Nawab Wali Mohammad Laghari

 

 

 

 

 

 

 

وزیر اعظم ، فقیر، نواب ولی خان لغاری

27 جولاء 1914: تاریخ وفات

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

 سنڌ جي ھڪ وڏي صوفي شاعر ۽ سنڌ ملڪ جي وزيراعظم فقير نواب ولي محمد خان لغاري  پنھنجي ڏاڏي جي آباد ڪيل ڳوٺ نواب ولي محمد خان لغاري (ھاڻوڪي ٽنڊي ولي محمد حيدرآباد) ۾ نواب احمد خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو، نواب احمد خان به ھڪ پڙهيو لکيو ماڻهو ھو، ھن پنھنجي پٽ جي تمام سٺي تربيت ڪئي، نواب ولي محمد خان لغاري پنهنجي ئي والد صاحب جي نگراني ۾ سنڌي، پارسي، عربي ۾ تعليم حاصل ڪئي، نواب احمد خان جيئن ته علم دوست ۽ مطالعي جو شوقين هو، ان ڪري کيس پنهنجي زبردست لائبريري ھئي، ان جو اثر نواب ولي محمد خان لغاري تي به ٿيو، نواب ولي محمد محمد خان لغاري مشهور صوفي شاعرن مصري شاهه ۽ محمد فقير کٽياڻ جو ھم عصر شاعر ھو، ھن تمام گهڻي شاعري ڪئي، مشهور ڪافيون “واھ صورت وچ لڳي نين ڏوھين” ۽ “ٻڌي رات وصال جون وايون، لاھي ڇڏيم لباس اميري” به سندس ئي آهن، ھن جي والد صاحب جي جيئڻ ته ميرن جي صاحبي ۾ وڏي ھلندي پڄندي ۽ حيثيت ھئي، ان ڪري ان جي وفات کان پوءِ نواب ولي محمد خان لغاري جي به اھا ئي حيثيت ٿي وئي، کيس پنهنجي صاحبي جو وزير اعظم بڻايائون، نواب ولي محمد خان لغاري ب پنهنجون ذميواريون سنڀالي ميرن جي مختلف ميدانن ۾ وڏي رھنمائي ڪئي، متوقع ٻاهرين حملن کي روڪيو، سفارتي ناتا بھتر ڪيا، رني ڪوٽ جي اڏاوت/رينوويشن جو ڪريڊٽ به ڏانهس وڃي ٿو، ھن 27 جولائي 1914ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.