Rashid Morai

 

 

 

 

 

 

 

ساهتيءَ جا شاعر

راشد مورائي

اصلي نالو؛ سيد راشد علي شاه

ادبي نالو؛ راشد ”مورائي“

ولديت؛ سيد سعيد علي شاه”خادم“

جنم؛ 5 مارچ 1944ع

جنم جو هنڌ؛ ڳوٺ جوڻالوء

تعليم؛ ايم،اي سنڌي،

ذريعه معاش؛ پرائمري استاد

ادبي ابتدا؛ 1957ع

ادبي سڃاڻپ؛ باغي شاعر

ڇپيل ڪتاب؛

 سنڌڙيء جو سوداءُ(شاعري)

 مينديء سندا کيت(غزلن جو مجموعو)

 دل جو شهر(مختلف صنفن تي طبع آزمائي ٿيل)

 ديوانِ راشد(ٻن جُلدن ۾ الف،ب مطابق غزلن جو مجموعو)

شعلا شعلا واءَ ۾(قومي شاعري)

 اڳتي تاڻ امنگ جِي(خاڪا ۽ مضمون)

 پاڻيء تي پهرو(ڪهاڻيون)

 ڏات جي ڏيھ ۾(سنڌ جي مختلف ساڃه وندن پاران،راشد مورائيء بابت مضمون ۽ مقالا)

 ڪافيون،گيت،غزل(شاعري)

جنهن ڪتاب تي ثقافت کاتي پاران سائين جن کي انعام طور 25 هزار جو چيڪ پڻ ڏنو ويو هئو.

 راشد جي رهاڻ(راشد مورائيء جي انٽرويوز جو مجموعو)

 خط خوشيء مان کول(خطن جو مجموعو)

درد ۾ دلجوئي(غزلن جو مجموعو)

 ڳاڙھِي باک ڦُٽِي(شاعري)

مٿين ڪتابن کان علاوه راشد سائينء جا مرتب ڪري ڇپايل ڪتابن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

 استاد پبليڪيشن ضلع نواب شاه پاران ”انصاف جو گهنڊ“

 سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو پاران ”ڳنڍيون منجھ ڳنڍير“

 شهيد عبدالرزاق سومرو اڪيڊمي مورو طرفان ”

سنڌي ادب جِي ارتقا“

”يتيم جذبا“

”عشق جو آواز“

۽ ”هُو جيِ ٻولَ ٻُريا“.

اڻ ڇپيل ڪتاب؛

الاهي سارو  نظمي توڙي نثري موجود آهي

سائين راشد مورائي سياسي طور جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل رھيو ۽ جيئي سنڌ محاذ سان وابسطه رھيو.

ڪجھ منهنجي خطن جا ورق هُيا،ڪجھ تصويرن جا پُرزا ها

محبوب گهٽيءَ ۾ اُڇليا تو ، ڄڻ  منهنجي  جِگرَ جا  ٽڪرا  ها.

هِت  هِجر جِي لمبِي رات پرين،تڪليف جو  باعث  بڻجي وَئِي

هُتِ گيتَ خوشيءَ جا گُونجيا پِئيِ ، ۽ رات سڄِي ئي سهرا ها.

سُرهاڻ ۽ چانڊوڪِي منهنجون،ڪمزورِي هونديِ ڪِينَ وَڻيون

تنهائيءَ  ۾  ڪو  مَزو  نه  مِليو ، نه ته گُلَ ڦُلَ ڪيڏا  ٽِڙيا  ها.

هو  ڳاڙهو  وڳو بُتَ   تي اوڍيلُ ، ۽  سورنهن ئي سينگار ڪيل

جنهن  وقت جنازيِ  تي  آئين ، هَٿَ  تُنهنجا  مينديءَ  رَتڙا  ها.

مون  هارَ  اوهان  کي  پاتا  ها ، تو  مُنهنجيِ   تُربتَ   تي  آندا

اڄ تُنهنجيِ هٿن ۾ گُلڙا  هِن ، ڪلھ  منهنجي  هٿن  ۾  گُلڙا ها.

جو  ٿِيڻو  هوَ  سو  ٿِي گذريو ، باقي ته وڃي يادون رَهنديون

ها    گِيتَ  اُتيِ  ڳايا   راشدَ  ،  جِتِ   سُهڻا    ماڻهو   مِڙيا   ها.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.