Masoor Sindhi

1 min read

 

اديب  ـ ڊراما نگار ـ ترجمي نگار ـ مصور ـ صوفي سنڌ جو رولاڪ روح ـ سائنس ۽ صوفي ازم جو ڄاڻو ـ دنيا جي ١٣ ٻولين جو  ڄاڻو ـ دنيا ۾ ذھني ڏاھپ جو وڏو نالو ڊاڪٽر  عاشق البدوي

 سنڌي عربي انگريزي اردو فرينچ بلوچي سرائڪي فارسي ھندي ۽ ٻين ٻولين ۾ مھارت رکندڙ ڊاڪٽر  عاشق حسين احمداڻي المعروف ڊاڪٽر  عاشق حسين البدوي 30 جون 1947 تي شڪارپور ۾ ڄائو ـ ٽنڊي آدم نپايو ـ 19 آگسٽ 2012 تي ڪراچيء  جي رائل ھوٽل جي ڪمري نمبر 19 ۾ گذاري ويو ۽ ٽنڊي آدم جي خالق ڏني ساند قبرستان ۾ دفنايو ويو ـ

 1970 ۾ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڊاڪٽريء جي ڊگري وٺي آرميء جي ميڊيڪل ڪور ۾ داخل ٿيو  آرميء  جي مختلف محاذن تي ڊيوٽي ڏيڻ کان پوء سعودي عرب مصر مالٽا ۽ ليبيا ۾ پڻ ڊاڪٽر  طور فرض انجام ڏنائين ـ ليبيا ۾ رھڻ دوران ڪرنل قذافيء جو ذاتي معالج ۽ ذاتي دوست پڻ رھيو ـ

 ادب فلسفو نفسيات قومن جي تاريخ قديم تاريخ ۽ تھذيب  دنيا جا مذهب تصوف سائنس عرفانيت ايسٽرانامي مخفي علم ۽ موسيقيء  سان محبت ڪندڙ ھن عظيم اسڪالر جا 18 ڪتاب ڇپيل آهن جڏهن ت 30 کان مٿي مسودا ۽ ھزارين ڪتابن جي ليبريري ۽ اجڙيل حويلي سندس سار جي سفر جا نشان آهن ـ ڊاڪٽر  عاشق حسين 1981 ۾ ٽنڊي آدم ۾ پدم پبليڪيشن جو بنياد رکي اشاعت جو سلسلو شروع ڪيو ـ دنيا جي انگريزي ادب مان چونڊ ڪھاڻيون  ترجمو ڪري ( چونڊ شاھڪار ڪھاڻيون ) جي نالي سان ڊسمبر 1981 ۾ ڪتاب ڇپايائين ـ طب جي دنيا ۾ ( چمڙيء جون بيماريون ) پھريون سنڌي طبي ڪتاب ڇپايائين ـ  ھن مختلف زبانن ۾ 200 کان مٿي مضمون ۽ مقالا لکيا ـ زندگيء جي آخري گھڙين ۾ اردو اخبار ايڪپريس جو مستقل ڪالم نگار رھيو ـ  ھن انگريزي عربي ۽ فارسي جي شاھڪار ڪتابن جا پڻ ترجما ڪيا جن ۾ ابن عربيء جو جڳ مشهور ڪتاب فصوص الحڪم ۽ ٻيا ڪتاب شامل آهن  ڊاڪٽر  عاشق البدوي سنڌي ٻولي اٿارٽيء لاء ٻه ميڊيڪل لغتون انگريزيء  مان سنڌي ۽ سنڌيء مان انگريزي لکيون ـ ھن انگريزي ٻوليء ۾ The mystic poets of sindh جھڙو شاھڪار ڪتاب ب لکيو ـ سندس صوفي ازم جي ڊڪشنري ۽ ٻيا ڪتاب سنڌي ٻولي اٿارٽي  وٽ اڻ ڇپيل پيا آهن ـ پاڻيء جي مسئلي تي سندس سنڌ ٽي وي تي يادگار ڊرامو سنڌ جي صدا آهي ـ 19 آگسٽ  2012 تي ڪراچي سٽي  اسٽيشن ڀرسان ھڪ قديم اجاڙ ھوٽل رأئل جي ڪمري نمبر 19 ۾ جنهن ۾ رڳو ڪتاب ۽ ڊاڪٽر  عاشق رھندا ھئا قيد تنھائيء ۾ گذاري ويو ـ

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.