Ali Dost Aijaz

 

 

 

 

 

 

 

 

علی دوست عاجز

جنم تاریخ : 2 سیپتمبر  1964

۔……………………………………….

سنڌ جي خوبصورت شاعر علي دوست عاجز 2 سيپٽمبر 1964ع تي ميهڙ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو، ھن جي تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو مان مئٿيميٽڪس ۾ ماسٽر آهي، تعليم مڪمل ڪري درس تدريس جو ڪم شروع ڪيائين، جتي ڪميشن ڪري مئٿيميٽڪس جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ ٿيو، جتان سيلز ٽيڪس ڊپارٽمينٽ ۾ آڊيٽر ٿيو، ھن وقت به روينيو کاتي ۾ اھم عھدي تي آهي، علي دوست عاجز جو شمار سنڌ جي وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، پاڻ سنڌ جي چوٽيء جي شاعر استاد بخاري کان متاثر رهيو آهي، علي دوست عاجز شاعري جي ھر صنف گيت، بيت، وائي، نظم وغيره تي طبع آزمائي ڪئي آهي، سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن فنڪارن ڳائي آهي، ھن ”اوپيرا“ به لکيا آهن، خاص ڪري ”سوني باگو“ جي رومانوي داستان تي سندس لکيل اوپيرا ھڪ شاھڪار آهي، علي دوست عاجز جي شاعري جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن، جن ۾ رنگ رتو آڪاس، سائر جو سوداء، خوشبو خوشبو خواب، اَچن ڀنور ڀَنڀوليا، رتا روهيڙا، سوني باگو، ڪونجان وغيره شامل آهن، ھن استاد بخاري جي شخصيت تي به ھڪ ڪتاب لکيو آهي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.