ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
1 min readڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
26- نومبر 1935ع – 10 جولاءِ 2011ع
چيئرمين: 9- مئي 1993ع کان 31 آڪٽوبر 1994ع
26– نومبر 1935ع مطابق 28 شعبان 1354هه اڱاري ڏينهن تولد ٿيو. پرائمري تعليم پير فتح شاهه جي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري، انگريزي اي. وي (A.V) اسڪول بدين ۾ پڙهڻ کان پوءِ ٽنڊي باگي، حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ پڙهندي 1956ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ 1960ع ۾ بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين، ايم.اي (سنڌي) جو امتحان 1962ع ۾ فرسٽ ڪلاس/فرسٽ پوزيشن سان پاس ڪري گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ ترت ئي آگسٽ 1962ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو. 1966ع ۾ چيني زبان ۾ پيڪنگ مان ڊپلوما ڪري آيو. اهڙيءَ طرح 1973ع ۾ خانه فرهنگ حيدرآباد مان فارسيءَ ۾ ڊپلوما ڪري، ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي نگرانيءَ ۾ پي ايڇ.ڊي جو مقالو لکي سن 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان اعليٰ سَنَدَ حاصل ڪئي. پنهنجي سروس دوران نهايت ئي ذوق ۽ ذميواريءَ سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. سندس ڪارڪردگي ۽ ڪردار جي پرک کان پوءِ مرحلي وار ترقي ٿيندي رهي. آخر 1995ع ۾ آرٽس فيڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿي، پنهنجي علمي ۽ ادبي ذوق سبب اڳ وانگر مختلف موضوعن تي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪندو رهيو. سندس سموري زندگي پنجهتر سالن، ستن مهينن ۽ سورهن ڏينهن تي مشتمل هئي. ان حياتيءَ ۾ اوڻيهن سالن جي ڄمار ۾ سن 1954ع ۾ لکڻ شروع ڪيائين. پهرين تحرير افساني جي صورت ۾ ”مٿي جو سور“ جي عنوان هيٺ ’فردوس‘ رسالي هالا جي مارچ 1954ع ۾ شايع ٿي ۽ ساڳئي سال ٻي لکڻي ”سنڌي ٻوليءَ جا مختلف اُچار“ ”نئين زندگي“ رسالي جي سيپٽمبر 1954ع جي پرچي ۾ ڇپجي پڌري ٿي. اهڙيءَ طرح سڄي زندگي رسالن ۾ لکڻ سواءِ ڪيترائي ڪتاب به لکيائين. پهريون ڪتاب ’سوکڙي‘ 1956ع ۾ ڇپيو، جو بيتن ۽ افسانن تي آڌاريل آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب- تصنيف ۽ تاليف کان علاوه سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر مختلف ڪانفرنسن ۾ تحقيقي مقالا پيش ڪندو رهيو. مختلف ادارن لاءِ سندس ڪيل خدمتون به هميشه يادگار آهن. 1993ع ۽ 1994ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهيو ۽ 2007ع کان 2009ع تائين سنڌالاجي جو ميمبر پڻ رهيو. سندس رهنمائيءَ ۾ پنجن محققن پي ايڇ.ڊي جا مقالا لکي، سند حاصل ڪئي ۽ ٻن ايم.فل جا مقالا پيش ڪري ڊگري ورتي. 1995ع ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڊين جي عهدي تان 60 سال پورا ٿيڻ تي رٽائر ڪيائين. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ ٽي سال لاڙ ميوزم بدين جو اعزازي ڊائريڪٽر رهيو. مختلف يونيورسٽين ۾ لکيل ڪن ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي جي تحقيقي مقالن لاءِ ممتحن به رهيو. کيس علمي ۽ ادبي خدمتن تي هميشه دلي تسڪين محسوس ٿيندي هئي. سڄي زندگي ذميواري سان فرائض سرانجام ڏيندو رهيو. ايترين خدمتن جي ڪري ڪڏهن به پاڻ ڪنهن انعام اڪرام جي نه طلب رهي نه ان جو ڪو اظهار ئي ڪيائين.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب شاگرديءَ واري زماني کان ئي مطالعي جو شوق رکندو آيو. هو پنهنجي همعصرن ۾ پڙهڻ جي رفتار، موضوعن ۽ ٻولين جي لحاظ کان مشهور هو. سنڌي ته مادري زبان هئس، پر اردو، انگريزي، فارسي، هندي ۽ چيني زبانن جي تحريرن جو به سڌو سنئون مطالعو ڪندڙ هو. انهن ٻولين ۾ هزارين شعر ياد هوندا هئس ۽ هزارين شاعر پڙهي ڇڏيا هئائين. شعر ۾ ڪي خاص تڪون ته پسند جو سرمايو هو جي گهڻو ڪري هر محفل ۾ ٻڌائيندو هو. ڪتابن جي پڙهڻ جو اهو عالم هو جو ڪتاب ڇپيو مس ته سائين پڙهي پورو به ڪيو ۽ ان متعلق مختصر راءِ به رکي ڇڏيندو، منجهس جيڪي به گڻ اوگڻ هوندا، تن ڏي اشارو به ڪندو. ادبيات جي هر هڪ موضوع ڏانهن خصوصي توجهه هو، نه رڳو ڪتاب يا مضمون/مقالو پڙهي ڇڏبو، پر اهو هٿيڪو به ڪبو ۽ وقت ضرورت ان مان ڀرپور استفادو ڪري، پنهنجي ذوق ۽ ذميواري جي ادائگي به ڪبي.
موضوع سان مطابقت رکندڙ مواد مان ڪنهن ماخذ يا معلومات نه ملڻ يا دشواريءَ ڪارڻ ڪو عذر ڏئي نظر انداز ڪرڻ کي تحقيق ۽ تجسس جو وڏو عيب ۽ بد ديانتي ڀائيندو هو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪم ڪندو رهندو هو. ڪم دوران ڪنهن ڪتاب ڏسڻ يا واقعي توڙي معلومات متعلق پنهنجي لائبريريءَ ۾ ڪمي محسوس ڪندو ته هڪدم گاڏيءَ ۾ چڙهي نڪري پوندو ۽ سنڌالاجي يا ڪنهن دوست احباب وٽان گهربل معلومات حاصل ڪري، ائين واپس وڃي پهچندو جو ڪل ئي ڪانه پوندي ته ڪيئن آيو ۽ ڪيئن ويو. ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمري تي اچي ڪنهن ڪاغذ تي فقط اطلاع لکي ويندو ته:
”ونڊ سر محل جو مسافر آيو آهي، پر ضروري ڪمن سانگي موٽيو ٿو وڃي.(ع)“
ڊاڪٽر صاحب لَکَ گڻو ۽ لک وڙو انسان هو. ڪهڙيون خوبيون ڳائجن ۽ ڪهڙيون خاصيتون ٻڌائجن! پنهنجي خود انتظامي جو مثال پاڻ هو ۽ بيشڪ هڪ پڙهيل ڪڙهيل انسان جو اهڙو اهڃاڻ هو. جو اڄ جهڙو ٻيو ڪو به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، جو ان سان ڀيٽ ڪجي. هميشه خوش پوش ۽ خوش اخلاق، ڪم گو ۽ صاف گو. چند ڏينهن اڳ ذيابيطس جي شڪايت ڪيائين ۽ صحت لاءِ احتياط اڳي کان وڌ پئي ڪيائين. جون/ جولاءِ جي موڪلن سبب مان شڪارپور ويس ته روز يا ٻئي ٽئين ڏينهن فون ڪري اتان جي گرمي ۽ گهُٽَ سبب مون کي صحت جو خيال رکڻ لاءِ هدايتون ڪندو رهيو. خبر ئي ڪانه پئي ته اوچتو سندس طبعيت خراب ٿي پئي ۽ کيس لياقت نيشنل هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ وڃي داخل ڪيو ويو. شايد اهو 8 يا 9 جولاءِ جو ڏهاڙو هو ۽ 10 جولاءِ تي سندس نياڻي شهريور صحتمند ٿيڻ جي خبر فون تي ٻڌائي ۽ چيو ته ڪافي دوست ۽ احباب وٽن اچن ٿا ۽ حال احوال ٿئي پيو. اخبارن به سندس تصويرون ۽ انٽرويو پئي ڇاپيا ته دلجاءِ ٿي. اوچتو يارهين جولاءِ جي رات جو 9:00 وڳي پياري دوست محمد انور علي منصور مڱريي فون ڪئي ته ڊاڪٽر صاحب جي ڪجهه دير کان طبعيت سخت خراب ٿي ويئي آهي، اهو ٻڌي ادي شهريور ڏي فون ڪيم، جنهن به اداسيءَ مان اهڙو ئي گفتگو ڪيو. بيچيني وڌي ويئي، بيقراري برقرار رهندي آئي.
شاهه قادري قبرستان ۾ سندس والد ڊاڪٽر سلطان احمد ۽ ڏاڏي حيدر خان جي ڀرسان لاڙ جي هن لاکيڻي لال کي ٿڌي مٽي جي هنج حوالي ڪيو ويو. سج لهي چڪو هو ۽ اڃا انڌيرو ڪونه پکيڙيو هو ته تڏي تي موٽي بخشش جي دعا گهري خيرات جي ماني هلائي ويئي. ماني کائي هر ڪو اداس اداس منهڙو کڻي پنهنجي ماڳ ڏي اسهڻ لڳو. اهو سڀ ڪجهه جيتوڻيڪ اکين آڏو ٿي چڪو آهي، پر دل اڃا مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته:
اَلا هي انسان، اُڏري ويو اوچتو!
ڪيڏو هو مهان، ساري سنڌڙيءَ ۾ اهو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جو ادبي پورهيو
- سوکڙي 1956ع
- اباڻو گهر 1958ع
- دانشمندي 1958ع/ ترتيب
- ڪنزاللطيف 1961ع
- غزلن جو غنچو 1963ع/
پروفيسر علي نواز جتوئي سان گڏ
- سوري آ سينگار 1963ع
- سنڌيون 1970ع
- پيغمبر اسلام 1971ع
- سنڌي ٻيو ڪتاب 1973ع
- مائو جي ملڪ ۾ 1973ع (ترجمو)
- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ 1973ع
- اڪيلي 1974ع
- لاڙ جي لغات 1975ع
- مرگهه ترشنا 1976ع
- لطيفيات 1977ع
- لطيف ڪوئز 1978ع
- سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر 1980ع
- سچل نامو 1980ع
- نه ڪر هار سينگار سکي 1981ع
- ديپڪ ۽ ملهار 1984ع
- چونڊ ڪلام 1984ع
- سنڌي لوڪ گيت 1985ع (اردو)
- محمد سومار شيخ- شخصيت ۽ فن 1988ع
- مقالا 1988ع/ترتيب
- نرتي تند نياز سين 1988ع/ترتيب
- بايو ڊيٽا آف رائيٽرس
- سليس سنڌي 1989ع (اردو)
- ونڊ سر محل جو مسافر 1989ع
- لاڙ جو مطالعو 1991ع/ترتيب
- سنڌ ڪوئز 1993ع
- ٿر جي ٻولي 1994ع
- مرنگ 1995ع
- ڊاڪٽر بلوچ- هڪ مطالعو 1998ع
- شيخ اياز- هڪ مطالعو 1999ع
- ڪشف الابيات 1995ع
- سرائيڪي شاعري- هڪ مطالعو 1999ع
- تنوير عباسي- هڪ مطالعو 2000ع
- محمد سومار شيخ- هڪ مطالعو 2001ع
- سرائيڪي شاعري- ايک مطالعه 2001ع (اردو)
- لاڙ صدين کان 2001ع ترتيب
- سنڌي ادب جو مطالعو 2001ع
- ميرا عشق ڀي تو 2002ع (اردو)
- درسي ٻيو ڪتاب 2002ع
- ڊاڪٽر سنديلو- هڪ مطالعو 2002ع
- ڪٺمال 2002ع
- ڪافيان 2003ع (اردو)
- بدين 2004ع ترتيب
- وتايو فقير 2004ع ترتيب ۽ ترجمو
- سنڌي ادب جي تاريخ ٽن جلدن ۾ 2004ع/ 2005ع/2006ع
- مجاز 2005ع
- شاهه عبداللطيف 2005ع (اردو)
- شاهه جي رسالي جو مطالعو 2005ع
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، حيات و خدمات 2006ع (اردو)
- سچل سرمست- هڪ مطالعو 2006ع
- بابا بلهي شاهه 2007ع (اردو)
- صوفيانه موسيقي 2007ع (اردو)
- سنڌي زبان جي ماهيت 2007ع
- سچل سرمست- شخصيت اورفن 2008ع (اردو)
- لاڙي ۽ ڪڇي 2008ع
- جلترنگ 2008ع
- زنبيل 2010ع
- شڪار 2011ع
- مَڌو بالا 2011ع
- شاهه عبداللطيف مدبر، معلم ۽ مهربان 2012ع
اڻڇپيل ڪتاب
- قنديل (مقالن جو مجموعو)
- رنگ رتول
- عثمان فقير جو ڪلام
- ڏيپلائي- هڪ مطالعو
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب کي مليل مڃتا ايوارڊ
- بين الاقوامي ڪانفرنس ايوارڊ سنڌ يونيورسٽي 1988ع
- سچل سرمست ايوارڊ سيمينار درازا
- لاڙ ثقافتي ميلو بدين 1991ع
- سچل سرمست ايوارڊ خيرپور 1998ع
- انٽرنيشنل ڪانفرنس ايوارڊ آن آرڪيالاجي خيرپور 2003ع
- نئين زندگي ايوارڊ 2006ع
- بيدل ايوارڊ روهڙي 2006ع
- انسٽيٽيوٽ آف بزنس اسٽڊيز ڪراچي 2008ع
- سنڌي ٻولي لکت ۽ تهذيب ڪانفرنس ايوارڊ حيدرآباد 2009ع
- سما دور سيمينار ايوارڊ ڪراچي يونيورسٽي 2009ع
- ڪلهوڙا دور سيمينار ايوارڊ 2010ع
- روضي ڌڻي ايوارڊ حيدرآباد 2010ع
- انهن کان علاوه 2005ع ۾ ڀارت ۾ ڪانفرنس دوران ڪيترائي ايوارڊ مليا.
ليکڪ: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو