جنب گذاريم جن سين

”جنب گذاريم جن سين“: (۲ حصا) از: جي. ايم. سيد، ڇپائي اعليٰ، ڪاغذ عمدو، ڊيمي سائيز، سرورق دلڪش_ صفحا ۴۴۰، قيمت ۰۰_۷ رپيا؛ ۽ جلد ۲، صفحا۵۱۸،قيمت ۷۰۰ رپيا، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ، ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بڪ اسٽال، امين منزل گاڏي کاتو حيدرآباد ۽ سنڌ جا مشهور ڪتب فروش.

’جنب گذايم جن سين‘. سنڌ جي مشهور محب وطن ۽ قومي ليڊر جناب جي. ايم. سيّد صاحب جي قلمي ڪاوش جو قابل قدر شاهڪار آهي.

جناب جي. ايم. سيد صاحب جهڙي جهان ديده، تجربيڪار ۽ باشعور انسان، پنهنجي زندگيءَ جي تجربات ۽ مشاهدات، تاثرات ۽ واقعات کي قلمبند ڪري، نه فقط سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي؛ پر ان سان گڏ، سنڌي تاريخ جي عظيم انسانن جي سيرت ۽ سوانح، حالات ۽ اثرات کي، هڪ هنڌ جمع ڪري، اهل بصيرت لاءِ عبرت ۽ موعظت جو سامان پيدا ڪيو آهي.

367

 

اصل ۾ پاڻ هڪ ڪتاب ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ پنجن ڀاڱن ۽ ٽن جلدن تي، جنهن جي هر هڪ ڀاڱي ۾ ڏهن سالن جو ذڪر ڪيل آهي، لکي چڪا آهن.

ان متعلق سندن چوڻ آهي ته:

”اهو ڪتاب فقير جي ڪچڪول وانگر مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي. هر ڀاڱي جي باب اول ۾ انهيءَ دؤر جي بين الاقوامي احوالن کي درج ڪيو اٿم. ٻئي ۾ هندستاني سياست ۽ آزاديءَ جي تحريڪ جو احوال آهي. ٽئين ۾ ان زماني ۾ سنڌ جي سياسي واقعن ۽ احوالن جو ذڪر ڏنل آهي. باب چوٿين ۾ پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي سر گرمين ۽ ڪار گذارين جو قصو بيان ٿيل آهي، باب پنجين ۾ پنهنجي مذهبي، سياسي، نفسياتي ۽ ذهني ارتقا جو احوال ڏنو اٿم. باب ڇهون ڊائريءَ جي دلچسپ ٽڪرن تي مشتمل آهي. باب ستين ۾ بزرگن ۽ دوستن ۽ سياسي رفيقن جي زندگيءَ جو احوال لکيو اٿم.“

هن مختصر تعارف مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هيءَ ڪاوش، سنڌ جي هڪ دؤر جي علمي، ادبي، ملڪي، سماجي ۽ سياسي تاريخ آهي.

هي ٻه جلد مٿئين ڪتاب جي ستين باب تي مشتمل آهن.

هنن ٻن جلدن مان، پهرئين ۾ ۱۰۱ ۽ ٻئي ۾ ۱۷۷ سوانح عمريون آيل آهن؛ جن ۾ استاد، زميندار، درويش، قومي ڪارڪن، سياستدان، اديب، عالم، نامور آفيسر، سماجي ڪارڪن رفيق ۽ واقفڪار اچي وڃن ٿا. ان طرح ان ايتري ذخيري ۾، هندو، مسلمان، پارسي، ۽ انهن ۾ مردن سان گڏ انهن بيگمات جو پڻ ذڪر آيل آهي، جن قومي ۽ ملڪي خدمت ڪئي آهي.

جناب شاهه صاحب، ڪتاب جي افاديت ۽ مقصد متعلق لکيو آهي:

”زندگي هڪ عجيب تگ ودو جو ميدان آهي، جنهن ۾ سارو وقت انسان روزمره جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ بعد، جڏهن ماضيءَ تي نظر ٿو ڪري، ته ان ساريءَ سرگذشت جون صرف اڻ لَکيون ياد گيريون باقي رهن ٿيون. لکها انسان، سندن ياد گيرين جا داستان، پاڻ سان کنيو، ڪنهن به رڪارڊ ڇڏڻ کان سواءِ، گذر ڪيو وڃن. ڪي آهن، جي انهن کي قلمبند ڪريو، پوين جي معلومات لاءِ ڇڏين ٿا. لقد ڪان في قصصهم عبرت الاولي الا لباب!_“

هي داستان، ۱۹۱۹ع کان وٺي، اڄ تائين، سنڌ جي حالات جو مرقع آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب، پنهنجي تاثرات ۽ مشاهدات جي نقش گري ڪئي آهي.

جڏهن ته هن داستان جو مرتب ۽ جامع، پنهنجي ذاتي فضائل ۽ محاسن جي باوجود هڪ باشعور، سرگرم، انقلابي ۽ با حوصله سياستدان آهي، تنهن ڪري اهو پورو داستان، بلڪل هڪ مطمع نگاهه، هڪ زاويه نظر، هڪ تاثر ۽ هڪ رد عمل جي صدائي بازگشت آهي؛ جنهن جي بعض مسئلن ۽ نتيجن سان اختلاف ڪرڻ جي گنجائش آهي. اسان، هن شاهڪار جي اشاعت تي، ان جي مرتب، جناب جي_ ايم_ سيد ۽ ان جي ڇاپيندڙ، سنڌي ادبي بورڊ جي حوصلي کي مبارڪ ڏيون ٿا، جن، ”حاليا غلغله در گنڊ افلاک انداز“ تي عمل ڪيو آهي.        

                                      غ . م . گ.

(ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!