Dayia Ram Gadu Mal

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

 

دیا رام گدو مل

30 جون 1857: تاریخ پیدائش

سنڌ جي مشهور مخير، ليکڪ، صحافي، علمي، سماجي شخصيت جناب ڏيارام گدو مل 30 جون 1857ع تي منشي گدو مل شاھاڻي جي گهر ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعليم سنڌ مان ئي حاصل ڪئي، جڏھن ته مئٽرڪ، گريجوئيشن ۽ ايل. ايل. بي بمبئي مان ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪلارڪ جي نوڪري ڪئي، پوءِ نوڪري ڇڏي وڪالت شروع ڪئي، جلد جج جي عهدي تي مقرري ٿيس، مختلف ڪورٽن جو جج رھيو، رجسٽرار ٿيو، انڊين سول سروسز جو ميمبر ٿيو، ڏيارام گدو مل پنهنجي پاڻ کي نوڪري تائين محدود نه رکيو، ان دوران پنهنجي وس آهر سماجي ڪم به ڪندو رهيو ۽ سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ به ڪم ڪندو رهيو، ھن “سنڌ ٽائيمز” جي عنوان سان ھڪ اخبار جاري ڪئي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي تعليم جي بهتري ۽ سماجي سڌارن جي باري ۾ لکندو ھو، گڏوگڏ حڪومت توڙي وس وارن کي سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري ۽ تعليمي ادارن جي قيام لاءِ به لکندو رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ ڪجھ ڪاليج ۽ نياڻين جا اسڪول ۽ ووڪيشنل سينٽر قائم ٿيا، ڏيارام پنهنجي ڀاءُ جي نالي سان “ديوان ميٺا رام ٽرسٽ” قائم ڪيو، جنھن جي پلیٽ فارم تان ھن ڪيترائي سماجي ڪم ڪيا، جن ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙھندڙ شاگردن جي مالي مدد، وڌيڪ ڪمرا ٺھرائڻ، لائبريريون، اسپتالون، يتيم خانا قائم ڪرڻ وغیرہ شامل ھو، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج، سنڌ آرٽس ڪاليج ۽ ڪجهه ٻيا تعليمي ادارا سندس محنتن سان قائم ٿيا، ھن غريبن جي مالي مدد لاءِ “غريبڙي بئنڪ” قائم ڪئي، ھن کي سنڌيءَ سان گڏ فارسيءَ، انگريزي، اردو، ھندي، سنسڪرت، عربي، عبراني، آرميني، گجراتي تي به دسترس حاصل ھئي، ھن گيتا کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، ھن سنڌ جي روينيو سسٽم تي History of Land Alienation in Sindh جي عنوان سان لکيو، شاهه لطيف، قلندر شهباز ۽ اڏيري لعل تي ھڪ ڪتاب لکيو، ھن حسن علي آفندي، ٽي ايل واسواڻي ۽ ساڌو هيرانند سان علمي، ادبي، سماجي تنظيم ”سنڌ سڀا“ جو بنياد رکيو، ”سنڌ ٽائيمز“ اخبار به ان جي پليٽ فارم تان جاري ڪئي ويئي هئي، جنھن جو ايڊيٽر ساڌو ھيرانند ٿيو، ڏيارام جي لکيل ڪتابن ۾ Something about Sindh، سري ڀڳوت گيتا، سري يوگ درشن، ڪبير جا سلوڪ، History of Land Alienation in Sindh، ماءُ ۽ ڌيءُ، لوڀ جو مهاتم، چابڪ من جا، رهاڻ وغیرہ شامل آهن، ھن ساڌو ھيرانند تي به ڪتاب لکيو، سندس زندگيءَ تي به ڪتاب لکيل آهي، ھن 7 ڊسمبر 1927ع تي وفات ڪئي..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.