لطائف الطوائف

لطائف الطوائف

مترجم شمس العلماء قليچ بيگ مرزا. ڇپائي اچي، ڪرائون سائيز. ۲۸۷ صفحا، قيمت ۳رپيا. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ، ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال؛ امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

هي ڪتاب، دلچسپ لطائف ۽ دلڪش ظرائف سان ڀريل، اخلاقي ۽ اصلاحي چيز آهي. انوار سهيليءَ جي مصنف مولانا ڪاشفيءَ جو لکيل آهي. اصل  ڪتاب ۹۲۹هه ۾ وقت جي بادشاهه سلطان محمد لاءِ لکيو ويو هو. منجهس عجيب و غريب لطيفا ۽ خوش ذوقيءَ جا عمدا واقعا بيان ٿيل آهن. اهل علم دوستن، توڙي شاگردن لاءِ، وندر ۽ معلومات لاءِ بهترين تحفو چئي سگهجي ٿو. ٻولي سليس ۽ انداز بيان لذيذ اٿس. ترجمي لاءِ، مرحوم مرزا صاحب جو قلم ڪافي شهرت رکي ٿو. هي عمدو ڪتاب، سندن بهترين ترجمن مان شمار ڪري سگهجي ٿو.          

                   غ . م .گ.

(ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.