Sir Railef Lee

1 min read

 

 

 

 

 

 

 

سر رالف للی

ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به تحقيقي ڪم ڪندڙ دنيا جي مشھور ٻولي / لساني ماھر، تعليمدان، محقق سر رالف للي ٽرنر 5 آڪٽوبر 1888ع تي لنڊن ۾ جنم ورتو، ھن مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪئي، جيتوڻيڪ ھي پاڻ انگريزي ڳالهائيندڙ ھو، پر ھن سنڌي ٻوليءَ سميت ننڍي کنڊ سميت مختلف ملڪن جي ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي، ڪافي وقت گڏيل ھندستان ۾ رھائش رهيس، ھندستان ۾ ڪوئين ڪاليج بنارس ۾ استاد رھيو، پر پوءِ واپس برطانيا موٽي ويو ۽ لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ ٻولي خاص ڪري سنسڪرت جو استاد ٿيو، اتي رھندي ھن مختلف ٻولين تي ڪم ڪيو، سندس تحقيقي مقالا اتان شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل Journal of the jipsi lower society ۾ ڇپجندا رھيا، ھن رومن ۽ هندستان جي مختلف ٻولين تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا، جيڪي پوءِ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا، ھن نيپالي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين کان وڌيڪ ڪم ڪيو، ھن نيپال جي ٻوليءَ سان گڏ نيپال جي ثقافت تي به ڪم ڪيو، نيپالي ٻوليءَ جي ڊڪشنري ترتيب ڏئي ڇپرائي، ھي ڊائريڪٽر ڪاليجز به رهيو، ھي ڪڏهن به سنڌ نه آيو پر نيپالي ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين، آريائي ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ تي به تحقيقي ڪم ڪيو، جنھن ۾ سنڌي گرامر ۽ لغت به شامل آهي، سنڌي ٻوليءَ تي سندس لکيل اھم مقالن ۾:

  1. Sindhi Recursive or Voiced Stops Proceeded by Global Closure (BSOAS 1923)
  2. Cere Brazation in Sindhi (JRAS-1924).
  3. Some Problems of Sound Change in Indo-Aryan, 1960.

وغيره شامل آهن، سندس ٻين اھم ڪتابن ۾ (جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ذڪر آهي) Nepali Etymological and Comparative Dictionary ۽ Computer Dictionary of the Indo Arian Languages شامل آهن، پھرين ڪتاب ۾ نيپالي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ساڳين / ملندڙ جلندڙ آوازن / لفظن جو تقابلي جائزو ۽ ٻئي ڪتاب ۾ ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي به گرامر ۽ لغت تي ڪم ٿيل آهي، ھن جو گجراتي ٻوليءَ تي به ھڪ ڪتاب Gujrati Phonology جي عنوان سان ڇپيل آهي، سر رالف للي ٽرنر 22 اپريل 1983ع تي لنڊن ۾ وفات ڪئي..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.