Aapa Maryam Noohani

 

 

 

 

 

 

 

19 جون : یوم پیدائش

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور استاد، منتظم، تعليمي ماهر، ام الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي 19 جون 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو، ھن پنھنجي ابتدائي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان مسلم ھسٽري ۽ اسلامڪ ڪلچر ۾ ماسٽرس ڪيائين، آپا مريم سلطانه نوحاڻي سڄي زندگي تعليم کاتي سان لاڳاپيل رھي، ھن خاص ڪري نياڻين جي تعليم تي تمام گهڻو ڪم ڪيو، ميڊم مھتاب اڪبر راشدي، ميڊم سحر امداد حسيني سميت سنڌ جون مختلف ميدانن ۾ پاڻ مڃرائيندڙ عورتون سندس شاگردياڻيون آهن، نياڻين جي تعليم جي حوالي سان دادي ليلا ۽ آپا شمس عباسي کان پوءِ مک نالو آپا مريم سلطانه نوحاڻي جو ورتو ويندو آهي، آپا مريم استاد رھي، مختلف ڪاليجن جي پرنسپال، ڊائريڪٽر ڪاليجز رهي، جتي به رهي، ھن نياڻين جي تعليم کي بھتر ۽ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، آپا مريم سلطانه نوحاڻي محفل ميلاد ڪرڻ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ ھئي، جتي به رهي، ھر مذهبي ڏينهن تي محفل ميلاد ڪرائيندي ھئي، پاڻ خود به زبردست ميلاد، حمد، نعت، منقبت وغیرہ پڙھندي ھئي، ھن ان لاءِ حيدرآباد جي مرزا خاندان مان دلشاد مرزا کي باقاعده تيار ڪيو، جيڪا ريڊيو پاڪستان، پاڪستان ٽيليويزن، مختلف ٽي وي چينلس تي ميلاد جا پروگرام ڪندي رهي آهي، زبردست انداز ۾ حمد، نعت، منقبت وغيره پڙهي ٿي، آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي خوش گفتار ۽ صاف گوئي جي ڪري “ام الڪلام” چيو ويندو آهي، آپا مريم نوحاڻي 25 نومبر 2014ع تي ھي جھان ڇڏيو

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.