Saria Sooz Halai

ثریا سوز ڏيپلائي
25 نومبر : جنم تاريخ
ــــــــــــــــــــــــــــــــــ
سنڌ جي مشهور ليکڪـا، شاعره، ڪھاڻيڪاره، ناول نگار ثريا سوز ڏيپلائي 25 نومبر 1945ع تي سنڌ جي سگھاري ادبي شخصيت محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، ھن سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي، پنھنجي عظیم والد تي ”محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ناول نگاري“ جي عنوان تي ٿيسز لکي ايم فل ۽ ”محمد عثمان ڏيپلائي بطور سماج سڌارڪ“ جي عنوان تي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي ڪئي، ھن درس تدريس جو ڪم ڪيو، ھن شاعري ڪئي، ڪھاڻيون لکيون، مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪالم نگاري ڪئي، ناول لکيو، ٻارڙن لاءِ لکيو، صحافت به ڪئي، 14 سيپٽمبر 2004ع تي ھن جي وفات ٿي ـ