Sarwar Nawaz Bughio

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نهايت ئي ڏک جي خبر…..!

ناليوارو اديب، قانوندان سرور نواز ٻگهيو وفات ڪري ويو…!

نامور شاعر ۽ ليکڪ سرور نواز ٻگهيي جو اصل نالو ڄام نندو ولد محمد نواز ٻگهيو هو. هن ڳوٺ ڌڻي بخش ٻگهيي، تعلقي خيرپور ناٿن شاهه، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم سيتاروڊ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه مان ڪئي. انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو مان، بي. ايڊ، ايم. ايڊ، ايم. اي. (سنڌي) ۽ ايم. اي. (انگلش) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين.

سرور نواز لکڻ جي شروعات 1962ع کان ڪئي، سندس پهرين لکڻي روزاني عبرت جي ’ٻاراڻي صفحي‘ ۾شايع ٿي. شاعريءَ ۾ سندس استاد ناميارا شاعر مرحوم محسن ڪڪڙائي ۽ مرحوم آثم ناٿن شاهي هئا. سرور نواز ٻگهيو زندگيءَ جو وڏو عرصو سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙي، بزمِ روح رهاڻ، بزمِ مهراڻ ادب، استاد بخاري ادبي فورم، شاهه لطيف علمي ادبي مرڪز، ثقافتي ادبي سنگت ۽ سنڌ ڪلچرل فورم سان لاڳاپيل رهيو.

سرور نواز جي غزلن جو هڪ مجموعو ’غزل جي دنيا‘ ۽ ٻارن لاءِ ڪارونجهر جا مور شايع ٿيل آهن. هن ڪوٽڙيءَ ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ تعليمي ڪانفرنسون، ان کان سواءِ ڪيتريون ادبي ڪانفرنسون ۽ سنڌ سطح جا مشاعرا ڪرايا . تعليم کاتي ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ رهيو  ۽ وڪالت جي شعبي سان پڻ لاڳاپيل رهيو. هن 18 اپريل 2023ع تي وفات ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.