Gul Banu
“راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورھيه لنگهي ويا”
“مٺو منهنجي من جا، دل لڳي تو سان”
گل بانو
ڪيترائي مشھور ء مقبول ڪلام ۽ لوڪ گيت ڳائيندڙ سنڌ جي تمام خوبصورت آواز جي مالڪ، خوبصورت ڳائڻي، اداڪارا ۽ صداڪاره گل بانو 14 آگسٽ 1959ع تي سنڌ جي تاريخي وسندي سن اڳوڻي ضلعي دادوءَ، ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ غريب ھاري پانڌي ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس خاندان جي سائين جي ايم سيد جي خاندان سان به انسيت ۽ عقيدت رهي آهي، مٿس گل بانو نالو به سائين جي ايم سيد جي خاندان رکيو، گل بانو ابتدائي تعليم سن مان ۽ مئٽرڪ ميران گرلز اسڪول حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جتي سندس ملاقات دادي ليلان، زرينه بلوچ، عابده پروين (عابده پروين ته مئٽرڪ ئي ھن سان گڏ ڪئي)، امينه صادق ۽ ٻين سان ٿي، انھن ڏينهن ۾ گل بانو جو ھڪ چاچو عيسو ملاح يڪتاري تي ڳائيندو هو، ان کي ڏسي گل بانو جيڪا ننڍپڻ ۾ ئي شادين مرادين ۾ سھرا ۽ ڳيچ ڳائيندي هئي، کي ڳائڻ جو شوق وڌيو، کيس اهو شوق 1973ع ڌاري ريڊيو اسٽيشن ڪراچيءَ تي وٺي آيو، جتي فن شناس پروڊيوسر آغا سليم سندس آڊيشن ورتي ۽ کيس ائپروو ڪري ڇڏيو، ھن پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي به پروگرام ڪيا، ھن موسيقار امين راھي، محمد حسن ۽ استاد محمد جمن کان موسيقيءَ جي ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن جي موسيقيءَ ۾ ڳايو ۽ رڪارڊنگس ڪرايون، ھن ڪافيون، ڪلام ۽ لوڪ گيت ڳايا آهن، ھن جن شاعرن جي شاعري ڳائي آھي، انھن ۾ شاھ لطيف، سچل سرمست، تاجل بيوس، محمد جمن ھالو، سائل آذاد ۽ ٻيا شامل آهن، سندس مشهور ڪلامن / اسمن ۾ مٺو منهنجي من جا، دل لڳي تو سان، راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورھيه لنگهي ويا، اڏر منهنجا پپيھر، ايندم شال، مارو ٿيا پري وغيره شامل آهن، ھن جن فنڪارن / فنڪارائن سان ڊوئيٽ /سنگ ۾ ڳايو انهن ۾ عبدالله ڪڇي، محمد يوسف، محمد جمن، روبينا قريشي، محمد ابراهيم، زرينه بلوچ، زيب النساء، امينه، نور بانو ۽ ٻيا شامل آهن، ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر خواجه امداد علي، جنهن گل بانو جون شروعاتي رڪارڊنگس ڪيون، جڏهن کيس ڊرامن جو شعبو ڏنو ويو ته ھن گل بانو کان ڊرامن ۾ به ڪم ڪرايو، گل بانو پوءِ ريڊيو پاڪستان سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن جي ڊرامن ۾ به اداڪاري ڪئي، ھن پيار ڪيو سينگار، برسات جي رات، ڌرتي دل وارن جي، رت جا رشتا سميت ڪجهه فلمن ۾ به ڪم ڪيو آهي..