publication committee

1 min read
سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي دستوري گڏجاڻي مورخه 02- ڊسمبر 2019ع تي ڪميٽيءَ جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي معزز ميمبرن جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ۽ جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب، بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽرياڻين سان پڻ گڏجاڻي ڪئي وئي،

 

سنڌي ادبي بورڊ جي پبليڪيشن ڪميٽيءَ جي دستوري گڏجاڻي مورخه 02- ڊسمبر 2019ع تي ڪميٽيءَ جي چيئرمين جناب ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ صاحب جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ ڪميٽيءَ جي معزز ميمبرن جناب ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب ۽ جناب ڊاڪٽر اسد جمال پلي صاحب، بورڊ جي سيڪريٽري جناب سيد سڪندر علي شاهه صاحب، انچارج پبليڪيشن آفيسر جناب ميرزا دبير حسين بيگ صاحب ۽ اسسٽنٽ پبليڪيشن آفيسر جناب محمد رفيق جمالي صاحب شرڪت ڪئي. هِن گڏجاڻيءَ ۾ پبليڪيشن شعبي کي معزز ليکڪن ۽ اديبن کان مليل مسودن جي ڇپائيءَ تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ بورڊ طرفان علم ادب جي اشاعت جا نت نوان پراجيڪٽس ٺاهڻ لاءِ تجويزون ڏنيون. جن کي بورڊ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي نظرثاني ۽ منظوري کانپوءِ بورڊ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرائي، منظور ڪرايو ويندو. پبليڪيشن ڪميٽيءَ ان کان علاوه بورڊ طرفان شايع ٿيندڙ رسالن ٽماهي ”مهراڻ“، ماهوار ”گل ڦل“ ۽ ماهوار ”سرتيون“ جي ايڊيٽرياڻين سان پڻ گڏجاڻي ڪئي وئي، جنهن ۾ بورڊ جي رسالن جي معيار، مقدار وڌائڻ ۽ وقت سر رسالن جي اشاعت کي يقيني بنائڻ لاءِ پڻ فيصلا ڪيا ويا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!