Ghulam Ali Allana

 

 

 

 

 

 

 

جی الانا

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

خطي جي مشهور ليکڪـ، محقق، شاعر، سياستدان غلام علي الانا المعروف جي. الانا 22 جون 1906ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، ھن سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول ڪراچي، ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچي، فرگوسن ڪاليج پونه مان تعليم حاصل ڪئي، ھن شاگردي واري زماني کان ئي لکڻ پڙهڻ سان گڏ سياسي سرگرمين ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو، تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جي. الانا وڏو عرصو ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر ۽ ميئر رهيو، اسلامي چيمبر آف ڪامرس جو صدر، پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪميشن جو چيئرمئن رهيو، ھن مسز جينوما الانا سان شادي ڪئي، جيڪا سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ پارليامينٽري سيڪريٽري رهي، جي. الانا کي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو، سندس مواد به انگريزي زبان سان گڏ ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ديس بديس، قائدِاعظم اسٽوري آف نيشن، اور فريڊم فائيٽرز، پاڪستاني شاعري، محبت ڪي مشرقي داستانين، فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ وغيره شامل آهن، ھن 5 مارچ 1984ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.