Pir Ali Mohammad Shah
پير علي محمد شاهه راشدي تمام غير معمولي شخصيت جو مالڪ هو، ھي ھڪ ئي وقت سياستدان، ڊپلوميٽڪ، ليکڪ ۽ مدبر ھو، پر سندس شخصيت کي سدائين شڪ جي نگاهه سان ڏٺو ويو، ھن اھي ڏينهن اھي شينھن (جيڪا سندن آتم ڪٿا آهي) سميت ڪيترا ئي ڪتاب ۽ مقالا لکيا، ڪيترائي دفعا روينيو کاتي کان وٺي اطلاعات کاتي تائين صوبائي ۽ وفاقي وزير رھيو، فلپائن ۽ چين سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سفير رهيو، مٿس ڪيترائي الزام ب آهن، ڪڏهن چيو ويو ته ھن انگريز سرڪار سان ملي پير صبغت ﷲ شاهه لاءِ مسئلا پيدا ڪيا، جيئن پاڳارو پاڻ ٿي سگهي، شھيد ﷲ بخش سومري جي شهادت جي آڱر به مٿس ئي کڄي ٿي، ھي ون يونٽ جو به حامي رهيو، جنھن جو ھن پنھنجي ڪتاب اھي ڏينهن اھي شينهن ۾ خانصاحب ايوب کهڙو واري پروفائل ۾ عذر ڄاڻائيندي لکيو آهي ته اھا وقت جي ضرورت ھئي، جيتوڻيڪ پاڪستان ٺاهڻ ۾ ھن جو ڪليدي ڪردار ھو، پر پاڪستان جي بانين ۾ سندن نالو ڪونه ورتو ويندو آهي، 1940 واري قرارداد ته سڄي ڊرافٽ ئي پير صاحب ڪئي ھئي، پاڪستان جيڪو پنجن گڏيل رياستن ۾ ٺھڻو ھو، چيو ويندو آهي ته پير صاحب ئي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ اسٽيٽس آف پاڪستان کي پنهنجي ڊرافٽنگ ۾ اسٽيٽس بجاءِ اسٽيٽ ڪري ڇڏيو، جنھن جو ھن عذر ڄاڻايو ته سندس ٽائپ رائيٽر جي ايس خراب ٿي وئي هئي، جيڪي پير صاحب کي ويجهو رھيا انهن جو چوڻ هو ته پير صاحب وڏي فخر سان پنهنجي ٽائپ رائٽر تي ھٿ ھڻي چوندو هو ته پاڪستان منهنجي ھن ٽائپ رائيٽر ٺاهيو، بحر حال ڪجهه به ھجي پير صاحب اھڙي شخصيت جو مالڪ هو، جن لاءِ چيو ويندو آهي، اھي ٽي شخصيتون جيڪڏھن سنڌ سان سچيون ھجن ھا ته سنڌ جي ھي صورتحال نه ھجي ھا، انھن مان ھڪ پير علي محمد شاهه راشدي به ھو، ٻين ٻن جا نالا آئون نه ٿو لکان، ڪنهن دوست کي خبر آهي ته ڀلي شيئر ڪري..