مورڙو ۽ مانگر مڇ

مورڙو ۽ مانگر مڇ

مرتب: جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊئريڪٽر لوڪ ادب اسڪيم، سنڌي ادبي بورڊ؛ ڇپائي اعليٰ، (ڊيمي سائيز) گرد پوش ديده زيب، ڪاغذ اڇو، صفحا ۲۲۰، قيمت ۰۰_۴ رپيا، ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ۽ ملڻ جو هنڌ: سنڌي ادبي بورڊ جو بُڪ اسٽال، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد سنڌ.

’مورڙو ۽ مانگرمڇ‘ لوڪ ادب اسڪيم جو ڇٽيهون ڪتاب آهي، جو پنهنجي صوري ۽ معنوي لحاظ سان، دلڪش ۽ روح آفرين آهي.

مقدمي ۾ جناب ڊاڪٽر صاحب جن لکن ٿا: 
”مورڙي ۽ مانگرمڇ جو داستان، سنڌ جي مشهور قصن ۽ داستانن ۾ هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو؛ هيءُ ڪتاب هڪ جنگي داستان آهي، پر جنگ سامونڊي جانور سان آهي. هيءُ داستان، سنڌ جي ملاحن جي همت ۽ حڪمت عمليءَ، توڙي سنڌ ۾ ڪلن جي اعليٰ هنر ۽ حرفت تي شاهد آهي. مجموعي طور سان، هيءُ سنڌ جي سور هيائيءَ ۽ هنرمنديءَ جو داستان آهي.“ ڊاڪٽر صاحب جن، پنهنجي عالمانه مقدمي ۾ هن عظيم روايت جي تاريخي پس منظر، قدامت، فني هيئت، موضوع ۽ مواد تي بصيرت افروز بحث ڪيو آهي، جو تعريف جي قابل آهي. ڊاڪٽر صاحب جن جي تحقيق موجب هي داستان دلوراءِ جي زماني جو آهي. دلوراءِ عربن جي دؤر جي پڇاڙيءَ ۽ سومرن جي دؤر جي اوائل ۾ آهي، ان ڪري هي روايت، پنجين صدي هجريءَ ۽ ٻارهين صدي عيسويءَ جي آهي. هن روايت جو افادي پهلو، پنهنجي ظاهري فني محاسن سان گڏ اهو به آهي ته، هيءَ روايت، تصوف جي حقائق ۽ معارف سان وابسته آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي صوفيائي ڪرام ان روايت تي عجيب غريب صوفيانه اسرار ۽ رموز پيش ڪيا آهن، ان طرح هن داستان کي سڀني اهل دل حضرات پڻ ٻڌو آهي. هن قصي جو تاويل ۽ تعبير ’نفس ڪشي‘ آهي. نفس مانگرمڇ آهي ۽ مورڙو اهو مانجهي مرد آهي، جو طريقت جي اجهاڳ سمنڊ ۾ گهڙي، ان سان لڙي ٿو ۽ ڪامياب ٿئي ٿو.

هن ڪتاب ۾ ڪل ۲۰ شاعرن جون شاعرانه روايتون جمع ڪيل آهن. انهن جي جمع ۽ ترتيب، اصلاح ۽ سٽاءَ، پيشڪش ۽ بيهڪ، نهايت توجهه ۽ عرق ريزيءَ سان ڪيل آهي.

هي ڪتاب، هر لحاظ سان، سنڌي ادب، سنڌي قديم داستان سرائي ۽ قديم سنڌي روايت ۾ هڪ دلڪش ۽ معياري اضافو آهي. اهل ذوق ۽ شعراء ڪرام لاءِ ادبي ۽ علمي شاهڪار آهي.

                                      _غ . م . گ

(ڊيزائين: فرحان علي ڀٽي)

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.
error: Content is protected !!