Haji Ahmed Mallah
سنڌ جي مشهور شاعر مولوي حاجي احمد ملاح پهرين فيبروري 1877ع تي ڳوٺ ڪنڊيء ضلعي بدين ۾ جنم ورتو، ھن مختلف مدرسن مان تعليم حاصل ڪئي، ان کان پوءِ مختلف مدرسن ۾ تعليم ڏني، ھن بدين ۾ غريب آباد جي نالي سان ھڪ پاڙو قائم ڪيو، جتي ”انوارالعلوم“ جي نالي سان مدرسو قائم ڪيائين، مولوي حاجي احمد ملاح خلافت تحريڪ، جميعت علماءِ سنڌ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جيل سختـيون به سٺائين، ھن جي شاعري مڪمل علم عروض تحت ۽ عام فھم آهي، جنھن کي عام ماڻهو به سولائي سان سمجهي سگهي ٿو، ھن قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو، سندس شاعري به گهڻي ڀاڱي مذهبي آهي، سندس شاعري جي مجموعن ۾ ديوان احمد، گلشن احمد، گلزار احمد، بياض احمد، هيڪڙائي حق، پيغام احمد، غزليات احمد وغیرہ شامل آهن، سندس شاعري جو ڪليات به “ڪليات احمد“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، سندس نثر جو ڪتاب ”معرفة الاالہ“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، سندس شاعري سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي آهي، ھن 19 جولاءِ 1969ع تي وفات ڪئي..