Noordha Malaani
نروڌا مالني
20 نومبر 1995: جنم تاريخ
ـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سنڌ جي مشهور نوجوان فنڪاره نروڌا مالني 20 نومبر 1995ع تي چندي رام ڀڄاڻي جي گهر ۾ کپرو ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو، کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو ۽ مذهبي ڏينهن تي ڀڄن ڳائيندي هئي، سندس سڄي سنڌ سان تعارف 2009ع دوران ھڪ ٽي وي چينل ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪرايل موسيقي جي مقابلي جي پروگرام “سنڌ سپر اسٽار ريئلٽي شو” جي ذريعي ٿيو، جنھن ۾ نروڌا ٻي پوزيشن حاصل ڪئي، ان ڏينهن کان باقاعدگي سان ڳائي رهي آهي، سندس ڪيترائي البس اچي چڪا آهن، ھڪ اردو فلم” تلاش” لاءِ به ڳايو اٿس..