Ahmed Khan Madhosh

 

 

 

 

 

 

 

 

احمد خان مدهوش

احمد خان مدهوش: ناميارو شاعر احمد خان ولد خان ‘>حاجي خان (حاجي فقير شغلي) ذات (کٽي) سومرو، 15 اپريل 1931ع تي خيرپورناٿن شاهه جي ڳوٺ سلطان چانڊيي ۾ ڄائو، 1932ع ۾ سندس خاندان ’جوهي‘ شهر ۾ اچي آباد ٿيو. 1949ع ۾ سنڌي فائنل، 1957ع ۾ انٽر ۽ 1965ع ۾ اديب فاضل سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيائين. ڳپل عرصو جوهيءَ ۾ استاد ٿي رهيو،. هن شاعريءَ جي سکيا سيد نجف علي شاهه لڪياريءَ ۽ فيض بخشاپوريءَ کان ورتي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا ’دل جون ڳالهيون‘ سنڌي ادبي بورڊ پاران 1993ع ۾ ۽ ”نظر ۾ نظربند“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ 2003ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. استاد شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. غزل ۽ نظم جو وڏو شاعر آهي. سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر هيو. خان مدهوش’>احمد خان مدهوش 26 جون 2010 تي وفات ڪئي.

                                      (حوالو: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.