Mirza Qaleech Baig

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

مرزا قلیچ بیگ

3 جولاء 1929: تاریخ وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

3 جولاء  سنڌ جي مشهور ليکڪ، شاعر، محقق، مترجم، ناول نگار، ڊراما نگار مرزا قلیچ بیگ جي وفات جو ڏينهن آهي، شمس العلما مرزا قلیچ بیگ 3 جولائي 1929ع تي وفات ڪئي، مرزا قلیچ بیگ 4 آڪٽوبر 1853ع تي حیدرآباد جي علائقي ٽنڊو ٺوڙهو ۾ جنم ورتو، ھن جي والد مرزا فریدون بیگ جو تعلق وچ ایشیا جي ملڪ جارجيا جي ھڪ مسیحي خاندان سان ھو، کيس قید ڪري سنڌ جي مرزا خُسرو بیگ وٽ وڪيو ويو، خُسرو بیگ مرزا فریدون کي زبردست تعلیم و تربیت ڏياري، فریدون بیگ جي شادي به خُسرو بیگ پنهنجي نياڻي سان ڪرائي، قلیچ بیگ ابتدائي تعلیم حیدرآباد مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ هن بمبئي جي (Elphinstone College ) ۾ داخلا ورتي، تعلیم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ واپس سنڌ موٽي آيو، وڏو امتحان پاس ڪري مختیارڪار شڪارپور مقرر ٿيو، آخر ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ٿيو، ھن اٺن ٻولين ۾ 457 ڪتاب تحرير ڪيا، جن ۾ عربي، بلوچي، انگريزي، فارسي، سنڌي، سرائڪي، ترڪي ۽ اردو زبانون شامل آهن، سندس ڪتاب تاریخ، لطیفیات، شاعريءَ، ٻارڙن جي ادب، تنقید، سائنس سميت مختلف موضوعن تي مشتمل آهن، سندس لکيل ناول زینت کي سنڌي جو ابتدائي ناول سمجهيو وڃي ٿو، ھن ئي چچ نامي جو فارسيءَ مان انگریزي ۾ ترجمو ڪيو، شيڪسپيئر جي ڊرامن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين، سندس تصنيفن ۾ دیوان قلیچ، احوالِ شاہ عبد اللطیف ڀٽائي، چچ نامہ، ریاست خیرپور جي تاریخ، خورشید، زینت، سائو پن ڪارو پن، شاہ جو رسالو، لغات لطیفي، لطائف الطوائف، رستم، وامق عذرا، عجیب طلسم، علم جي دولت، گلیور جو سیر و سفر، نيڪي بدي، انڪوائري آفیسر وغيره شامل آهن، کيس برطانوي حڪومت شمس العلما جو خطاب ڏنو..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.