Chetro Nagpaal

 

 

 

 

 

 

چترو ناگپال

سنڌي ٻوليءَ جي ھند سنڌ ۾ مشهور ليکڪ، ڪھاڻيڪار، شاعر چترو نھچل داس ناگپال المعروف چترو ناگپال 2 فيبروري 1932ع تي شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم ڪراچيءَ سنڌ مان حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ خاندان سان گڏ بمبئيءَ ھليو ويو، جتي مئٽرڪ ڪري مختلف خانگي نوڪريون ڪيون، ان دوران مختلف ساز وڄائن، ناچ، مصوري، سنگتراشي به سکيو، ان دوران بمبئي يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ۽ ماسٽرس به ڪيائين، جتي سندس ارجن شاد، پروفيسر رام پنجواڻيءَ ۽ ٻين فنون لطیفہ سان لاڳاپيل ماڻهن سان ملاقات ٿي ته ادبي، فني شوق ويتر وڌيس، ھن مختلف شيون لکڻ سان گڏ زبردست مصوري ڪئي، صوفي شاعرن، ليکڪن، اديبن، فنڪارن جا پتلا ٺاهيا، جيڪي پوءِ پوسٽ ڪارڊن تي ڇپيا، سندس مختلف صنفن تي ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: جواني ڏينهن چار (ڪهاڻيون)، روم ۾ هڪ رات (ڪهاڻيون)، تنهنجي منهنجي ڪهاڻي (ڪهاڻيون ۽ آتم ڪٿا)، دلبر پٽ منهنجو (شاعري)، يادِ وطن (خط، شاعري ۽ ڪهاڻي)، ڪنڊن جو مُربو (سياسي ۽ ادبي طنزيه مضمون) وغيره شامل آهن، ھن 16اکتوبر  2007ع ڌاري ناگپور ۾ پرلوڪ پڌاريو..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.