Andhra Shabnam Pona Wala
اندرا شبنم پونا والا
24 نومبر 1950: تاریخ پیدائش
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
نالی واری ادیبہ ء شاعرہ اندرا شبنم جو جنم 24 نومبر 1950ع تي ڪراچي ۾ ٿيو. هن وقت پاڻ پونا (ھندستان)۾ رهن ٿيون. هوء بي اي ۽ بي ايڊ آهي. اندرا شبنم پنهنجي ڪيريئر ۾ 1979ع کان تعليم سان لاڳاپيل آهن، پاڻ يوگا جون به بهترين استاد آهن. سندن اصل سڃاڻ شاعري ۽ ادبي ميدان ۾ سندس سرگرميون آهن. اندرا شبنم اندو سنڌي، اردو، هندي ۽ مراٺي زبانن ۾ شاعري ڪئي آهي. هوء ڪهاڻيء جي به بهترين ليکڪا آهي. اندرا شبم ڪيترن ئي پروگرامن ۽ سيمينارن ۾ پنهنجي شاعري ۽ ڪهاڻي پيش ڪندي رهي آهي. جنوري 2011ع ۾ هيرو ٺڪر، ومي سدا رنگاڻي سان گڏ هوء پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ جي دوري تي آئي، جنهن ۾ هوء شاهه لطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ مختلف سيمينارن ۾ شرڪت ڪندي رهي.
سند ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن :
شبنمي قطر،1991ع (سنڌي : شاعري)، دهلي اڪيڊمي اوارڊ
عبادت، 1996ع (هندي ۽ سنڌي ڪهاڻيون) گجراتي اڪيڊمي اوارڊ
سالن جو سک، 2000ع (سنڌي شاعري)
تصويرين، 2002ع (هندي شاعري)
سرگوشيان، 2003ع (اردو شاعري)
سلسلي، 2003ع (هندي شاعري)
دستڪ، 2004ع (هندي شاعري)
عبادت، 2006 (اردو ڪهاڻيون)
جاڳيل ضمير، 2007 (سنڌي شاعري)
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
اندرا شبنم پونا والا
یوم پیدائش : 24 نومبر 1950
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سندھی اور اردو کی معروف ہندوستانی ادیبہ اور شاعرہ اندرا شبنم پونا والا 24 نومبر 1950 میں کراچی پاکستان میں پیدا ہوئیں وہ 1960 کی دہائی میں اپنے خاندان کے ہمراہ ہندوستان منتقل ہو گئیں ۔ وہ وہاں تعلیم کے شعبے سے وابستہ رہیں ۔آپ سندھی ، ہندی،اردو اور مراٹھی زبان میں شاعری کرتی ہیں وہ یوگا کی ماسٹر بھی ہیں ۔ اندرا کی اب تک 10 کتابیں شائع ہو چکی ہیں ۔ ادبی سرگرمیوں کے سلسلے میں ان کی پاکستان آمد ہوتی رہتی ہے۔ وہ ہندوستان کے شہر پونا میں رہائش پذیر ہیں ۔