Hadiyat Prem

 

 

 

 

 

 

 

 

پروفیسر ھدایت پریم

 جنم تاریخ : 24 مارچ 1946

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور تعليمدان، ليکڪ، سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر هدايت ‘پريم’ 24 مارچ 1946ع تي اوٻاوڙي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماسٽرس ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا محقق، ٿر جي ٻولي، اترادي ٻولي شامل آهن، سندس ڪيترو ئي مواد اڻ ڇپيل آهي، ڊاڪٽر ھدايت پريم جي مواد جي گھڻائي ٻولي، لسانيات، سوانحي ادب تي مشتمل آهي، ھن ڪجهه ڪھاڻيون به لکيون، ”ازابيل“ جي عنوان سان ھڪ ناول به ڇپيل اٿس، ھدايت پريم سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار ٿي ڀرتي ٿيو، ترقي ڪري پروفيسر ۽ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو، ان دوران اسڪول آف اوريئنٽل اسٽڊيز لنڊن مان به تعليم حاصل ڪئي، پروفیسر علي نواز جي نگراني هيٺ ”سنڌي ٻوليءَ جو تاريخي پسمنظر“ جي موضوع تي ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ ڪيائين، ھن 20 جنوري 2021ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.