اخلاق حميدہ: سنڌيڪار مرزا علي نواز بيگ، صفحا 94، قيمت هڪ رپيو – ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ،“ 3- سول لائنس، حيدرآباد سنڌ.
1 min readاخلاق حميدہ: سنڌيڪار مرزا علي نواز بيگ، صفحا 94، قيمت هڪ رپيو – ڇپائيندڙ ”سنڌي ادبي بورڊ،“ 3- سول لائنس، حيدرآباد سنڌ.
سنڌي زبان ۾ ٻارن ۽ عورتن لاءِ ڪي مفيد ۽ خالص ادبي نموني جا ڪتاب البت گهٽ آهن. انهيءَ گهٽتائيءَ کي مرزا علي بيگ، ”اخلاق حميده“ نالي ڪتاب لکي پورو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اخلاق جا گهڻو ڪري سڀئي پهلو، نهايت مختصر پر سهڻين ۽ دلچسپ آکاڻين ۾ مثال ڏيئي سمجهايا ويا آهن، جنهنڪري هي ڪتاب ازحد دلچسپ ٿي پيو آهي. ڪتاب جيتوڻيڪ مڪمل آهي اها هن ڪتاب جي ادبي خوبي آهي. ڪتاب کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي: توضع، گفتگو جي آداب جي بيان ۾، ۽ سهڻا اخلاق.
اخلاق ايترو ته وسيع موضوع آهي جو ان تي جيترو لکجي، ٿورو آهي. مگر مرزا علي نواز بيگ هن ڪتاب ۾ پنهنجن ادبي صلاحيتن جو مڪمل اظهار ڪيو آهي ۽ درياء کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي. مثال طور، جيڪڏهن اهو سمجائڻو اٿس ته ”اهائي زبان کٽ تي ويهاري ۽ اهائي زبان پٽ تي“، ته پهريائين ڪتاب ۾ مثال پيش ٿو ڪري، ان بعد سمجهاڻي ڏئي ٿو، ته جيئن نصحيت چڱيءَ طرح ذهن نشين ٿي وڃي، جنهنڪري ڪتاب ۾ سلسلو ۽ بيان جو لاڳاپو آخر تائين برقرار رهي ٿو، جيئن هتي ڏجي ٿو:
”ڳالهه ٿا ڪن ته سلطان ملڪ شاهه سلجوقي هڪ رات خواب ۾ ڏٺو ته سندس سڀيئي ڏند وات مان هيٺ ڪري پيا آهن؛ جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳيو، تڏهين انهيءَ واقعي کان نهايت خوف ۽ فڪر ۾ پئجي، حڪم ڏنائين ته ڪنهن تعبير ڪرڻ واري کي حاضر ڪجي. جو هن خواب جي تعبير ڪري، هڪڙي تعبير ڪرڻ واري کي بادشاهه جي خدمت ۾ وٺي آيا. اگرچ هو انهيءَ فن ۾ ماهر هو، پر هن جي مغز ۾ غرور ۽ وڏائيءَ جي هوا اهڙي ڀريل هئي جو ڪنهن کي به خيال ۾ نٿي آندائين. هن ناخردمند تعبير ڪندڙ ڪنهن به انديشي ۽ تامل کان سواءِ چيو ته ”بادشاهه جا سڀيئي عزيز ۽ خويش بادشاهه جي روبرو مري ويندا.“ سلطان کي هيءُ نا ملائم جواب طبع جي خلاف ڏسڻ ۾ آيو ۽ نهايت غضب ۾ اچي حڪم ڪيائين ته بيعقل تعبير ڪندڙ کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي. اهڙي طرح، ٻيو تعبير ڪندڙ آيو. سلطان ان کي خواب جو احوال ٻڌايو، تنهن احتياط ۽ عاقبت انديشيءَ کي سامهون رکي چيو ته ”جيڪو خواب حضور ڏٺو آهي، تنهن مان ثابت آهي ته حضور جي عمر وڏي ٿيندي يعني حضور جي عمر سڀني عزيزن ۽ خويشن کان زياده ٿيندي.“ سلطان کي هن جي حسن ڪلام ۽ طريقه بيان نهايت پسند آيو، ۽ هن کي گهڻو انعام ڏنائين.“
اهڙيءَ طرح، هرهڪ آکاڻي کان پوءِ وري سمجهاڻي آهي. مثال طور، گفتگو جو رستو بلڪل ناهموار ۽ خوفناڪ آهي ۽ ان ۾ گهڻا خطرا آهن، تنهنڪري بنا غور ۽ تامل جي هڪ لفظ به چپن مان به ڪڍجي“؛ وغيره وغيره.
مطلب ته ڪتاب ”اخلاق حميده“ هڪ نصيحت آميز ڪتاب آهي. ڪتاب جي ٻولي البت عربي ۽ فارسي لفظن ۽ تشبيهن سان ڀريل آهي، جنهنڪري اهو انديشو ٿئي ٿو ته ٻارن ۽ گهٽ ڄاڻ وارن لاءِ مونجهارو پيدا ڪري؛ پر ايترو ضرور آهي ته رنگين زبانيءَ ۽ افادي پهلوءَ کي مدنظر رکجي ٿو ته پوءِ هن جو ادبي رتبو مٿانهون ٿو ڏسڻ ۾ اچي. سنڌي ادب ۾ هن جهڙن خالص ادبي نثر وارن ڪتابن جي ڪمي آهي، هن کي مرتب ڪري مرزا صاحب سنڌي ادب تي احسان ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترائي عمدا مثال آهن، جي پنهنجيءَ جاءِ تي ادب جو بي بها ذخيرو آهن، جن مان ڪجهه مثال هت ڏجن ٿا:
_”جيڪڏهين ڀانئين ته ٻنهي جهانن جي سعادتن جو ميوو کائين، ته فياض ٿي.“
_”نيڪ نيت ۽ چڱا ماڻهو اهي آهن، جيڪي رات ڏينهن خدا جي خلق جي خيرخواهيءَ ۾ آهن.“
_”غرور انسان ۾ هڪ وڏو عيب آهي، مگر تواضع انسانيت ۽ آدميت آهي.“
_”بي ادبي هڪڙو سيلاب آهي، جو عزت ۽ وقار جي ماڙيءَ کي ڊاهي چٽ ڪري ٿو ڇڏي.“
_”تحقيق، خدا تعاليٰ جون نعمتون ۽ ٻنهي جهانن جو فيض ان کي حاصل ٿيندو جيڪو خلق جي عيبن ظاهر ڪرڻ کان پرهيز ڪندو ۽ انهن جي دلين کي پنهنجي لفاق جي ڏنگ سان زخمي نه ڪندو.“
اهڙيءَ طرح، هي ڪتاب قيمتي مثالن سان ڀريو پيو آهي، ۽ اعليٰ خيالات ۽ وڻندڙ بيان سبب هڪ دلچسپ ۽ دل ۾ گهر ڪندڙ مواد جو مجموعو آهي. مصنف هن جي ترتيب ۾ جيڪا جانفشاني ڪئي آهي، ان جو ثبوت هن جي نه ختم ٿيندڙ سلسلي مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي، ۽ قيمت هڪ رپيو اٿس.
ابن الياس سومرو.