Shaheed Heemoon Kalaani

 

 

 

 

 

 

 

 

شهيد هيمون ڪالاڻي

بريصغير جي تاريخ جو نوجوان گوريلو

آصف رضا موريو

بريصغير تي انگريزن جي ظلم و ستم خلاف هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آزادي پسند انسانن طرفان بغاوتن ڪر کنيا جن جي همٿ، مردانگي ۽ جدوجهد جو نتيجو اسان جي موجوده آزادي آهي.  انهن خوشين ۽ خواهشن کي تياگ ڪري پنهنجي پيرن هيٺان موجود مٽيءَ ۽ ان تي وسندڙ ماڻهن کي غلامي جي ڌپيري مرض مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ زندگيون قربان ڪيون.  پاڪستان کي ملندڙ آزادي کان سوين سال اڳ کان برطانوي تسلط خلاف هندستاني فدائين جي هڪ ڊگهي، چچريل ۽ صبر آزما تاريخ آهي جنهن کي جوڙڻ واري هر نسل، مذهب ۽ فڪر سان متعلق هزارين حب الوطن حريت پسندن منجهان هيمون ڪالاڻي جو نالو مٿاهون آهي جيڪو زندگي جي آخري ساهه تائين پنهنجي ڌرتي جي آزادي لاءِ طاغوتي قوتن خلاف وڙهندو رهيو.

سنڌو درياهه جي لٽ مان اڀرندڙ شهر سکر جي رهواسي هن نوجوان ڇوڪر هيمن داس عرف هيمو ڪالاڻي پنهنجي بهادر جدوجهد سان سرفروشي ۽ قرباني جو اهڙو شاندار مثال قائم ڪيو جنهن جي ڪري اڄ هو پنهنجي ڌرتي جو معتبر ترين آزادي پسند انقلابي رهنما سڏجي ٿو.

هيمون ڪالاڻي جي پيدائش متعلق تاريخي ڪتابن ۾ گهڻيون الجهنون ملن ٿيون. ڪجهه دوست لکن ٿا ته سندس جنم 11 مارچ 1923ع ڌاري برطانوي دورِ حڪومت ۾ پراڻي سکر ۾ ٿيو جڏهن ته ٻين ڪجهه لکارين هيمون جو جنم 23 مارچ 1923ع لکيو آهي.  اسان جي دوست ممتاز بخاري جو لکڻ آهي ته “هيمون ڪالاڻي جي ڄم جي تاريخ سندس اسڪول جي داخلا رجسٽر مطابق 22 فيبروري 1923ع آهي جيڪا سچ مڃڻ لاءِ اهو دستاويزي ثبوت ڪافي آهي”.  هيمون جي والد جو نالو پيسومل ۽ والده ڄيٺي ٻائي هئي. کيس ڀينرون ۽ ڀائر پڻ هيا جيڪي ورهاڱي کان پوءِ والده ۽ خاندان جي ٻين ڀاتين سان گڏ هندستان هجرت ڪري ويا هيا جن متعلق اتان جي اخبارن يا وري اسان وٽان ايندڙ ويندڙ لکارين ذريعي خبرون چارون ملنديون رهنديون هيون جيڪي بعد ۾ اچڻ بند ٿي ويون. 

هيمون ڪالاڻي ڀلي ڪاٺي جو برجستو نوجوان هوندو هيو جيڪو سکر جي ڪرشنا منڊل اکاڙي ۾ باقاعدگي سان ڪسرت ڪندو ڪشتي وڙهندو هيو. سندس دوستن جا انٽرويو پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته “هيمون بهترين تارو پڻ هيو جيڪو واندڪائي دوران سنڌو درياهه ۾ ترڻ ۽ وهنجڻ ويندو رهندو هيو”. هيمون پرائمري تعليم لوڪمانيه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي جتي ڏهين جماعت ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي ڪجهه عزيزن ۽ دوستن جي انگريزن خلاف هلندڙ جدوجهد کان متاثر ٿيندي هن پڻ سياسي ۽ باغي سرگرمين ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو جنهن جي شروعات آل انڊيا اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي هڪ هيٺين شاخ سواراڄ سينا ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي.

هيمون ڪالاڻي جي انقلابي تربيت تي سندس چاچي ڊاڪٽر منگهارام ڪالاڻي جو تمام گهڻو اثر رهيو جيڪو سکر ۾ ڪانگريس جو طاقتور داعي هئڻ سان گڏ سواراڄ سينا جو خاص اڳواڻ ۽ برطانوي تسلط جو سخت مخالف هوندو هيو.  مشهور انقلابي پرچووڌيارٿي، عنشي وڌيارٿي ۽ ڦيرومل وغيره سان گڏجي به هيمون دشمنن خلاف بيشمار ڪاروائيون ڪيون جن جي دليري، حب الوطني ۽ قوم پرستي هيمون جي اندر انقلابي مندر تيار ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي. ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سان منهنجون هزارين ڪچهريون رهيون. هو اڪثر ڪري پرچو، هيمون ۽ ٻين انقلابي رهنمائن جي سرگرمين متعلق گهڻو ڪجهه ٻڌائيندو رهندو هيو.

هيمون کي ڦاسي لڳڻ واري سال پرچووڌيارٿي (جنهن جو تعلق چندرشيکر آزاد ۽ ڀڳت سنگهه جي هندستان سوشلسٽ ريپبليڪن آرمي جي باقيات منجهان هيو) پنهنجون سرگرميون وڌائڻ لاءِ حيدرآباد هليو ويو جتي پوسٽ آفيس ۽ ڪافي ٻين سرڪاري عمارتن کي لٽڻ کان پوءِ ڪراچي وڃي آباد ٿيو. 1938ع کان 1943ع تائين واري ستن سالن تائين سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي ان لاءِ ڪراچي جي وشال انساني آبادي بمبئي جي ويجهو هئڻ سبب نه صرف انقلابي سرگرمين بلڪه باغين جي پناهه گاهن جو مرڪز پڻ هوندي هئي. ڪراچي ۾ رهندي پرچو پنهنجي دوستن سان گڏجي بينڪ آف انڊيا، ڪراچي جي جنرل پوسٽ آفيس ۽ ٻين سرڪاري اداران ۾ ڪامياب ڌاڙا هڻي پنهنجي انقلابي ساٿين جي مالي سهائتا ڪندو رهندو هيو. هڪ ڀيري ميرئيٽ روڊ بينڪ ڪراچي ۾ ڌاڙو هڻندي پڪڙجي پيو. ڪيس هلائي انگريزي سرڪار کيس ڦاسي جي سزا ڏني پر جلد ئي هو پنهنجي کولي جي نقلي چاٻي ٺهرائي جيل مان فرار ٿي ويو.  ڦيرومل کي به بغاوت جي ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا ڏني وئي.

آزادي جو دڳ وٺندي هيمون ڪالاڻي شروع شروع ۾ ساٿين جي مدد سان انقلابي رهنمائن طرفان انگريزي تسلط خلاف ڇپايل مواد واريون اخبارون، رسالا ۽ پمڦليٽ وغيره پنهنجي علائقي ۾ ورهائيندو رهندو هيو. مهاتما گانڌي جڏهن ڪراچي آيو ته هوشوسنتاڻي ساڻس ملڻ ويو جتي سکر جي ماستر رنگمل جي مدد سان گانڌي سان مليو جنهن سندس ڳالهيون ٻڌي پٺي ٺپيندي چيو ته “پنهنجي شهر ۾ عام ماڻهن کي انگريزي حڪومت خلاف تيار ڪري آزادي ملڻ تائين سول نافرماني ۽ احتجاج ترڪ نه ڪيو”. هوشو سکر واپس ايندي پنهنجي دوستن بشمول هيمون ڪالاڻي کي گانڌي جي نصيحت ٻڌائي جيڪي پهريون ئي سندس تحريڪ ۽ شخصيت کان متاثر هيا سي سندس سڏ ورنائڻ جي واٽ تي لهي پيا.  هيمون پنهنجي ساٿين سان گڏجي سکر ۽ ان جي اوسي پاسي جي آبادين کي پرڏيهي شين جي استعمال خلاف بائيڪاٽ ڪندي ديسي شين جي واپرائڻ لاءِ همٿائيندو رهيو.

هيمون سياسي بصيرت، سماجي ڄاڻ، قومي شعور ۽ مظبوط دماغ وارو نوجوان هوندو هيو جنهن کي خبر هئي ته سندس ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ انسانن سان ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن. برطانوي اهلڪارن جي ظلمن خلاف سندس سيني ۾ دکندڙ دونهي ڀڙڪندي ڀڙڪندي آتش فشان جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي.  سندس خيال هيو ته “عام قسم جي احتجاجن سان انگريزي سرڪار کي ڪجهه ڪونه ٿيندو ان لاءِ ڪجهه اهڙا انتهائي قدم کڻڻ ضروري آهن جن سان نه رڳو کين گهڻو مالي ۽ جاني نقصان ٿئي پر سندن دلين ۾ باغين جي ڪاروائين مان ڊپ ٿيڻ شروع ٿئي. ڌرتي دشمنن خلاف ٿيڻ واري هر محاذ جي حامي هن نوجوان پنهنجي ساٿين جي مدد سان سکر جي برطانوي چيف ڪليڪٽر جي دفتر تان يونين جيڪ ڪڍي ان جي جاءِ تي ڪانگريس پارٽي جو جهنڊو هنيو جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين شهر ۾ انگريزي انتظاميه پريشان رهي. بعد ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائيندي باغين جي هن ٽولي سرڪاري جائدادن ۽ دفترن جا رڪارڊ جلائڻ شروع ڪيا.  انهن ڪارواين ۾ سندن طريقو گوريلا ڪارواين جهڙو هوندو هيو.

هيمون ۽ سندس ساٿين بندر روڊ پوليس پوسٽ، سکر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو واري پوليس پوسٽ ۽ غريب آباد پوليس پوسٽ تي بم ڦاڙي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو. انهن سکر جي لوڪل ڪورٽ جي عمارت کي پڻ اڏائڻ جو منصوبو ٺاهيو پر بم واري بيگ تي هڪ ڪلرڪ جي نظر پئجي وئي جنهن کي ڊيفيوز ڪيو ويو. ان وقت تائين هيمون ۽ ان جي ساٿين طرفان انگريز سرڪار ۽ سندس مشينري خلاف ڪيل تمام ڪاروائين جو ماسٽر مائينڊ ڊاڪٽر منگهارام هوندو هيو.  22 آڪٽوبر 1942ع واري ڏينهن منگهارام منصوبو جوڙيو ته “ايندڙ ڏينهن تي سکر کان ڪوئيٽيا ويندڙ برطانوي فوج جي ريل گاڏي ۾ ڌاڙو هڻي سازوسامان هٿ ڪرڻ بعد ان ۾ رکيل بارود کي باهه ڏئي ڇڏجي. ان ريل ۾ موجود جنگي هٿيارن ۽ بارودخاني سان سرحد جي پٺاڻن ۽ بلوچستان جي بلوچن جي انقلابي جدوجهد کي ڪچلڻ جي ڪم آندو وڃي ها.  هي منصوبو هيمون ڪالاڻي سکر جي “پرڀات” سنيما ۾ فلم ڏسندڙ پنهنجي دوستن چندرڪيسواڻي، هوشو سنتاڻي، ٽيڪم ڀاٽيه ۽ هري ليلاڻي کي وڃي ٻڌايو.

23 آڪٽوبر جي رات پنجن دوستن جو هي ٽولو سکر جي پراڻي گيٽ کان ٿورڙي فاصلي تي واقع منصوبي واري جاءِ تي پهچي ريلوي جي پٽڙي اڊيڙڻ ۾ لڳي ويا.  جيئن ته هنن وٽ خاص اوزار ڪونه هيا ان لاءِ پهريان پٽڙين کي ڳري هٿوڙن سان ڌڪ هڻي ڪمزور پيا ڪن ته جيئڻ پيچ ڍلا ٿي سولائي سان کلي وڃن.  ڪجهه دير گزري ته مٿن ٽارچ جي روشني پئي ۽ فيروزخان نالي هڪ پوليس واري ڪڙڪندڙ آواز ۾ کانئن پڇيو ته “ڪير آهيو ۽ ڇا ڪري رهيا آهيو؟”. مصيبت پوڻ تي هيمون جي چئني ساٿين موقع تان فرار ٿيڻ ۾ عافيت سمجهي جڏهن ته پٽڙيون اکيڙڻ ۾ مصروف هيمون پنهنجي دوستن جي سڏڻ جي باوجود پنهنجي ڪم کي لڳو رهيو جنهن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

ايندڙ ڏينهن اخبار ۾ خبر ڇپي ته “ڪوئيٽا ويندڙ ريل گاڏي کي ڪيرائڻ جو منصوبو ناڪام، هڪ باغي گرفتار”. اخبار ۾ اهو پڻ لکيل هيو ته “مترڪن جي ضربن جو آواز ٻڌي ڀرسان واري بسڪوٽ فيڪٽري جي گارڊ پوليس کي اطلاع ڪيو هيو ته ريلوي لائين تي ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي”. هري ۽ ٽيڪم ان خوف مان پراڻي سکر وڃي لڪا ته متان “هيمون تشدد نه سهي سندن نالا پوليس کي ٻڌائي”.  ڪيسواڻي ۽  هوشو به شڪارپور وڃي ڪٿي لڪيا.

هيمون ڪالاڻي تي بغاوت جو مقدمو هلائي جيل جي ٽارچرسيل ۾ انسانيت سوز تشدد ڪيو ويو پر هن پنهنجي ڪنهن به ساٿي جا نالا يا منصوبي متعلق ٻڌائڻ کان نابري واري ڇڏي. هن جي ٽٽل هڏين واري چچريل جسم کي مسلسل ويهن ڏينهن تائين برف جي صليبن تي ليٽايو ويو ته جيئن هن جا حوصلا ٿڌا ٿين پر ديس سان غداري جو سبق هن جي سرشت ۽ مڪتب ۾ ئي ڪونه هيو. برف جي بدلجندڙ ۽ ڳرندڙ سرن جون رڳن کي ڄمائڻ واريون سخت ۽ سرد ادائون به هن سنڌي جوان جي ارادن کي بدلڻ ۾ ناڪام رهيون. پڇڻ وارا پڇندا رهيا.

سوال.  توسان گڏ ٻيا ڪهڙا ساٿي ساڻ هيا؟

هيمون. مان اڪيلو ئي هيس.

سوال. توهان جو اڳواڻ ڪير آهي؟

جواب. هيمون.

سوال. توهان باغين جي مدد ڪير ڪير ڪندو آهي؟

جواب. سنڌ جا سمورا لوڪ ڪندا آهن ڪنهن ڪنهن جو نالو وٺان.

سوال. توهان جي تخريبي ڪارواين جو مقصد ڪهڙو آهي؟

جواب. توهان فرنگين کان پنهنجي ڌرتي کي پاڪ ڪرڻ.

سوال. توهان کي اهڙي حرڪتن ڪرڻ سان ڇا ملي ٿو؟

جواب.  توهان گورن کي پرائي ڌرتي تي قبضي ڪرڻ مان ڇا حاصل ٿئي ٿو.

سوال. ته تون ڪونه ٻڌائيندي ته تنهنجا ٻيا ساٿي ڪهڙا هيا؟.

جواب.  ٻڌايو ته آهي ته مان اڪيلو هيم.

هيمون وٽ برطانوي ڪارندن جي هر سوال جو جواب “هيمون” هيو. ڪيترن ڏينهن جي تشدد ڪرڻ کان پوءِ به نه ٽٽندڙ هيمون کي هڪ انگريز افسر چيو “ٺيڪ آهي مڃون ٿا ته تون اڪيلو ئي ريل جي پٽڙي اکيڙي رهيو هئين پر هاڻي جيڪڏهن تون معافي نامو لکي ڏين ۽ “اڳتي اهڙي سرڪار خلاف ڪا حرڪت نه ڪرڻ جو وعدو ڪندين ته اسان توکي آزاد ڪري ڇڏينداسين”.  انگريزي سرڪار کي پنهنجي حوصلي آڏو جهڪندي ڏسي ڪنڌ کڻي اکين جي پنبڙين تي جمع خون هٿ جي پٺ سان اگهي مسڪرائيندي چيس ته “جيڪڏهن مان آزاد ٿيس ته هتان نڪرڻ کان پوءِ پنهنجو اڌورو ڪم وري اتان ئي شروع ڪندم ۽ تيسيتائين آرام سان نه ويهندم جيسيتائين توهان جا ناپاڪ قدم منهنجي ڌرتي تان نڪري نه ٿا وڃن”.

سوال. ته تون ڪونه مڃيندين؟

هيمون. ڪڏهن به نه.

سوال. پڇتائيندين

جواب. جيڪي وڻئي سو ڪر.

گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ٻاويهه ڏينهن تائين انڊين امپيريئل پوليس جي مختلف هرڪارا هيمون تي هر قسم جو تشدد ڪري سندس ساٿين ۽ ٻين منصوبن متعلق پڇندا رهيا.  سندس حوصلا ٽوڙڻ جا انسانيت سوز حربا آزمايا ويا. کيس ڪيترا ڏينهن بکيو اڃارو رکيو ويو، سندس هڏيون ٽوڙيون ويون، سموري جسم کي لوهه جي گرم سيخن سان داغيو ويو، بي رحم ڦٽڪا هنيا ويا، هٿن پيرن جا ننهن اکيڙيا ويا، جسم کي خنجرن سان چير ڏئي انهن ۾ لوڻ ڀريو ويو پر تشدد ڪندي ڪندي جڏهن برطانوي مشينري هن اروڙ ونسي نوجوان جي ڇاتي کي چيري پنهنجي مطلب جي ڪا ڳالهه ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ته مارشل لا تحت مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو ويو جيڪو هڪ سال کان به گهڻي عرصي تائين هلندو رهيو.

ان وقت تائين سنڌ ۾ وڌندڙ انقلابي سرگرمين سبب مارشل لا لڳائي ميجر جنرل رچرڊسن کي سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو هيو جنهن جون باغين متعلق فوجي پاليسيون تمام سخت هونديون هيون جن کي پڪڙڻ بعد ڪيترن ڏينهن تائين تشدد ڪندي کين ڦاهي ڏني ويندي هئي يا اسڪواڊ حوالي ڪري گولين سان پروڻ ڪيو ويندو هيو يا وري ڪجهه کي توپ جي گولن سان اڏايو ويندو هيو.  ايترو سڀ ڪجهه رڳو باغين کي سبق سيکارڻ لاءِ ڪيو ويندو هيو ته جيئن اهي بغاوت کان باز اچن.

هيمون تي خاص ٽريبيونل ۾ هلندڙ ڪيس دوران سندس وڪيلن عبدالستارپيرزادو، ننديرام واڌواڻي ۽ ساڌورام ڪالاڻي عدالت ۾ کيس “مان ڏوهاري ناهيان”، چوڻ جي هدايت ڪندا رهيا پر بيل ڪڙين ۽ هٿ ڪڙين ۾ جڪڙيل هن جوان هر دفعي پڇڻ تي سينو تاڻي چيو ته “مون اهو ڏوهه ڪيو آهي ۽ ان تي مون کي ڪابه شرمساري ڪونهي”.  سندس جيل جي ساٿين جي ڇپيل انٽرويوز ۾ پڙهندا رهيا آهيون ته “ڦاسي جي سزا ملڻ ۽ ڦاسي ملڻ تائين هيمون انتهائي پرسڪون رهندو هيو. هو نه رڳو دوست يارن سان کلندي ڪچهريون ڪندو رهندو هيو پر جيل انتظاميه سان به سندس بردباري ۽ تحمل وارو رويو رهيو”. کيس ڏسندڙن جا بيان آهن ته “ڦاهي گهاٽ طرف ويندي به سندس چهري تي مسڪراهٽ هئي ته هٿن ۾ ڀگود گيتا جنهن کي هو جيل ۾ به وقت گذاري لاءِ پڙهندو رهندو هيو”.

هيمون کي ملڻ واري ڦاهي جي سزا کان پوءِ وڪيلن صلاح ڪري سندس مامي کي معافي نامي تي راضي ڪرائڻ لاءِ جيل موڪليو جنهن کيس گهڻو سمجهايو ته “اجايو هٺ ڇڏي انگريزن کان معافي وٺي عزت جي زندگي گذار ته جيئن تنهنجي شادي به ڪرايون”. پر هيمون پنهنجي مامي جون ڳالهيون تحمل سان ٻڌي کيس وراڻيو ته “ماما غلامي جي زندگي به ڪا عزت جي زندگي آهي. مان پنهنجي ڌرتي تي قابض ڌارين کان ڪيئن ٿو معافي وٺي سگهان ۽ ها منهنجي شادي تڏهن ٿيندي جڏهن هي ملڪ آزاد ٿيندو”. اهو چوندي سندس سنگلاخ چهري تي پڇتاو جو ڪوبه احساس ڪونه هيو”.  هن کولي جي دروازي تي چوڪس بيٺل سنتري کي گهوريندي مامي کي چيو “انگريزي تشدد سان منهنجون هڏيون چورچور ضرور ٿيون آهن پر منهنجا حوصلا اڃان به سلامت آهن”.

 هيمون مان نامراد واپسي ڪندي سندس مامي پنهنجي ڀيڻ (هيمون جي ماءُ) کي سمجهائڻ لاءِ موڪليو جنهن جي هيمون تمام گهڻي عزت ڪندو هيو تنهن پڻ پنهنجي موڀي پٽ کي گهڻو سمجهايو ۽ هو ڪنڌ جهڪائي کيس ٻڌندو رهيو پر جڏهن ڄيٺي ٻائي خاموش ٿي ته هيمن کيس پيار سان سمجهايو، “امڙ تون مون کي سموري ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ مڪرم آهين پر هيءَ ڌرتي به منهنجي ماءُ جيان آهي جنهنجو مرتبو ۽ فرض مون کي توکان به اتم ۽ اهم آهي. اگر توتي ڪوبه شخص ناجائز قبضو ڪري ته مون جهڙي پٽ کي ڇا ڪرڻ گهرجي ها”. هيمون کي پيار مان ڏسندڙ ماءُ وٽ سندس سوال جو ڪوبه جواب ڪونه هيو. کيس خاموش ڏسي هيمون عرض رکيو “، امڙ منهنجي رڳن مان وهندڙ رت مان مون کي تنهنجي کير جي خوشبو اچي ٿي مان ڪيئن ان جو فرنگين سان سودو ڪيان، بس تون مون کي دعا ڪجانءِ ته جيئن منهنجو حوصلو نه ٽٽي جو مان پنهنجي ڌرتي تي قبضو ڪندڙ استحصالي قوتن خلاف حالتِ جنگ ۾ آهيان هر هر اچي مون کي ڪمزور نه ڪيو جو مان هڪ محبِ وطن ۽ بهادر ڌرتي ڌڻي طور مرڻ چاهيان ٿو”.

 سندس وڪيلن ۽ ملڪ جي معزز شخصيتن طرفان موڪليل رحم جي اپيلن کي مدِ نظر رکي ۽ هيمون جي نوجواني کي ڏسندي عدالتي ٽريبيونل کيس ڏهن سالن جي سزا ڏئي فيصلو سنڌ جي فوجي هيڊڪوارٽر حيدرآباد موڪليو جتي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ميجرجنرل رچرڊسن ڏهن سالن جي ٽيپ کي سزائي موت ۾ تبديل ڪيو. هيمون جي وڪيلن کان علاوه ڪراچي جي ميئر جمشيد مهتا، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، ساڌٻيلي جي سوامي هرنام داس وغيره پڻ برطانوي سرڪار کي سزا ۾ نرمي جون اپيلون ڪيون پر انهن تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏنو ويو.

 20 جنوري 1943ع تي هيمون جي گهروارن کي ٽيليگرام ذريعي اطلاع ڪيو ويو ته “ٻئي ڏينهن کيس ڦآسي ڏني ويندي”.  21 جنوري تي سندس احباب سکرجيل ۾ جمع ٿيا جتي پوليس جي وڏي نفري جي گهيري ۾ هيمون کي ڦاسي گهاٽ آندو ويو. سندس آيل عزيزن دوستن مان ڪجهه اداس هيا، ڪجهه روهڻهارڪا ته ڪجهه هڏڪيون ڏئي روئي رهيا هيا. هيمون سڀني کي مخاطب ٿيندي چيو، “توهان روئو ڇو ٿا مان ڪنهن چور اچڪي يا غدار جي موت نه ٿو مران.  مون کي دعا ڏيو جو مان هن هڪ انقلابي آهيان”. بيل ڪڙين سان سينگاريل هيمون جيل جي سيخن کي مروٽا ڏيندي پنهنجي ڀاءُ کي چيو“مون جيڪو ڪم اڌورو ڇڏيو آهي تنهن کي پورو ڪجانءَ”.

 ڦاسي وقت حسبِ روايت جڏهن انگريزي افسر هيمون کان آخري خواهش پڇي ته هن پرسڪون لهجي ۾ چيس “توهان سڀئي منهنجي ملڪ مان نڪري وڃو”. سندس اڻ مندائتي جواب تي حيران ٿيندڙ افسر کي اکين ۾ گهوريندي هيمون وراڻيو،“توهان منهنجي آخري خواهش پوري ڪرڻ جي حيثيت نه ٿا رکو. تنهنجي سرڪار منهنجي جسم کي ڦاهي ڏئي سگهي ٿي پر نه مون کي ماري سگهي ٿي ۽ نه ئي منهنجي ارادن کي.  مان سنڌ جي هر جوان جو روپ وٺي توهان جي خلاف محاذ بيهاريندم ۽ پنهنجي ڌرتي تان ڀڄائي ساهه پٽيندم”. 

 . . . . . . . ۽ پوءِ سنڌ جي هن بهادر پٽ جي چهري تي ڪارو ماسڪ چاڙهي جڏهن ڦاهي جو رسو ڳچي ۾ سوگهو ڪيو ويو ته هيمون آيل ساٿين جي هجوم مان اٿندڙ نعرن جا زور سان جواب ورنايا ته “انقلاب زنده آباد يونين جيڪ مرده آباد”. . . . . . ايتري ۾ سندس پيرن هيٺان ڄڻ ته زمين نڪري وئي ۽ عصر ڌاري اڻويهه سال، يارنهن مهينا ۽ هڪ ڏينهن جي عمر رکندڙ سنڌ جو هي انقلابي پٽ پنهنجي ڌرتي جو تحفظ ڪرڻ جي پاڪيزه ڏوهه ۾ ڦاهي جي رسي تي پينگهي جيان لڏي ويو.

 همت، جرئت ۽ بهادري جي علامت بڻيل هي نوجوان جنهن جي چهري تي اڃان پوري طرح سان ڏاڙهي به ڪونه آئي هئي تنهن برطانوي حڪومت جي تمام مشينرين ۽ هٿڪنڊن سامهون چوڏهن مهينن تائين هر قسم جي تشدد جو مرداڻي واري مقابلو ڪري کين ناڪامي ۽ نامرادي جو منهن ڏيکاريندي چتاوڻي بڻجي جيئندو رهيو پر مرڻ کان پوءِ به صدين تائين سندن تاريخ تي ناڪامي جي هڪ بدنما داغ جيان جڙيل رهيو.  هيمون جي گهروارن کان ڦاهي جي هڪ هزارا روپيه فيس گهري وئي (جيڪا ڀرڻ کان پوءِ وارثن لاش ڏئي ويندي هئي) پر غريب هئڻ ڪري ڪونه ڀري سگهيا جيڪا پڻ سکر جي هڪ شهري ادا ڪئي تڏهن قريبن ڦاهيءَ جي ڏهن ڪلاڪن کان پوءِ شام جو 4 وڳي 30 منٽن تي سکر جيل جي ملٽري ٽرڪ ذريعي وارثن کي هيمون شهيد جي ميت ڏني وئي جنهن کي پراڻي سکر جي شمسان گهاٽ واري ميدان ۾ جمع هزارين چاهيندڙن جي هجوم ۾ انتم سنسڪار ڪيو ويو.  

هيمون ڪالاڻي جي شهادت کان پوءِ سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻي رهي جتي جلوس جلسا ڪڍيا ويا. بريصير جي بيشمار آزادي پسند اڳواڻن هيمون جي وارثن سان عذر خواهيون ڪيون جن ۾ جواهر لال نهرو به شامل هيو. سڀاش چندربوس جي آزاد هند پارٽي جي ڪيپٽن گربخش سنگهه ڍلون پڻ هيمون جي والده جي عزت افزائي ڪندي کيس پٽ لاءِ شجاعت جو گولڊ ميڊل ڏنو ۽ هيمون کي ”سنڌ جو ڀڳت سنگهه” ڪوٺيو.

هيمون ڪالاڻي جي جدوجهد ۽ قرباني کي نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر پنهنجي صوبي سنڌ ۽ سندس شهر سکر جي انقلابي تاريخ ۾ پڻ نظرانداز ڪيو ويو آهي. سکر ۾ سندس نالي تي هڪ پارڪ منسوب هوندو هيو جنهن کي پڻ بعد ۾ اسانجي مجاهدن عربي لٽيري محمد بن قاسم جي نالي ڪري ڇڏيو.  هندستان ۾ هيمون ڪالاڻي جو نالو خاص عزت ۽ احترام جي علامت طور سمجهندي کيس پنهنجي تاريخ جي اهم ترين حريت پسند انقلابين منجهان مڃيو ويندو آهي.  اتي هر وڏي شهر جهڙوڪ، آگره، ناگپور، اديپور، راجسٿان، احمدآباد، اندور، مڌيه پريس، بيلاپور، بهاونگر، چتورڳڙهه، فيض آباد، ايوڌيا، جوڌپور، دهلي، الهاس نگر، گجرات وغيره ۾ هيمون ڪالاڻي کي مريادا ڏيڻ لاءِ سندس نالي تي بيشمار يادگارون، باغات، لائيبرريون، رستا، چوڪ، تعليمي ادارا ۽ ڪالونيون وغيره ٺاهيون ويون آهن ۽ ٺهنديون رهنديون آهن. 

اتي مختلف شهرن ۾ هيمون ڪالاڻي جا مجسما پڻ آويزان ڪيا ويا آهن ۽ هر سال سندس سالگره ۽ ورسي پڻ احترام سان ملهائي ويندي آهي. 1983ع ۾ هيمون جي هڪ سالگرهه واري ڏينهن تي هندستاني پرائيم منسٽراندراگانڌي سندس يادگار ڊاڪ اسٽيمپ پڻ جاري ڪيو هيو. ان يادگار تقريب جي پنڊال ۾ شهيد ڀڳت سنگهه ۽ هيمون ڪالاڻي جي والده گڏ ويٺيون هيون جتي ڀڳت سنگهه جي ماءُ ڄيٺي ٻائي کي پيار ۾ ڳراٽي پائيندي چيو ته “تنهنجي پٽ جو مرتبو منهنجي ڀڳتي (ڀڳت سنگهه) کان گهڻو مٿاهون آهي جو هن پنهنجي ڌرتي ماتا لاءِ ننڍپڻ ۾ جان جي قرباني ڏني”. سنڌ جي هن پٽ جي آزادي لاءِ ڪيل لازوال قرباني کي نذرانو ڏيندي 21 آگسٽ 2003ع تي انڊين حڪومت پنهنجي پارليامنٽ جي سامهون سندس ٻارنهن فٽ ڊگهو مجسمو  ٺهرائي بيهاريو ۽ ان تقريب ۾ ڀارت جي وزيرِ اعظم اتل بهاري واجپائي ۽ ڪانگريس جي صدر سونيا گانڌي کان علاوه بيشمار سياسي ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

بريصغير جي جنگِ آزادي کي زندگي ڏيندڙ هيمون ڪالاڻي جهڙا انقلابي ئي هيا جن جي جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو ئي هيو جنهن جي شروعات 1857ع واري جنگِ آزادي سان ٿي ۽ خاتمو 1947ع ۾ ٿيندڙ آزادي سان ٿيو.  پنهنجي قوم جي سچي رهبرن، محسنن ۽  ڌرتي لاءِ جان قربان ڪرڻ واري بهادر پٽن کي مهذب قومون ڪڏهن ڪونه وسارينديون آهن بلڪه رهندي دنيا تائين سندس قربانين کي ياد ڪندي مان ارپينديون رهنديون آهن. اسان کي به گهرجي ته اسان جي نسلن جي آجپي ۽ آزادي لاءِ پنهنجو خون وهائي جان ڏيندڙ محسنن کي پنهنجي روين، ڪتابن، تاريخن ۽ نسابن ۾ زنده رکي پنهنجي تهذيب يافته هئڻ جو ثبوت ڏيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.