Najam Abbassi

 

 

 

 

 

نجم عباسی

سنڌ جي مشهور ليکڪ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول نگار، دانشور، مترجم ڊاڪٽر نجم عباسي 18 آڪٽوبر 1927ع تي خان واهڻ ضلعي نوشهروفيروز ۾ جنم ورتو، نجم عباسي ايم بي بي ايس ڪري سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي، جنھن تان پوءِ استعيفا ڏئي ذاتي ڪلينڪ هلائڻ شروع ڪيائين، نجم عباسي جي شروع کان ئي ادب ۾ سياست ۾ دلچسپي رهي، تحريڪ آزاديءَ واري زماني کان ئي سياست ڪيائين، ان دور جي ادبي تنظيم بزمِ ادب سان لاڳاپيل رهيو، تنظيم جو سيڪريٽري جنرل به رهيو، ھن ادبي دنيا جي شروعات شاعريءَ کان ڪئي پوءِ ڪھاڻيون لکيائين، سندس پھرين ڪھاڻي ”همت ۽ ڪوشش“ چئي وڃي ٿي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپي، سندس ٽيھ کن ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾: طوفان جي تمنا (ڪهاڻيون)، پٿر تي ليڪو (ڪهاڻيون)، ڳاڙهو لالٽين (ترجمو)، جيڪي منهنجي من ۾ آهي (ڪهاڻيون)، ناچڻي (ڪهاڻيون)، ايڏو سور سهي (آتم ڪهاڻي، مضمون)، رشتا ناتا (ڪهاڻيون)، اڪيلا نه آهيون (ترجمو)، سورج هوندي مرجهايل (ڪهاڻيون)، للڪار (ڪهاڻيون)، پهاڙن ۾ پڪار (ترجمو)، پيار ڪهاڻي (ناول)، بلنديون (ناول)، پروفيسر (ڪهاڻيون)، دارون هن ديواني جو (ڪهاڻيون)، ڪهاڻيءَ جو قافلو (ڪهاڻيون) ۽ گانڌي (ترجمو)، تصوف جي چير ڦاڙ (مضمون)، تلاش (ناول)، زلزلو (ترجمو)، ماسترياڻي (ترجمو)، دوکو (ڪهاڻيون)، مٿي سنڌ سڪار (ڪهاڻيون)، لينن جي انقلابي ڪهاڻي (ترجمو، منهنجون بهترين ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)، پاڻ ۾ ويٺا آهيون (ڪهاڻيون ۽ ڪالم)، اوچا ڳاٽ پهاڙن جا (ڪهاڻيون ۽ انٽرويو)، جبل مٿي باهڙي (خط) شامل آهن، ھن اڌ رنگ جي بيماري سبب 25 آڪٽوبر 1995ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.