Lachman Komal

1 min read

 

ھند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪ، صحافي لڇمڻ ڪومل 26 مارچ 1936ع ڌاري سنڌ جي شهر ڪنڊياري ۾ جنم ورتو، ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ڇڏيائين، وڏو عرصو ٽائيمس آف انڊيا ۾ ڪم ڪيائين، ان دوران هن ڪيترائي ڪتاب لکيا، مرتب ڪيا، ترجمو ڪيا، آتم ڪٿا لکي، ھن جي ڇپيل ڪتابن ۾ (هڪڙو هو راجا، Folk Literature of Pakistan، نئون صبح (مشهور روسي شاعر ولاديمبر ماياڪو وسڪيءَ جي شاعريءَ جو ترجمو)، جيءَ جهروڪا، ميري چادر (راجندرسنگهه بيديءَ جي ناول ’ميلي چادر‘ جو ترجمو)، ميران ٻائي، بلي شاهه، ڪاڪ ڇڏي ويا ڪنڊ تي (مشهور ڊرامانگار، هدايت ڪار، شاعر، اديب ۽ نارائڻ شيام جي ڀاءُ هيم ناگواڻيءَ جي شخصيت ۽ فن تي ترتيب ڏنل ڪتاب)، پن ڇڻ جو پڙلاءُ (نامور ناول نگار قرة العين حيدر جي ناول ’پت جهڙ ڪِي آواز‘ جو سنڌي ترجمو)، وهي کاتي جا پنا (آتم ڪٿا) وغیرہ شامل آهن، ھن 23 ڊسمبر 2014ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.