Bhogonti Nawani

 

 

 

 

 

 

ھنڌ سنڌ جي مشهور فنڪاره ڀڳونتي ناواڻي پھرين فيبروري 1940ع تي ڪافين جي بادشاهه مصري شاهه جي نگري نصر پور سنڌ ۾ جنم ورتو، ورھاڱي کان پوءِ سندس خاندان ڀارت ھليو ويو، ڀڳونتي انڊيا ۾ سنڌي موسيقيءَ جو وڏو نالو ھئي، خاص ڪري سھرن ۽ لاڏن ۾ ته ھن جو ڪو به ثاني نه ھو، سندس حياتيءَ دوران انڊيا ۾ ٺهندڙ سڀني فلمن جا گانا ڀڳونتي ئي ڳايا، جن ۾ ھل ته ڀڄي ھلون، لاڏلي، جھولي لال، شل ڌيئر نه ڄمن وغيره قابل ذڪر آهن، ھن ڪجهه پليز ۽ فلمن ۾ اداڪاري به ڪئي، کيس ڪيترائي ڀيرا ايوارڊ مليا، ھن 22 آڪٽوبر 1986ع تي ھي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.