Makhdoom Amin Faheem
مخدوم امین فھیم
21 نومبر : یوم وفات
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اڄ سنڌ جي مشهور سياستدان، شاعر، روحاني شخصيت مخدوم امين فهيم جي پئدائش جي تاريخ آهي، مخدوم محمد امین فھيم 4 آگسٽ 1939ء تي سنڌ جي ھڪ وڏي روحاني شخصيت، سياستدان، شاعر ۽ اديب مخدوم محمد زمان طالب المولئ جي گهر ۾ ھالا ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعليم ھالن مان ئي حاصل ڪئي، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪيائين، مخدوم امین فھيم 1970ء وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان سياست ۾ قدم رکيو، ٺٽي مان کٽي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، سڄي زندگي پيپلزپارٽي سان ئي سلھاڙيل رهيو، مخدوم امین فھيم 8 دفعا چونڊون کٽيون، سڄي زندگي نا قابل شڪست رهيو، 1977ء، 1988ء،1990ء، 1993ء، 1997ء، 2002ء، 2008ء، 2013ء تائين مسلسل 8 دفعا قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ان دوران ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير به رهيو، جن ۾ اطلاعات و نشریات، ریلویز، ھائوسنگ اينڊ ورڪس، معیشت وتجارت جون وزارتون شامل آهن، مخدوم محمد زمان طالب المولئ جي وفات کان پوءِ مخدوم امین فھيم سروري جماعت جو سربراهه/روحاني پيشوا ٿيو، ھن ڪافي شاعري به ڪئي، جيڪا مختلف فنڪارن ڳائي آهي، ھن 21 نومبر 2015ء تي ھي جھان ڇڏيو..