Ghulam Nabi Abdul Latif

 

 

 

 

 

 

 

 

موسيقار غلام نبي عبدالطيف

18 اپريل تاريخ وفات

سنڌ جي مشهور موسيقار غلام نبي (غلام نبي عبداللطيف) 26 نومبر 1926ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن گھڻي ڀاڱي پنهنجي ڀاءُ عبداللطیف سان گڏ موسيقي تي ڪم ڪيو، سندن جوڙي غلام نبي عبداللطيف جي نالي سان مشهور ٿي، ھنن ڀائرن موسيقي جي سکيا پنهنجي والد استاد حيدر بخش ۽ استاد ڇوٽي غلام علي خان کان ورتي، ھنن جي مشهور فلمن ۾ پرديسي، پرائي زمين، سورٺ، مومل راڻو، بادل ۽ برسات، ڌرتي لال ڪنوار وغيره شامل آهن، ھنن ملڪاء ترنم نورجهان، عابده پروين، محمد ابراهيم، مالا بيگم، رونا ليلئ، زبيده بيگم سميت ملڪ جي مشهور فنڪارن لاءِ ڌنون ترتيب ڏنيون، غلام نبي 18 اپریل 1991ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.