Khadija Khanum Daudpoto

 

 

 

 

 

 

 

 

اڄ سنڌ جي ھڪ وڏي ليکڪا، صحافي ۽ تعليمي ماهر خديجه خانم دائود پوٽو جي وفات جو ڏينهن آهي، خديجه خانم دائود پوٽو 1918ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو، جڏهن ته 21 جولائي 2001ع تي وفات ڪئي، ھن جو تعلق حيدرآباد جي پڙھيل لکيل شيخ فئملي سان ھو، ھن سنڌ جي مشهور شخصيت شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي سان شادي ڪئي، ھن پنھنجي عظيم گھر واري شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي’‘ ترتيب ڏئي ڇپرائي، پاڻ به سٺي ليکڪا ھئي، ھن شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي به ھڪ ڪتاب ترتيب ڏئي ڇپرايو، عورتن جو مشهور رسالو ‘’اديون’‘ جاري ڪيائين، ان جي ايڊيٽر رهي، ھن پنھنجي اولاد جي به بھترين تربيت ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.