچ ته لذيذ هوندو.“ اهو سوچي هن پوڙهيءَ کي اڳتي وڃڻ ڏنو. پوڙهي وٺي لـُوههَ ڪئي ۽ دل ۾ سوچڻ لڳي ته هاڻي ڪو به منهنجو رستو نه روڪيندو. پر اڃا ٿورو اڳتي هلي ته جهنگ جي خونخوار بادشاهه شينهن رستي ۾ هن کي روڪي چيو، ”پوڙهي! آءٌ ويهن ڏينهن کان بکيو ويٺو آهيان. توکي کائي آءٌ پيٽ چڱي طرح سان ڀريندس. هاڻي مرڻ جي لاءِ تيار ٿي.“

پوڙهيءَ وراڻيو ”اي شينهن شير خدا جا! مون کي وڃڻ ڏي. آءٌ هڪڙي مهيني کان پوءِ جڏهن پنهنجي ڌيءَ جي گهران واپس اينديس ته پوءِ تون مون کي ڀلي کائجانءِ. ان وقت تائين کائي پي آءٌ ٿلهي متاري ٿي وينديس. هن وقت ته آءٌ سڪل سڙيل آهيان. منهنجو گوشت به لذيذ نه هوندو“. شينهن جو اهو ٻڌو ته هن کي وڃڻ جي اجازت ڏني.

پوڙهي ٿورو اڳتي ويئي ته سامهون باندرن جو بادشاهه پنهنجي سڄي لشڪر سان گڏ بيٺو هو. پوڙهيءَ کي ڀنڀلائڻ جي لاءِ هن پهرين خوشبودار گلن جو هڪ هار پوڙهيءَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي هن جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ پوءِ ڳنڀير ٿي هن کي چيائين، ”ڪراڙي! تون وقت تي پهتي آهين. اسين سڀ بکيا آهيون ۽ توکي کائي اسين ڏاڍا خوش ٿينداسون.“

”باندرن جا بادشاهه! ٿورو صبر کان ڪم وٺ، آءٌ هينئر ته پنهنجي ڌيءَ جي گهر پيئي وڃان. مهرباني ڪري مون کي وڃڻ جي اجازت ڏي. هن وقت ته آءٌ هڏن جو پڃرو آهيان. پر ڌيءَ وٽ هڪ مهينو کائي پي ٿُلهي متاري ٿينديس. پوءِ اوهان مون کي ڀلي کائجو.“ پر باندرن جو بادشاهه لومڙي ۽ شينهن وانگر بيوقوف ڪونه هو جو پوڙهيءَ جي گشي ۾ اچي. تنهنڪري هن جي اشاري تي ڪي باندر پوڙهيءَ کي گهيرو ڪري بيٺا ۽ رڙيون ڪوڪون ڪرڻ لڳا. ننڍا ننڍا باندر ته پوڙهيءَ جي ڪلهن تي چڙهي ويا ۽ اتان هن جي مٿي تي ٿي ويٺا.

انهيءَ تي پوڙهيءَ ڏاڍيون منٿون خوشامديون ڪيون ۽ هنن کي هٿ ٻڌي، وڃڻ لاءِ اجازت گهري. پر باندرن جي بادشاهه چيو، ”مون کي توتي ڪو به يقين ڪونهي ته تون واپس هن رستي کان ويندينءَ. پهرين تون مهاتما ٻڌ جو قسم کڻ ته هن رستي کان واپس ايندينءَ.“

انهيءَ تي پوڙهيءَ قسم کنيو، جنهن کان پوءِ هن کي اڳتي وڃڻ جي اجازت ملي. اهڙيءَ طرح پوڙهي نيٺ پنهنجي ڌيءَ جي گهر پهچي ويئي. هوءَ اتي مهينو کن آرام سان  رهي. پر وقت گذرندي ڪا دير لڳي ٿي؟ هلڻ وقت هن کي جانورن سان ڪيل پنهنجا انجام ياد آيا. انهيءَ تي هن پنهنجي ڌيءَ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. ٻئي ماءُ ڌيئون پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ ويٺيون ته ڇا ڪجي. ان کان پوءِ پوڙهيءَ جي ڌيءَ وڃي ٻه تـُنبيون کڻي آئي. هڪڙي تـُنبيءَ جي شڪل ٻاٽلي جهڙي هئي ۽ ان جو نالو لنڪا هو. ٻي تـُنبيءَ جي شڪل نانگ جهڙي هئي ۽ نالو چـَندا هو. ڌيءَ پنهنجي پوڙهي ماءُ کي ٻاٽليءَ جهڙي تنبيءَ ۾ ويهاريو ۽ ٻيءَ تنبي چندا کي چيو ته تون اڳيان هل. اهڙيءَ طرح هلندي هلندي ٻئي تُنبيون جهنگ ۾ پهتيون، جتي باندر، شينهن ۽ لومڙي بک ۾ پاهه، پوڙهيءَ جي لاءِ بيٺا هئا ته ڪڏهن ٿي اچي ته هن کي کائي پيٽ ڀريون.

جهنگ ۾ هڪڙي چوواٽي تي باندرن جو لشڪر هر ايندڙ ويندڙ ۾ اکيون وجهيو بيٺو هو. هنن جو شڪ وڌندو پئي ويو ته پوڙهي شايد واپس نه اچي، ايتري ۾ هنن گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌو ۽ پوءِ هنن ڏٺو ته اڳيان چندا پيئي اچي ۽ ان جي پٺيان پٺيان وڏي تُنبي پئي آئي.

ڇندا پري کان ئي رڙ ڪري چيو، ”اسان جي رستي تان هٽي پري ٿيو، اسان جو رستو ڇو ٿا روڪيو؟“ باندرن جي بادشاهه سان اهڙيءَ طرح ڳالهائڻ هڪ بلڪل نئين ڳالهه هئي، تنهنڪري باندرن جي بادشاهه نرميءَ سان جواب ڏنو، ”اسين ته هڪ پوڙهي مائيءَ لاءِ بيٺا آهيون، جنهن انجام ڪيو هو ته موٽندي اسان جي کائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي اسان جي اڳيان حاضر ڪندي. تو ته رستي ۾ ڪنهن اهڙي پوڙهيءَ کي ته نه ڏٺو؟“

چندا وري ڪاوڙ مان چيو، ”اوهان جي پوڙهيءَ سان اسان جو ڇا وڃي؟ بس، اسان کي وڃڻ لاءِ رستو ڏيو.“

اهڙيءَ طرح چندا ۽ لنڪا اتان اڳتي لنگهي ويون.

هاڻي ٻئي ان هنڌ پهتيون، جتي شينهن انتظار ۾ ويٺو هو. هن اڳ ۾ ئي فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته کڻي ڇا به ٿئي، آءٌ هن ڀيري پوڙهيءَ جي هڪڙي به ڳالهه نه ٻڌندس ۽ هن کي ڏسندي ئي ڳڙڪائي ويندس. ايتري ۾ گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ شينهن اُن پاسي ڏٺو. سامهون ڏسي ته اڳيان چندا ۽ ان جي پٺيان لنڪا پيئي اچي.

چندا رڙ ڪري چيو، ”اسان کي وڃڻ لاءِ رستو ڏي.“ اهو ٻڌي شينهن ته وائڙو ٿي ويو ۽ هڪڙي پاسي ٿي بيٺو، پر پوءِ پوڙهيءَ واري ڳالهه ياد آيس ۽ هن پڇيو، ”اڙي، تو رستي ۾ پوڙهيءَ کي ڏٺو؟ جنهن انجام ڪيو هو ته واپس اچي منهنجي اڳيان حاضر ٿيندي، جيئن آءٌ هن کي کائي ڍئو ڪريان؟“

چندا چيو ته، ”اسان جو ان پوڙهيءَ سان ڪهڙو واسطو؟ اسان جي رستي کان هٽي پري ٿي.“ اهريءَ طرح چندا ۽ لنڪا اڳتي وڌيون.

ان وقت لومڙيءَ ان عجب جهڙي لڏندڙ لمندڙ تُنبيءَ کي هلندي ڏسي ورتو هو ۽ هن کي شڪ ٿيو. هن هڪ نوڪدار پٿر کڻي رستي ۾ رکي ڇڏيو ۽ پاڻ وري هڪڙي وڻ جي پٺيان لڪي انتظار ڪرڻ لڳي.

هوڏانهن چندا ۽ لنڪا ٽپ ڏينديون اڳتي وڌيون. پوڙهي ڏاڍي خوش پئي لڳي ته شڪر آهي جو باندرن ۽ شينهن مان ڇوٽڪارو مليو.

اوچتو نوڪدار پٿر تنبيءَ ۾ لڳو ۽ تُنبي ٺڪاءُ ڏيئي ٽڪر ٽڪر ٿي ڀڄي پيئي ۽ پوڙهي زمين تي ڪِري پيئي.

ان وقت تائين باندرن ۽ شينهن کي به پوڙهيءَ جي چالاڪيءَ جي خبر پئجي ويئي هئي. پر تُنبيءَ جو ٺڪاءُ ڏيئي ٽڪر ٽڪر ٿي ته سڀئي جانور ڊوڙندا ڊوڙندا اتي اچي گڏ ٿيا. پوڙهي سمجهي ويئي ته هاڻي خير ڪونهي. پر همت هارڻ جي بدران هن جانورن کي ڏسي چيو، ”اوهان تڪڙا نه ٿيو. اوهان ڀل مون کي کائو، پر اڃا به وڌيڪ چڱو ائين ٿيندو ته اوهين مون کي باهه ۾ ڀـُڃي کائيندوء ته منهنجو گوشت وڌيڪ مزيدار ٿيندو.“

پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌي جانورن باهه ٻاري. باهه ڏسي پوڙهي چوڻ لڳي، ”هيءَ باهه پهرين ڇار ٿئي ته پوءِ آءٌ ان ۾ چڱي طرح ڀـُڃجي سگهنديس، نه ته هن باهه ۾ ته آءٌ سڙي ڪوئلو ٿي وينديس.“

جڏهن باهه ٻري ڇار ٿي ويئي ته پوڙهي هڪڙو پٿر کڻي اتي وچ ۾ رکيو ۽ ان تي چڙهي ويٺي. جانورن سمجهيو ته هاڻي ڄاڻ ته کاڌو پچي تيار ٿيو، تنهنڪري پنهنجي رواج مطابق اکيون ٻوٽي کاڌي کائڻ کان اڳ جي دعا گهرڻ لڳا. پوڙهي ته انهيءَ تاڙ ۾ هئي، تنهن هڪدم گرم گرم ڇار جا ٻـُڪ ڀري جانورن جي منهن ۾ هنيا. ڇار جانورن جي اکين ۾ وڃي پيئي ۽ هنن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. پوءِ جيستائين جانور پنهنجيون اکيون اگهن ئي اگهن، تيستائين پوڙهي اتان اٿي ڀڳي ۽ جهنگ مان نڪري ويئي. لومڙي، شينهن ۽ باندرن جو بادشاهه ته بک ۾ پاهه پئي ٿيا، سو هنن سڀني گڏجي جهنگ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڳولي، پر پوڙهيءَ جو نالو نشان به ڪونه ملين. اهڙيءَ ريت انهن جانورن کي اها پوڙهي وري ڪڏهن جهنگ ۾ نظر نه آئي.

__________

 

سيڪشن؛ لوڪ ادب
ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
باب: —
صفحو : 17
ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون
مراد علي مرزا
 

سوپاري ۽ پان جي ڪهاڻي

ويٽنامجي ڪهاڻي

اُتر ويٽنام ۾ هڪ جابلو علائقي جي هڪ پرانهين ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪائو خاندان جا ٻه ڀائر رهندا هئا. ان زماني ۾ ويٽنام تي هونگ وانگ بادشاهه جي حڪومت هئي. وڏي ڀاءُ جو نالو ڪائوتان ۽ ننڍي ڀاءُ جو نالو ڪائو لانگ هو. ٻنهي جون شڪليون ايتريون ته هڪجهڙيون هيون، ڄڻ ته هڪڙي ڦريءَ جا ٻه داڻا هجن. ٻئي ڏاڍا سهڻا، ڏاڍا سُلڇڻا ۽ ڏاڍا محنتي هوندا هئا.

ننڍي ڀاءُ يعني ڪائو لانگ کي لو خاندان جي ڇوڪري ڪوان ڦو سان محبت ٿي ويئي. ڪوان ڦو هڪڙي ويجهي ڳوٺ ۾ رهندي هئي. هن جي عمر سورهن سال هئي. هوءَ ڏاڍي سهڻي هئي ۽ هن جي هلت چلت به ڏاڍي سٺي هئي. ڪيترائي نوجوان هن سان شادي ڪرڻ لاءِ آتا هوندا هئا، پر هوءَ ڪنهن کي به منهن نه ڏيندي هئي. پر دل ئي دل ۾ هوءَ ڪائو لانگ کي ڏاڍو ڀائيندي هئي.

هڪڙي ڏينهن ڪائو لانگ ڏاڍو شرمائيندي پنهنجي ماءُ کي پنهنجي شادي ڪرائڻ لاءِ چيو. پر  هن ماءُ کي اهو نه ٻڌايو ته ڪنهن سان شادي ڪرائي. ماڻس هن کي جواب ڏنو ته رواج مطابق جيستائين تنهنجي وڏي ڀاءُ جي شادي نه ٿي آهي، تيستائين تنهنجي شادي نه ٿي سگهندي. ڪائو لانگ هڪ فرمانبردار پٽ وانگر پنهنجيءَ ماءُ جو چيو مڃيو ۽ ماٺ ڪري ويٺو. انهيءَ وچ ۾ هن جي وڏي ڀاءُ ڪائو تان شادي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي ڇوڪرين جي پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ ائين ٿيو جو هن کي به ساڳي سهڻي ڇوڪري ڪوان ڦو وڻي ويئي. ڪائولانگ جڏهن اها خبر ٻڌي ته هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. پر هن کي پنهنجي وڏي ڀاءُ سان ايترو پيار هوندو هو جو هن وات مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي ۽ ماٺ ڪري ويهي رهيو.

جڏهن ڪائو تان پنهنجيءَ ماءُ سان گڏ ڪوان ڦو جي گهر وڃي هن جي سڱ جي گهـُر ڪئي، ته ڪوان ڦو پنهنجو راضپو ڏيکاريو. حقيقت ۾ هن ڪائو تان کي ڏسي سمجهيو ته ڪائو لانگ آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڪائو تان سان اڳ ڪڏهن به نه ڳالهايو هو. ٻيو ته ٻنهي ڀائرن جون شڪليون بلڪل هڪجهڙيون هيون. اهڙيءَ طرح ڪائو تان ۽ ڪوان ڦو جي شادي ٿي ويئي.

ڪائو لانگ ويچاري ته دل جو سور دل ۾ ئي رکيو، پر جڏهن ڪوان ڦو کي پنهنجي غلطيءَ جي خبر پيئي، ته هن به ان کي قسمت جو لکيو سمجهي کڻي ماٺ ڪئي ۽ گهر جو سڄو ڪم ڪار  پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. انهيءَ ڪري به ته هن جو مڙس ڪائو تان به پنهنجي ڀاءُ ڪائو لانگ وانگر ڏاڍو سهڻو، سلڇڻو ۽ محنتي هوندو هو.

پوءِ ڪوان ڦو آهستي آهستي گهر جو سڄو ڪم ڪار پاڻ ڪرڻ لڳي. هوءَ ماني پچائيندي هئي، چانهه ٺاهيندي هئي ۽ سڄي گهر جي ڇنڊ ڦوڪ به ڪندي هئي. هر روز ٻئي ڀائر ڍڳا ڪاهي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ ويندا هئا. سڄي ڏينهن جي پورهئي کان پوءِ ڪائو تان ڪلهي تي هر رکي واپس گهر ايندو هو ۽ هن جي پٺيان ڪائو لانگ ڍڳن جي جوڙي هڪليندو ۽ جهونگاريندو ايندو هو. شام جو جڏهن گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ماني کائيندا هئا ته سڄي گهر ۾ خوشيءَ ۽ محبت جا ٽهڪ پيا گونجبا هئا.

هڪڙي ڏينهن شام جو ڪوان ڦو کاڌو پچائي واندي ٿي ته کڙڪو ٻڌي پنهنجي مڙس جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ دروازي تي ويئي. انهيءَ ڏينهن اتفاق هيءُ ٿيو جو ڪائو لانگ هر ڪلهي تي کنيو پئي آيو ۽ ڪائو تان وري ڍڳن جي جوڙي ڪاهيندو ٿورو پٺيان پئي آيو. پري کان ڪوان ڦو سمجهيو ته هر ڪلهي تي کنيو سندس مڙس پيو اچي، تنهنڪري هوءَ ڊوڙي وٽس ويئي ۽ هن جا ٻئي هٿ جهلي آڌر ڀاءُ ڪيائين.

ڪائو لانگ هڪدم سمجهي ويو ته ڪوان ڦو غلطيءَ کان مون کي ڪائوتان سمجهيو آهي، تنهنڪري هن ڇرڪ ڀريندي چيو، ”ڀاڄائي!“

اهو لفظ ٻڌي ڪوان ڦو کان به ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن کي خبر پيئي ته اهو سندس مڙس ڪائو تان ڪونه هو. پر ڪائو تان ته اها سڄي ماجرا ڏسي ورتي هئي، جنهنڪري هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو پنهنجيءَ زال سان ملڻ کان سواءِ گهر ڏانهن هليو ويو.

ان ڏينهن کانپوءِ هنن جي گهر مان خوشي هلي ويئي. انهيءَ تي ڪائو لانگ خيال ڪيو ته ڏوهه سڄو منهنجو آهي. تنهنڪري هن سوچيو ته گهر ۾ اها خوشي وري تڏهن ايندي جڏهن آءٌ پاڻ هن گهر مان هليو وڃان. اهڙيءَ ريت هو گهر مان هليو ويو. ڪنهن کي به خبر نه پيئي ته هو ڪهڙي پاسي ويو؟ خود هن کي به خبر نه هئي ته ڪيڏانهن وڃان ٿو. سيارو، اونهارو، بهار، خزان، مطلب ته ڏينهن رات هو هلندو رهيو، پهاڙن ۾، دريائن ۾ ۽ اڻڄاڻ ۽ اوپرن ڳوٺن ۾ رلندو ۽ ڀٽڪندو رهيو.

نيٺ هڪڙي ڏينهن شام جو هو ٿڪجي، ٽٽجي هڪڙي درياءَ جي ڪپ تي ڪِري پيو ۽ مري ويو. هن جي سچي محبت ۽ بيمثال قربانيءَ جي ڪري هن جو بدن چـُن جي هڪ کير جهڙي ٽڪري ٿي پيو، جنهن جي ڀرسان وهندڙ درياءَ ڄڻ ته هن جي اهڙي ڏکائتي پڇاڙيءَ تي ڳوڙها پئي وهايا.

هوڏانهن گهر ۾ ڪائو تان پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي جي ڪري ڏينهن به ڏينهن ڳرندو ويو. هن پنهنجو پاڻ کي پئي ننديو ته آخر مون پنهنجي ڀاءُ کي وڃڻ ڇو ڏنو. نيٺ هو پاڻ ڀاءُ جي ڳولا ڪرڻ لاءِ گهران روانو ٿيو. ڀاءُ کي وري هڪ ڀيرو ڏسڻ لاءِ هو جبلن ۽ جهنگن ۾ رلندو رلندو هڪڙي درياءَ جي ڀرسان کير جهڙي اڇي چـُن جي ٽڪريءَ وٽ اچي پهتو. هن جو ساهه چڙهي ويو هو، تنهنڪري ٿڪ کان چور ٿي اتي ڪِري پيو ۽ مري ويو. هن جي اهڙي پيار ۽ محبت جي ڪري هن جي بدن مان هڪ ڊگهو ۽ مضبوط وڻ نڪري آيو، جنهن ۾ بادام جهڙيون سوپاريون ڦٽيون ٿي.

مڙس جي وڃڻ کانپوءِ ڏاڍي صبر ۽ وڏي اميد سان هن جي واپس اچڻ جو انتظار ڪيو. ٻه سال ٿي ويا، پر ويندڙن جي ڪا به خبر نه آئي. ڪوان ڦو جون سڀ اميدون ۽ آسرا ٽٽي پيا ۽ هڪڙي ڏينهن صبح جو هوءَ پنهنجيءَ سس کان موڪل وٺي پنهنجي مڙس ۽ ڏير کي ڳولڻ لاءِ گهران نڪتي. هوءَ مينهن ۽ اُس ۾ به ڪٿي نه بيٺي ۽ هلندي رهي. نيٺ قسمت هن کي انهيءَ هنڌ وٺي آئي، جتي اڇي چـُن جي ٽڪريءَ جي ڀرسان سوپارين جو وڻ هو. اتي اچي، هن مان سموري سگهه نڪري ويئي ۽ هوءَ بي حال ٿي ڪِري پيئي ۽ اتي جو اتي مري ويئي. مرڻ کان پوءِ هوءَ ڦري وَل ٿي پيئي ۽ سوپاريءَ جي وڻ جي ٿـُڙَ کي ويڙهجي ويئي. اهڙيءَ طرح مرڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي مڙس سان وڃي ملي.

انهن جي اها ڏک واري ڪهاڻي وهندڙ درياءَ ٻڌائيندو هو ۽ جڏهن ڳوٺ وارن کي ان ڪهاڻيءَ جي خبر پيئي تڏهن انهن ٽنهي جي ياد ۾ اتي هڪڙو مقبرو ٺهرايو. ڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ هونگ وانگ بادشاهه جو اتان لنگهڻ ٿيو ۽ هن کي به اها آکاڻي ٻڌائي ويئي. ٻنهي ڀائرن ۽ ڪوان ڦو جي محبت جو اهو قصو ٻڌي بادشاهه تي ڏاڍو اثر ٿيو. پوءِ هن وَل مان هڪ پَن پٽي ان ۾ سوپاري وجهي چٻاڙي کاڌو. انڪري هن جي وات مان ڏاڍي سٺي خوشبوءِ آئي. پوءِ جڏهن هن اچي ٽڪريءَ تي پِڪَ اڇلائي ته ان جو رنگ گهاٽو ڳاڙهو هو. انهيءَ رنگ کي سدائين سچيءَ محبت جو رنگ سمجهيو ويندو آهي.

بادشاهه حڪم ڏنو ته انهيءَ پن ۽ سوپاريءَ کي آئندي شاديءَ  جي رسمن ۾ واپرايو وڃي ۽ اڃا تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي، يعني سوپاريءَ جا ننڍا ٽڪر جن ۾ اڇو چـُن مليل هوندو آهي، پانَ جي پـَنَ ۾ ويڙهي گهوٽ ۽ ڪـُنوار کي کائڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.