Jamal Abro

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌ جي ھڪ وڏي ليکڪ، ڪھاڻيڪار ۽ دانشور جمال ابڙي 2 مئي 1924ع تي ميھڙ شھر جي ڀرسان ڳوٺ سانگي ۾ جنم ورتو، جمال ابڙي بهاءُ الدين ڪاليج جھونا ڳڙھ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي، جمال ابڙي اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج  ڪراچيءَ ۾ به داخلا ورتي، پر پوءِ انجنيئرنگ ڇڏي قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين،  ڪجھه عرصو خاڪسار تحريڪ ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽيءَ ۾ رھيو، جمال ابڙو وڪالت سان لاڳاپيل رهيو،  پوليس پراسيڪيوٽر رهيو، سول جج ۽ سيشن جج رھيو، ان کان پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو سيڪريٽري، ليبر ڪورٽ جو جج، فيڊرل سروسز ٽربيونل  اسلام آباد جو ميمبر ۽ اينٽي ڪرپشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن رھيو، ان دوران ڪجهه اعزازي پوسٽن تي به رھيو، جمال ابڙي جو شمار سنڌ جي تمام وڏن ڪھاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو، سندس ڪھاڻين جو پهريون مجموعو “پشو پاشا” ھو، جمال ابڙي ڪيترائي شاھڪار مضمون پڻ لکيا، ڪجهه ڪتابن جا مھاڳ لکيائين، جمال ابڙي جي ڪھاڻين جا ترجما اردو، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن، جمال ابڙي جي آتم ڪٿا به پنجن جلدن: ڏسي ڏوھ اکين سين، اونهي ڳالهه اسرار جي، ٿوهر ۾ ڳاڙها گل، ايندو نه وري هي وڻجارو ۽ مَر پيا مينهن وسن ۾ شايع ٿيل آھي، ھن وقت اھا آتم ڪٿا ھڪ جلد ۾ شايع ٿي آهي، ھن 30 جون 2004ع تي ھي جھان ڇڏيو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.