Board

1 min read

مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ چيئرمن جناب مخدوم سعيد الزمان عاطف سنڌي ادبي بورڊ ” ٽه روزه علمي ۽ ادبي سرگرمين جو پهريون ڏينهن ”11 فيبروري 2020ع“ ڪتابي ميلي جو افتتاحي“ ۽ اڄياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

 مانائتن مهمانن سان دل جون ڳالهيون

السلام عليڪم

بورڊ ۾ آيل سڀني معزز مهمانن کي ڀليڪار چئون ٿا.

 

سمورا علم-دوست ۽ تاريخ جا ڄاڻون سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۽ شروعاتي ڪارڪردگئ کان باخبر آھن. پوء به ڪي ڳالهيون مختصر طور ياد ڏيارڻ لاء ھيءُ موقعو مناسب آھي. سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو. جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.

ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 4694-  هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ XXI/1860 تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.

مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خودمختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.

اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪ پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواهه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 642 ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن. ان کان سواءِ تسلسل سان ٽي رسالا ٽه ماهي مهراڻ، ٻارڙن لاءِ ماهوار گل ڦل ۽ عورتن لاءِ ماهوار سرتيون شايع ڪري رهيو آهي، هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

سنڌي ادبي بورڊ جي هڪ سال جي ڪارڪردگي

 

اجلاس: دستور مطابق هن وقت تائين بورڊ جا ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن.

 

گڏجاڻيون: بورڊ جون چار سب ڪميٽيون ٺهيل آهن ۽ اهي پنهنجي T.O.Rs جي مطابق گڏجاڻيون ڪنديون رهن ٿيون.

 

منهنجي حاضري: بورڊ جي چيئرمين جي حيثيت سان آئون ذاتي طور تي بورڊ جو ڪم ڪار ڏسڻ ۽ انهيءَ حوالي سان هدايتون ڏيڻ لاءِ هر هفتي اٺ ڪلاڪ بورڊ ۾ اچي آفيس ۾ ويهي ڪار ونهوار هلايان ٿو.

 

معزز ميمبرن جو تعاون: بورڊ جا ميمبر صاحبان اداري کي فعال بڻائڻ لاءِ مون سان غير مشروط تعاون ڪن ٿا ۽ وقت بوقت بورڊ جو دورو ڪري پنهنجي ڪميٽيءَ جي حوالي سان عملي کي ڏنل ڪم ۽ سندن ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺن ٿا.

 

بورڊ کي فعال بڻائڻ جون ڪوششون: منهنجي ذاتي ڪوششن سان ۽ بورڊ آف گورنرس جي تعاون سان اسان هي ڪم ڪري سگهيا آهيون:

  • ڇپائيءَ جي انتظار ۾ پيل 61 ڪتاب ۽ رسالا ڇپرائي شايع ڪرايا ويا. (ضميمو)
  • 11 ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن. جڏهن ته 30 ڪتاب ڇپائيءَ لاءِ مڪمل تيار آهن. ۽ 135 ڪتاب تياريءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
  • حڪومت طرفان بورڊ کي ملندڙ گرانٽ مان 72 لک رپين جي ڪٽوتي گذريل سال وفاقي حڪومت جي حڪم هيٺ ڪئي وئي آهي. هن سال به پهرين قسط مان 25 لک رپيا ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته بورڊ جي گرانٽ مان ڪنهن به قسم جي ڪٽوتي نه ٿئي. ان لاءِ لکپڙهه ذريعي ۽ ذاتي ملاقاتن وسيلي معاملي کي سلجهائڻ جي ڪوشش جاري آهي.
  • ان کان علاوه بورڊ جي ترقياتي ڪمن جي منظور ٿيل PC-Iمان ٻه ڪروڙ ڏهه لک رپيا پڻ حڪومت طرفان جاري نه ڪيا ويا آهن. جنهن لاءِ بورڊ طرفان جاکوڙ ۽ ڪوشش جاري آهي.
  • بورڊ جي گرانٽ وڌائڻ لاءِ سنڌ سرڪار سان لکپڙهه جاري آهي.
  • بورڊ جو تعارف ۽ بورڊ جون ضرورتون جي عنوان سان وزيراعظم صاحب، گورنر صاحب ۽ صدر مملڪت صاحب رابطا جاري آهن.
  • بورڊ جي پبليڪيشن جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ سنڌ سرڪار کان انڊوومينٽ فنڊ جي گهُر ڪئي وئي آهي.
  • بورڊ جي آئوٽ آف اسٽاڪ ڪتابن جي ڇپائي لاءِ سنڌ سرڪار کان اسپيشل گرانٽ وٺڻ.
  • بورڊ جي ڪتابن جي ڇپائي متاثر نه ٿئي ان لاءِ سنڌ سرڪار کي هڪ اسپيشل فنڊ قائم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي جيڪو صرف ۽ صرف ڇپائيءَ جي لاءِ استعمال هيٺ ايندو.
  • بورڊ جي ناياب قلمي نسخن ۽ مخطوطن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ جديد مشينري خريد ڪئي وئي آهي.
  • بورڊ آفيس ڄام شورو ۾ ڪتاب جي عالمي ڏهاڙي تي 3 ڏينهن لاءِ ڪتابي ميلو منعقد ڪيو ويو.
  • بورڊ جي ڪم ۾ رڪاوٽ نه اچي ان لاءِ ايڪسپريس لائين لاءِ سنڌ سرڪار ۽ واپڊا اختيارين سان لکپڙهه جاري آهي.
  • ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن کي بورڊ سان سهڪار لاءِ لکپڙهه جاري آهي.
  • چيئرمين ضلعي ڪائونسل کي بورڊ سان سهڪار لاءِ لکپڙهه جاري آهي.
  • چيئرمين ضلعي ڪائونسل کي بورڊ سان سهڪار لاءِ لکپڙهه جاري آهي.
  • بورڊ جي ذري گهٽ ناڪاره ٿيل ڪوسٽر بس کي ”مني بڪ شاپ“ طور تيار ڪيو ويو آهي.
  • ڪيمپس ۾ قائم ٿيل مختلف عمارتن ۽ مين آفيس جي مرمت ۽ رنگ روپ جو ڪم اوهان جي سامهون هلندڙ آهي.
  • بورڊ اندر نئين بلڊنگ جي اڏاوت لاءِ سنڌ يونيورسٽي کان وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ وي سي صاحب سان لکپڙهه جاري آهي.
  • بورڊ جي نئين ۽ جديد انداز سان بيوٽيفڪيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ خالي پيل احاطي ۾ شجرڪاري ۽ گل ٻوٽا لڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي.
  • بورڊ جي موجوده لان ۾ سنڌ جو3D نقشو ٺهرايو پيو وڃي.
  • بورڊ جي آڊيٽوريم اڳيان دور جديد جي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي 3D۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ لکيو ويو آهي.
  • عالمي ادب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري بورڊ پاران شايع ڪرائڻ جو منصوبو سست روي جو شڪار هيو. ان کي متحرڪ ڪيو ويو آهي.
  • آن لائين بڪ شاپنگ جو انعقاد ڪيو ويو آهي.
  • آڊيٽوريم جي رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ سرڪار سان لکپڙهه جاري آهي.
  • بورڊ جي آن لائين لائبرريءَ ويب سائيٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ ۽ پڙهندڙن لاءِ وڌيڪ مفيد بڻائڻ لاءِ ويب سائيٽ ۾ فني تبديليون آنديون ويون.
  • انهي سلسلي ۾ هڪ وڌيڪ ويب سائيٽ جوڙائي وئي آهي. جنهن ۾ بورڊ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ بابت تفصيل موجود هوندا.
  • بورڊ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو عملدارن ۽ ملازمن جي ٽريننگ جون اهتمام ڪيو ويو.
  • سنڌ جي ناليوارن اديبن دانشورن جا ڏهاڙا ملهائڻ، مشاعرا، سگهڙن جي ڪچهري، ادبي ميڙاڪا ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي. اڄ اسان جو گڏجڻ ان سلسلي جي ڪڙي آهي.

 

مستقبل لاءِ منصوبه بندي: سنڌي ادبي بورڊ ڪيترن ئي نون منصوبن ۽ پروجيڪٽس تي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ۽ انهن جا ”پروپوزلس“ خواهه PC-1 جوڙيا پيا وڃن. انهن منصوبن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ۽ بورڊ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لاءِ مالي امداد جي ضرورت آهي. انهي سلسلي ۾ بورڊ جن پراجيڪٽس تي تڪڙو ڪم ڪرڻ گهري ٿو، اهي آهن:

  • بورڊ جي آڊيٽوريم جو رهيل ڪم پورو ڪرڻ.
  • بورڊ ۾ موجود قلمي نسخن جي پورهيي کي عام سنڌي پڙهندڙن تائين پهچائڻ.
  • سنڌ جا جيڪي به عالم، ليکڪ، شاعر ۽ دانشور آهن انهن جو احوال ۽ انهن جون علمي خدمتون انگريزي ۾ ترجمو ڪرائي عالمي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ.
  • ايف ايم ريڊيو جو قائم ڪرڻ.
  • سنڌ جي تاريخ کي انگريزي ٻولي ۾ شايع ڪري دنيا ۾ ڦهلائڻ.
  • عالمي ادب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ.
  • ادبي انسائيڪلو پيڊيائون مرتب ڪرائڻ.
  • ٻاراڻي ادب جي حوالي سان انسائڪلو پيڊيا ڪلر فل ڪتاب شايع ڪرڻ.
  • عظيم صوفي شاعرن جي شاعريءَ کي سنگيت جي روپ ۾ ڪمپوز ڪري ان جون CDsٺهرائڻ.
  • بورڊ جي ڪتاب گهر جي بلڊنگ جديد طرز تي جوڙائڻ.
  • بورڊ جي لائبرريءَ جي نئين بلڊنگ لاءِ جوڙائڻ.
  • بورڊ جي ملازمن جي ڪالوني ٺهرائڻ.
  • مختلف ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ بڪ شاپ ۽ ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ.
  • وڌ کان وڌ نوان ۽ ريپرنٽ ڪتاب ڇپرائڻ.
  • قلمي نسخن ۽ مخطوطن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ الڳ شعبو قائم ڪرڻ.
  • سيمينار، مذاڪره ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرائڻ.
  • ڪتابي ميلا منعقد ڪرائڻ.
  • آڊيو وڊيو لائبرري قائم ڪرڻ.
  • ريسرچ لاءِ ايندڙ محققن لاءِ مهمان خانو تيار ڪرڻ.

انهن سمورن ڪمن ۽ پراجيڪٽس مان ڪيترن جون PC-I تيار ڪيو ويون آھن ۽ باقي پراجيڪٽس جون پي سي ون مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آھن.

مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“

چيئرمين، سنڌي ادبي بورڊ

ضميمو 1: 

1.        صوفي لاڪوفي (ڀاڱو پهريون) 2.         صوفي لاڪوفي (ڀاڱو ٻيو) 3.        آغا سليم: شخصيت ۽ فن (اينٿالاجي)
4.        مڪلي ٽڪري 5.         بتين واري ناني 6.        ڪلاسيڪي شاعري
7.        قصيده برده شريف 8.         ٿر ۽ پارڪر جو احوال 9.        سنڌ جو سفر
10.     زينت (ناول) 11.      گل شڪر 12.     ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾
13.     عجيب طلسم 14.      وامق عذرا 15.     تاريخ سنڌ
16.     ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام 17.      ڀولڙي جي ڀُل 18.            راحت الروح
19.     اخلاق محمدي صه 20.      حيات النبي صه 21.     جمال حبيب صه
22.     لاڙ جا ماڳ ۽ مڪان 23.      اَڌوري تصوير 24.     تحفة الڪرام
25.     آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه- 3) 26.      جنرل سائنس 27.     سُرها گُلَ
28.  سنڌ جو تاريخ نويس مير علي شير قانع ٺٽوي 29.      مقالات الحڪمت 30.     سج اڀرڻ کان پوءِ
31.     ڇهه ڇهه پئسا ٻه ٻه پايون 32.      شخصيتون 33.     پرين جو ڪهاڻيون
34.     مهراڻ 1/2019ع 35.      مهراڻ 2/2019ع 36.     مهراڻ 3/2019ع
37.     مهراڻ 4/2019ع 38.      مهراڻ 1/2020ع 39.     سرتيون نومبر- ڊسمبر 2018ع
40.  سرتيون (هڪ شخصيت 100 سوال) 1-3/2019ع 41.      سرتيون اپريل 2019ع 42.     سرتيون مئي 2019ع
43.     سرتيون جون 2019ع 44.    سرتيون جولاءِ 2019ع 45.   سرتيون آگسٽ 2019ع
46.     سرتيون سيپٽمبر 2019ع 47.    سرتيون آڪٽوبر 2019ع 48.   سرتيون نومبر 2019ع
49.     سرتيون ڊسمبر 2019ع 50.    گل ڦل فيبروري- اپريل 2019ع 51.   گل ڦل مئي 2019ع
52.     گل ڦل جون 2019ع 53.    گل ڦل جولاءِ 2019ع 54.   گل ڦل آگسٽ 2019ع
55.     گل ڦل سيپٽمبر 2019ع 56.    گل ڦل آڪتوبر 2019ع 57.   گل ڦل نومبر 2019ع
58.     گل ڦل ڊسمبر 2019ع 59.    گل ڦل جنوري 2020ع 60.   مهراڻ 1/2019ع
61.     مهراڻ 2/2019ع

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!