عبدالغفار تبسم
1 min read
سڪ سوز ۾ دل ساڙي ڪا سار تہ لھبي آ
عبدالغفار تبسم
20 نومبر 1951 : جنم تاریخ
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
آغا نياز مگسي
ـــــــــــــــــــــــــــــــ
“منهنجي محبت تي تون ميارون نه ڏي، وڃي لوڪ کان پڇ ته هو ڇا ٿو چوي”، “سڪ سوز ۾ دل ساڙي، ڪا سار ته لھبي آ” سميت سوين ڪلام لکندڙ سنڌ جو مشهور شاعر عبدالغفار تبسم 20 نومبر 1951ع تي نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ مير پور ڀٽو ۾ پيدا ٿيو والد صاحب جو نالو قادر بخش ڀٽي آھي ـ ھن پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ڳڙھي ياسين ۽ نئون دیرو مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم گورنمنٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ سـنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪیائین۔ ھو پھريون اسڪول ماستر مقرر ٿيو بعد ۾ فيملي پلاننگ آفيسر ڪجھ وقت يو بي ايل بينڪ ۾ ۽ ان کان پوء P I A ۾ آفيسر مقرر ٿيو ڪجھ عرصي کانپوء کیس ملازمت کان ڊسمس ڪيو ويو ان کانپوء ميونسپل ڪميٽي نئون ديرو جو چيئرمين چونڊجي ويو 1990۾ PI A ۾ ٻيھر بحال ٿيو ۽ بعد ۾ رٽائر ٿيوـ تبسم صاحب 1965 کان شاعري شروع ڪئي مشھور فنڪارن محمد يوسف، منظور سخيراڻي،صادق فقیر ، دیبا سحر ، شمن علی میرالی ۽ ٻين ھن جا ڪلام ڳايا آھن، ھن 1965 کان شاعري شروع ڪئي ۔ سندس ھن وقت تائين 20 جي لڳ ڀڳ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ سندس سفرناما ۽ آتم ڪٿا به شامل آهي، تبسم سنڌي فلمن ۾ اداڪاري ب ڪئي ـ ھن فلم برسات جي رات ۾ ھيرو ۽ فلم سھڻا سائين ۾ ولن جو ڪردار ادا ڪيو ھوـ ھن پي ٽي وي ۾ ڪمپيئرنگ بہ ڪئي آھي ـ
