Abdul Rauf Abro

1 min read

 

 

 

 

 

 

منصور ویراگی

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ جي مشهور ليکڪـ، شاعر عبدالرؤف ابڙو المعروف منصور ويراڳي 8 آڪٽوبر 1930ع تي ھالا ۾ جنم ورتو، ھن شاگردي واري زماني کان ئي لکڻ ۽ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان تحريڪ آزاديءَ ۾ به حصو ورتو، ھن ھالا ۾ “بزم رفيق” جي نالي سان ھڪ تنظيم ٺاهي، جنهن جو ڪم تعليم کي هٿي وٺرائڻ ھو، ھن “سنياسي ادبي سنگت” جي نالي سان ھالا ۾ ادبي سنگت قائم ڪئي، سندس لکيل ڪتابن ۾: وطن جي راه ۾، واٽون ويهه ٿيون، جيون ساٿي، مٺڙيون راتيون، گلابي مکڙيون، بانو، دو آنسو(اردو)، صداء وطن، ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، سوري جنين سيج، هن پار، اندر جا آلاپ، اڻ مڻيا موتي، رفيق گرامر، روشن راتيون-پيارا ڏينهن، عاشق عزازيل، سڄڻ سفر هليا، شام و سحر، ڪنول جي ڪهاڻي، ڀيڄ مولا، ارمان اڌورا، رنگين گل، زندگي هڪ خواب، مزدور جو لاش، رت جا ڳوڙها، غيرت وغيره شامل آهن، ھن جي شاعري عابده پروين، محمد يوسف سميت مختلف فنڪارن ڳائي آھي، ھن 13 فيبروري 2008ع تي وفات ڪئي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.