Dhol Faqeer

 

 

 

 

 

 

 

ڍول فقير ( لوڪ موسيقي ۽ صوفياڻي رنگ وارو فنڪار ) – ورسيء تي کيس ڀيٽا

محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي هن ڌرتيء انيڪ فنڪار پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي نرالي انداز ۽ صوفياڻي رنگ سان ماڻهن جون دليون جهومايون آهن۔ اهڙن ئي امر آوازن مان هڪ آواز مرحوم ڍول فقير جو به آهي۔ ڍول فقير  جي پيدائش 1917 ۾ ٿي ۽ سندس وفات 22 جون 1992 ع تي ٿي۔

مرحوم ڍول فقير جي ڳائڻ جو پنهنجو انداز هوندو هو۔ ڍول فقير اهڙو محبتي فنڪار هو جنهن جي جهونگار ۽ مٺڙن ٻولن سان محفل مچي ويندي هئي۔ يڪتاري تي سر ملائي ”ها… ها“ ”هون … هون“ ”ڀلو ڙي“ يا جيئن آکاڻي جي صورت ۾ بيان ٻڌائبي آهي تيئن سسئي ۽ مارئي جي داستانن مان شاهه سائين جا بيت انهيءَ رڌم، انهيءَ لئي ۾ اهڙي ريت ادا ڪندو هو جو ٻڌندڙ جي دل ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. اهو ڍول فقير جو پنهنجو انداز هو جيڪو نه هن کان اڳ ڪنهن فقير صوفياڻي ڪلام ڳائيندي اختيار ڪيو ۽ هاڻي به ڪو اهڙو ڏسڻ ۾ نٿو اچي.

ڪچهرين جو مور، وٽس وڃبو ته هميشه پياري گفتگو ٻڌبي هئي. نه آڪڙ نه وڏائي، هاڻي ته اهڙا فنڪار به ڏسون پيا، جيڪي ڪاٽن جي ڪپڙن، موبائيل سان ائين آڪڙ سان هلندا آهن ڄڻ سو ڏاچين جا سر ڏنا هجن پر جڏهن کين ٻڌبو ته بي سُرن جا بادشاهه پيا لڳندا. پنهنجي مخصوص جهونگار ۽ يڪتاري تي ڳائڻ واري هن سريلي فنڪار جا ڪيترائي لازوال ڪلام مشهور آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.