History
1 min read”سنڌي ادبي بورڊ“
سنڌي ادبي بورڊ جو قيام
سنڌ جي علمي، ادبي، مذهبي، تهذيبي، تمدني، ۽ ثقافتي ورثي جي اهميت کي محسوس ڪندي، وقت جي حڪومت سنڌ، 1941ع ۾، سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ٺاهيو، جنهن جو چئرمن مرحوم ميران محمد شاهه هو ۽ هيٺيان ميمبر هئا.
1- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
2- شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو
3- علامه آءِ. آءِ قاضي
4- ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي
5- سوڀراج نرملداس فاني
6- پير علي محمد شاهه راشدي
7- راءِ بهادر جڳت سنگهه آئلمل
8- خانبهادر محمد صديق ميمڻ
9- آغا عبدالنبي خان
10- ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي
11- مولانا دين محمد وفائي
12- مولانا محمد عبدالڪريم چشتي
مرحوم عثمان علي انصاري هن بورڊ جو سيڪريٽري ۽ ديوان لالچند امرڏنومل جڳتياڻي جائنٽ سيڪريٽري هئا.
1941ع کان 1947ع تائين، هن بورڊ، پنهنجي وس آهر ڪافي خدمت ڪئي. انهيءَ عرصي ۾ مختلف خالي ٿيندڙ جاين تي هيٺين صاحبن، ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪيو.
1- پروفيسر رام پنجواڻي
2- حڪيم محمد احسن
3- مخدوم محمد صالح ڀٽي
4- محمد حنيف صديقي
5- ديوان گوپيرام رکياڻي
1947ع ۾، حڪومت سنڌ، مٿئين بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي، جيئن پيش نظر مقصد ۾ وڌيڪ ڪامياب حاصل ڪرڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. هن بورڊ جو چيئرمن سيد ميران محمد شاهه مرحوم، وائيس چيئرمن ڊاڪٽر دائود پوٽو مرحوم ۽ سيڪريٽري عثمان علي انصاري مرحوم مقرر ڪيا ويا ۽ هيٺيان ميمبر نامزد ڪيا ويا.
1- پير علي محمد راشدي
2- خانبهادر محمد صديق ميمڻ
3- ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل
4- مولانا دين محمد وفائي
5- مولوي عبدالرزاق
6- سيد عبدالحسين شاهه موسوي
7- مخدوم محمد صالح ڀٽي
8- علاو الدين سمو
9- غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي
10- اياز حسين قادري
11- محمد بخش واصف
12- آغا تاج محمد
1950ع ۾، وري هڪ ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ (سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختياري جي ڪاروباري ڪميٽي) مقرر ڪئي ويئي ته مرڪزي صلاحڪار بورڊ جيڪي رٿائون، سنڌي ادب جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ٺاهي، تن کي اها ڪاميٽي عمل ۾ آڻي. ان ڪاميٽيءَ جا هيٺيان ميمبر صاحب ٿيا.
1- وزير تعليم، حڪومت سنڌ چيئرمن
2- سيد ميران محمد شاهه ميمبر
3- آغا بدر الدين دُراني ميمبر
4- شيخ عبدالمجيد سنڌي ميمبر
5- سيڪريٽري، محڪمه تعليم، حڪومت سنڌ ميمبر
6- سيڪريٽري، محڪمه ماليات، حڪومت سنڌ ميمبر
7- ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ سيڪريٽري
جولاءِ 1951ع ۾، ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي بجاءِ، ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو مقرر ڪيو ويو.
ڊسمبر 1951ع ۾، ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ کي ختم ڪيو ويو ۽ ”هاءِ پاور ايگزيڪيوٽو ڪميٽي فار سنڌي لٽريچر“ جا ميمبر، ستَن مان وڌائي يارهن ڪيا ويا ۽ ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو ويو، جنهن نالي سان هي بورڊ، هن وقت تائين موجود آهي.
ان وقت، هيٺيان ميمبر انهيءَ بورڊ تي نامزد ٿيا:
– وزير تعليم، سنڌ چيئرمن
2- سيڪريٽري، محڪمه تعليم سنڌ ميمبر
3- سيڪريٽري، محڪمه، ماليات، سنڌ ميمبر
4- ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، سنڌ ميمبر
5- جي. ايم. سيد ميمبر
6- شيخ عبدالمجيد سنڌي ميمبر
7- علامه آءِ. آءِ. قاضي ميمبر
8- شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو ميمبر
9- سيد ميران محمد شاهه ميمبر
10- آغا بدر الدين دُراني ميمبر
11- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ميمبر
ڊسمبر 1954ع ۾، بورڊ جي نئين سر تشڪيل ڪئي ويئي ۽ حڪومت سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ ان وقت جو چيئرمين ۽ وزير تعليم حڪومت سنڌ وائيس چيئرمين ٿيو ۽ هيٺيان صاحب ان بورڊ جا ميمبر نامزد ڪيا ويا؛
1- سيڪريٽري، محڪمه تعليم، سنڌ
2- ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن، سنڌ
3- پير علي محمد راشدي
4- سيد ميران محمد شاهه
5- آغا بدر الدين دُراني
6- شمس العلماء ڊاڪٽر دائودپوٽو
7- علامه آءِ. آءِ قاضي
8- سيد حسام الدين راشدي
9- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
10- مولوي خير محمد نظاماڻي
مارچ 1955ع ۾، حڪومت سنڌ، ”سنڌي ادبي بورڊ“ کي هڪ خودمختار ادارو قرار ڏنو ۽ ان جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ آئين منظور ڪيو. نئين تشڪيل موجب، خانبهادر محمد ايوب کُهڙو، بورڊ جو پريزيڊنٽ، جي. ايم. سيد وائيس پريزيڊنٽ ٿيا ۽ هيٺيان ميمبر نامزد ڪيا ويا:
1- پير علي محمد راشدي
2- آغا عبدالنبي
3- مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“
4- الهه بخش سرشار عقيلي
5- سيد حسام الدين راشدي
6- مولوي خير محمد نظاماڻي
7- ڊاڪٽر دائود پوٽو
8- سيد ميران محمد شاهه
ان طرح، آغا تاج محمد ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بحيثيت نمائندگان سنڌ يونيورسٽي، سيڪريٽري، بورڊ آف مئنيجمنٽ ائنڊ ڪنٽرول – سنڌ پراونشل لئبرري ائنڊ ميوزم، ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ – ايڪس آفيشو ميمبر ڪري کنيا ويا.
1957ع ۾، بورڊ جي آئين ۾ ترميم آڻي، مٿين ٻين ايڪس آفيشو ميمبرن جي جاءِ تي هيٺيان ٻه صاحب ميمبر مقرر ڪيا ويا.
1- ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد ڊويزن
2- انسپيڪٽريس، گرلس اسڪولس، حيدرآباد ريجن انهيءَ کان ڪجهه وقت اڳ، مولوي خير محمد نظاماڻي استعفا ڏني ۽ سندس جاءِ تي عثمان علي انصاريءَ کي نامزد ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1961ع ۾، اولهه پاڪستان جي گورنر جي حڪم موجب، هيٺيان صاحب، اڳوڻن ميمبرن جي جاءِ تي کنيا ويا.
1- ڪمشنر، حيدرآباد ڊويزن چيئرمن
2- وائيس چانسيلر، سنڌ يونيورسٽي
يا سندس نمائندو ايڪس آفيشو ميمبر
3- چيئرمن، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ
ائنڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن ميمبر
4- ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن ، حيدرآباد ريجن ميمبر
5- مخدوم محمد الزمان ”طالب الموليٰ“ ميمبر
6- سيد حسام الدين راشدي ميمبر
7- سيد ميران محمد شاهه ميمبر
8- شيخ علي محمد (ايڊيٽر ”عبرت“) ميمبر
9- عبدالغفور ڀرڳڙي ميمبر
نومبر 1961ع ۾، اولهه پاڪستان جي گورنر ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي جاءِ تي، مخدوم محمد الزمان صاحب ”طالب الموليٰ“، تمغه پاڪستان، ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان کي بورڊ جو چيئرمين نامزد ڪيو. هي زرين قدم کڻي، حڪومت گويا بورد کي عوام جي حوالي ڪيو ۽ عوام ۾ بورڊ جي حيثيت کي اهميت ڏني. انهيءَ کان علاوه، وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽيءَ کي ميمبر ڪري رکيو ويو. اڳي سندس پاران، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، نمائندگي ڪري سگهيو ٿي، تنهن صاحب کي به هاڻ بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.
نومبر 1923ع ۾، سيد ميران محمد شاهه وفات ڪئي ۽ سندس جاءِ تي جولاءِ 1964ع ۾، پروفيسر محبوب علي چنا کي مقرر ڪيو ويو.
مئي 1968ع ۾، بورڊ جي نئين تشڪيل ڪئي ويئي،جنهن تي هيٺيان صاحب ميمبر نامزد ڪيا ويا:
1- مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ چيئرمن
2- وائيس چانسيلر سنڌ يونيورسٽي ميمبر
3- ڊائريڪٽر آف ايڊيوڪيشن، حيدرآباد ريجن ميمبر
4- آغا عبدالنبي خان عليگ ميمبر
5- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ميمبر
6- ڊاڪٽر نبي بخش صاحب قاضي ميمبر
7- خديجه خانم دائودپوٽو ميمبر
8- عبدالغفور ڀرڳڙي ميمبر
9- خانصاحب عبدالله چنا ميمبر
بورڊ جا سيڪريٽري
1- محمد ابراهيم جويو
– جولاءِ 1951ع کان فيبروري 1961ع تائين
2- عثمان علي انصاري (اعزازي)
– مارچ 1961ع کان سپٽمبر 1961ع تائين
3- سيد شاهه محمد شاهه
– آڪٽوبر 1961ع کان سپٽمبر 1962ع تائين
4- سيد ميران محمد شاهه (اعزازي)
آڪٽوبر 1962ع کان جون 1963ع تائين
5- محمد ابراهيم جويو (اعزازي)
– جولاءِ 1963ع کان جولاءِ 1967ع تائين.
6- غلام رباني (وقتي)
7- ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه ”بيخود“ حسيني (اعزازي)
– نومبر 1967ع کان هن وقت تائين
رسالي ”مهراڻ“ جا ايڊيٽر
1940ع ۾، تڏهوڪي صوبائي سنڌ سرڪار جي قائم ڪيل ”سنڌي ادب (ساهت) لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جنوري 1946ع کان ”مهراڻ“ رسالي جي اشاعت شروع ڪئي، جيڪو ٻه سال 1946 ۽ 1947ع، ٻماهي پرچي جي صورت ۾ شايع ٿيندو رهيو. انهيءَ وقت رسالي جو هيٺيون ايڊيٽوريل بورڊ هو.
1-عثمان علي انصاري
– چيئرمين ايڊيٽوريل بورڊ، ”مهراڻ“
2- مولانا دين محمد وفائي
-چيف ايڊيٽر، ”مهراڻ“
3- لالچند امر ڏنومل جڳتياڻي
– مئنيجنگ ايڊيٽر، ”مهراڻ“
4- ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي
– ايڊيٽر ”مهراڻ“
جنوري 1948ع کان، رسالي جي اشاعت ۾ ناغو پيو. سن 1949ع ۾، رسالي جو هڪ پرچو ”لطيف سالگرهه نمبر 1949ع“ شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر خانبهادر محمد صديق ميمڻ هو. انهيءَ موقعي تي رسالي جي اشاعت کي باقاعده بنائڻ لاءِ هيٺين ڪاميٽي ڪئي ويئي.
1- شمس العلماءِ ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو چيئرمين
2- آغا تاج محمد ميمبر
3- خانبهادر محمد صديق ميمڻ ايڊيٽر
سال 1950ع ۾، رسالي جو وري به فقط هڪ پرچو ”لطيف سالگره نمبر 1950ع“ شايع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر بهادر محمد صديق ميمڻ مرحوم هو.
جنوري 1955ع کان، ”سنڌي ادبي بورڊ“، سماهي پرچي جي صورت ۾ رسالي ”مهراڻ“ جي اشاعت وري شروع ڪئي، تڏهن کان وٺي، هن وقت تائين هيٺيان صاحب ”مهراڻ“ اداري سان وابسته رهيا آهن.
1- محمد ابراهيم جويو
– ايڊيٽر (جنوري 1955ع کان ڊسمبر 1956ع تائين)
2- شمس العلماء ڊاڪٽر ايو. ايم. دائودپوٽو ۽ سيد حسام الدين راشدي
– ايڊيٽر (جنوري 1957ع کان ڊسمبر 1957ع تائين)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
– مرتب، ”مهراڻ – سوانح نمبر“
3- شمس العلماء ڊاڪٽر يو. ايم. دائودپوٽو
– ايڊيٽر(جنوري 1958ع کان ڊسمبر 1958ع تائين)
4- مولانا غلام محمد گرامي
– ايڊيٽر (جنوري 1959ع کان هن وقت تائين)
– مئنيجنگ ايڊيٽر
1- مولانا غلام محمد گرامي
(جنوري 1955ع کان ڊسمبر 1955ع تائين)
2- محمد عثمان ڏيپلائي
(جنوري 1956ع کان آگسٽ 1956ع تائين)
اسسٽنٽ ايڊيٽر
1- شمشير الحيدري
(سيپٽمبر 1956ع کان ڊسمبر 1963ع تائين)
پريس جا مئنيجر
1- علي بخش احمد زئي (آڪٽوبر 1952ع کان هن وقت تائين
2- عبدالحق ميمڻ (اسسٽنٽ مئينجر)
(اپريل 1962 کان جولاءِ 1963ع تائين)
بڪ اسٽال جا مئنيجر
1- عبدالڪريم سعدي
(مئي 1953ع کان نومبر 1953ع تائين)
2- محمد حسين آخوند
( نومبر 1953ع کان ڊسمبر 1953ع تائين)
3- سراج الحق ميمڻ
(ڊسمبر 1953ع کان جولاءِ 1955ع تائين)
4- همايون بيگ مرزا
(جولاءِ 1955ع کان جنوري 1957ع تائين)
5- نبي بخش قريشي
(جنوري 1957ع کان اپريل1959ع تائين)
6- محمد امين بلوچ
(مئي 1959ع کان هن وقت تائين)
اغراض و مقاصد
سنڌي ادبي بورڊ، هيٺين مقصدن لاءِ قائم ڪيو ويو.
(1) سنڌي نثر ۽نظم جي پراڻن نسخن کي هٿ ڪري، سڌاري، ڇنڊي ڇاڻي ڇپائڻ،
(2) پراڻن سنڌي مصنفن جي بيش بها ڇپيل ڪتابن کي وري نئين سر ڇپائڻ،
(3) طبعزاد نثر ۽ نظم جا مسودا ڇپائڻ،
(4) سنڌي گرامر، سنڌي لغت، لوڪ ادب، افسانا، ڊراما ۽ سنڌ جي تاريخ لکارائي، شايع ڪرڻ،
(5) دنيا جي ڪلاسيڪي ادب جي چونڊ ڪتابن جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪرائي ڇپائڻ،
(6) سنڌي عالمن جا عربي، فارسي ۽ ٻين ٻولين ۾ مختلف موضوعن تي لکيل مسودا، نئين سر شايع ڪرڻ،
(7) ٻارڙن لاءِ صالح ۽صحتمند ادب پڌرو ڪرڻ،
(8) سائنس ۾ نفسيات تي لکيل طبعزاد ڪتاب يا مستند ڪتابن جا سنڌي ترجما ڇپائڻ،
(9) سنڌ متعلق، عربي، فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتابن جا سنڌي ۽ اردو ۾ ترجما شايع ڪرڻ،
(10)تصوف ۽ اخلاق تي ٻين ٻولين مان ترجما ۽ طبعزاد ڪتاب ڇپائڻ،
مٿي بيان ڪيل پروگرامن مان ڪيترن تي ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي. پراڻي دؤر جي ڪيترن اديبن ۽ شاعرن جي نثر ۽ نظم جا ڪيترائي ڪتاب بورڊ شايع ڪري چڪو آهي.
جديد عالمن جا مختلف فنن، جهڙوڪ علم و ادب، شعر و شاعري، تاريخ، نفسيات، سِيَر، فلسفه، ناول، افسانه، وغيره تي به ڪافي انداز ۾ ڪتاب، عوام جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا آهن. ساڳيو مثال، ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل ڪتابن جو آهي.
سنڌ جي تاريخ کي اٺن دؤرن ۾ ورهايو ويو هو ۽ ان جي لکڻ جو ڪم مختلف مؤرخن جي سپرد ڪيو ويو. انهيءَ اسڪيم هيٺ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جو قديم سنڌ تي لکيل پهريون جلد(Sind-A General introduction) شايع ڪيوويو آهي، ۽ ٻيو جلد پريس ۾ آهي. ان طرح مولانا غلام رسول مهر جي اردوءَ ۾ لکيل ”تاريخ ڪلهوڙا“ (2 حصا) شايع ٿي چڪي آهي. باقي ڇهه جلد به عنقريب مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ اميد ته جلد شايع ٿيندا.
سنڌي گرامر تي هڪ ڪتاب لکجي چڪو آهي، جو عنقريب جديد دؤر جي تقاضائن موجب، ترميمن ۽ اضافن بعد ڇپايو ويندو.
لوڪ ادب اسڪيم جي نظرداري، بورڊ جي معزز ميمبر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي ذمي هئي، ۽ هن اسڪيم هيٺ، 40 جلد شايع ٿيڻا هئا، جن مان 22 ڇپجي چڪا آهن. 5 جلد پريس ۾ زير طبع آهن ۽ باقي جلدن جو مواد گڏ ٿي چڪو آهي.
سنڌي لغت اسڪيم جو نگران به محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب آهي. لغت جو هڪ ضخيم جلد شايع ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو جلد پريس ۾ ڇپجي رهيو آهي.
مٿين اسڪيمن تي، موجوده بورڊ جي اراڪين، نهات سرجوشيءَ سان عمل پيرا ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ۽ ٻيون ڪيتريون اسڪيمون منظور ڪيون آهن، جن مان ٻه مکيه هي آهن:
(1) سنڌ جي تهذيب، تمدن، ڳوٺن، شهرن، ذاتين، ڌنڌن، جبلن، نَين، ٻيلن، پکين، مشهور عالمن ۽ اديبن متعلق معلومات افزا ۽ مستند انسائيڪلو پيڊيا شايع ڪرڻ، جنهن جو نالو ”سنڌ جو سونهون“ رکيو ويو آهي.
(2) سنڌ جي مختلف پراڻين لئبررين ۾ جيڪو سنڌ متعلق مواد آهي، يا سنڌي علماءِ ۽ ادباءِ جا جيڪي ڪتاب موجود آهن، تن جون فهرستون تيار ڪري، هٿ ڪري، شايع ڪرڻ. انهن ٻنهي اسڪيمن تي عنقريب ڪم شروع ٿي رهيو آهي.
سنڌي ڪتاب
مٿي ڏنل مختصر تعارف کان پوءِ، هيلتائين،
”سنڌي ادبي بورڊ“ طرفان جيڪي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن،
انهن جو ذڪر جي ٿو:
1 | آفتاب ادب | حڪيم فتح محمد سيوهاڻي | 216 | |
2 | حيات النبي | حڪيم فتح محمد سيوهاڻي | 280 | |
3 | سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ | ڀيرومل مهرچند آڏواڻي | 364 | |
4 | قديم سنڌ | ڀيرومل مهرچند آڏواڻي | 500 | |
5 | ٽئلسمن عرف | ساڌو هيرانند ۽ ڀيرومل | ||
غازي صلاح الدين | مهرچند آڏواڻي | 214 | ||
6 | گل شڪر | ديوان ڪيولرام آڏواڻي | 274 | |
7 | گل | ديوان ڪيولرام آڏواڻي | 110 | |
8 | هدايت الانشاءِ | هدايت الله ”مشتاق“ | 450 | |
9 | ڪليات امين | پروفيسر محبوب علي چنا | 328 | |
10 | ڪليات ڪمال | اظهر گيلاني | 212 | |
11 | ديوان قليچ | مرزا قليچ بيگ | 426 | |
12 | چندن هار | مرزا قليچ بيگ | 600 | |
13 | دلارام | مرزا قليچ بيگ | 88 | |
14 | زينت | مرزا قليچ بيگ | 254 | |
15 | گلن جي ٽوڪري | مرزا قليچ بيگ | 212 | |
16 | ٽي گهر | مرزا قليچ بيگ | 360 | |
17 | سچي محبت | مرزا قليچ بيگ | 242 | |
18 | نيڪي ۽ بدي | مرزا قليچ بيگ | 142 | |
19 | شاهه ايليا | مرزا قليچ بيگ | 204 | |
20 | فيروز دل افروز | مرزا قليچ بيگ | 160 | |
21 | گليور جو سير ۽ سفر | مرزا قليچ بيگ | 146 | |
22 | تحفته النسوان | مرزا قليچ بيگ | 194 | |
23 | مقالات الحڪمت | مرزا قليچ بيگ | 236 | |
24 | خود ياوري | مرزا قليچ بيگ | 352 | |
25 | دلپسند قصا | مرزا قليچ بيگ | 384 | |
26 | باغ ۽ باغباني | مرزا قليچ بيگ | 414 | |
27 | شيطان جي ناني | مرزا قليچ بيگ | 40 | |
28 | ٽي ديوَ يا راڪاس | مرزا قليچ بيگ | 32 | |
29 | وامق عذرا | مرزا قليچ بيگ | 28 | |
30 | سائو پن يا ڪارو پنو | مرزا قليچ بيگ | 300 | |
31 | انڪوائري آفيسر | مرزا قليچ بيگ | 76 | |
32 | حسنا دلدار | مرزا قليچ بيگ | 146 | |
33 | سنڌي گرامر (4 ڀاڱا) | مرزا قليچ بيگ | 718 | |
34 | غلامي مان مٿي چاڙهو | مرزا قليچ بيگ | 386 | |
35 | شهزادو بهرام | مرزا قليچ بيگ | 240 | |
36 | عجيب ڳالهيون | مرزا قليچ بيگ | 214 | |
37 | ايرڪ | مرزا قليچ بيگ | 456 | |
38 | جولئن هوم | مرزا قليچ بيگ | 406 | |
39 | سائين سنواريا
مصيبت ماريا |
مرزا قليچ بيگ | 208 | |
40 | حاجي بابا اصفهاني | مرزا قليچ بيگ | 460 | |
41 | عجيب طلسم | مرزا قليچ بيگ | 30 | |
42 | نيلو پکي | مرزا قليچ بيگ | 46 | |
43 | لبا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ | مرزا قليچ بيگ | 44 | |
44 | ٻه جاڙا ڀائر | مرزا قليچ بيگ | 42 | |
45 | شهزادي محبوب جي آکاڻي | مرزا قليچ بيگ | 60 | |
46 | رستم | مرزا قليچ بيگ | 76 | |
47 | پٽيل اکيون پوريل اکيون | مرزا قليچ بيگ | 34 | |
48 | پائي وائي پائي وزو | مرزا قليچ بيگ | 56 | |
49 | قدم برگ شهزادي | مرزا قليچ بيگ | 50 | |
50 | عجيب جواهر | مرزا قليچ بيگ | 76 | |
51 | موتين جي دٻلي | مرزا قليچ بيگ | 266 | |
52 | لغات لطيفي | مرزا قليچ بيگ | 382 | |
53 | لطائف الطوائف | مرزا قليچ بيگ | 287 | |
54 | قديم سنڌ جا شهر ۽ ماڻهو | مرزا قليچ بيگ | 515 | |
55 | اخلاق حميده | مرزا علي نواز بيگ | 100 | |
56 | رسالو سچل (سنڌي) | عثمان علي انصاري | 476 | |
57 | رسالو سچل (سرائڪي) | محمد صادق راڻيپوري | 510 | |
58 | سيف الملوڪ | محمد صادق راڻيپوري | 176 | |
59 | ميين شاهه عنات جو ڪلام | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 300 | |
60 | ڪليات حمل | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 376 | |
61 | سنڌي لغات (ڀاڱو1) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 516 | |
62 | ڳيچ | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 12 | |
63 | پروليون ۽ ڏٺون | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 322 | |
64 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو 1) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 510 | |
65 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو2) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 270 | |
66 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو3) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 310 | |
67 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو4) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 306 | |
68 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو5) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 418 | |
69 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو6) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 254 | |
70 | لوڪ ڪهاڻيون (ڀاڱو7) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 338 | |
71 | مداحون ۽ مناجاتون | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 530 | |
72 | معجزا | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 390 | |
73 | مناقبا | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 312 | |
74 | ٽيهه اکريون (2ڀاڱا) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 1018 | |
75 | مناظرا | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 752 | |
76 | مولود | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 480 | |
77 | هفتا، ڏينهن، راتيون | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 436 | |
78 | واقعاتي بيت | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 500 | |
79 | عشقيه داستان سنڌي قصا(ڀاڱو ٻيو) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 310 | |
80 | عشقيه داستان ٻاهريان قصا (ڀاڱو ستون) | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 710 | |
81 | لوڪ گيت | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 446 | |
82 | مورڙو ۽ مانگر مڇ | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 232 | |
83 | خليفي صاحب جو رسالو | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 308 | |
84 | ڪلام نواب ولي محمد لغاري | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 490 | |
85 | ديوان بيدل | عبدالحسين شاهه موسوي | 256 | |
86 | ديوان بيڪس | عبدالحسين شاهه موسوي | 152 | |
87 | ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام | لطف الله بدوي | 178 | |
88 | ڪليات خادم | لطف الله بدوي | 286 | |
89 | چار درويش | لطف الله بدوي | 240 | |
90 | ڪلام حسن بخش | عارف المولا | 100 | |
91 | سنڌ جو سينگار | عبدالڪريم سنديلو | 152 | |
92 | ايسپ جون آکاڻيون | ننديرام ميراڻي | 258 | |
93 | سڀا جو سينگار | سوڀراج آڏواڻي | 186 | |
94 | بلو کوکر | ديوان صاحب سنگهه شهاڻي | 284 | |
95 | رهاڻ | جي. ايم. سيد | 300 | |
96 | جنب گذاريم جن سين (2 ڀاڱا) | جي. ايم. سيد | 855 | |
97 | ڪشمير جو مسئلو | ذوالفقار علي ڀٽو | 294 | |
98 | پاڪستان جي پاليسي | ذوالفقار علي ڀٽو | 196 | |
99 | سون ورنيون دليون | لالچند امرڏنو مل | 276 | |
100 | وئتپتي ڪوش | جهٽمل نارومل | 72 | |
101 | راسيلاس | نولراءِ شوقيرام آڏواڻي | 248 | |
102 | تاريخ ريگستان | رائچند هريجن | 300 | |
103 | گل ڦل | پرمانند ميوارام | 378 | |
104 | خوش خصلت خاتون | بيگم بادام ناتوان | 118 | |
105 | ڪيميائي سعادت | غلام حسين جلباڻي | 182 | |
106 | ڪاميابي | غلام حسين جلباڻي | 160 | |
107 | ڇوٽڪارو | غلام حسين جلباڻي | 116 | |
108 | پکين جي پارليامينٽ | غلام حسين جلباڻي | 238 | |
109 | سلامان و ابسال | غلام حسين جلباڻي | 120 | |
110 | تذڪره اميرخاني | سيد حسام الدين راشدي | 374 | |
111 | چچنامو (سنڌي) | مخدوم امير احمد | 690 | |
112 | تحفته الڪرام(سنڌي) | مخدوم امير احمد | 776 | |
113 | تاريخ معصومي (سنڌي) | مخدوم امير احمد | 476 | |
114 | جنت السنڌ | مولائي شيدائي | 850 | |
115 | سنڌ جي درٻار | محمد حنيف صديقي | 200 | |
116 | اهي ڏينهن اهي شينهن | پير علي محمد راشدي | 544 | |
117 | تاريخ ڪلهوڙا سنڌي (ٻه حصا) | ابن حيات پهنور ۽ شمشير الحيدري | 1288 | |
118 | سنڌ جي اقتصادي تاريخ | سراج | 314 | |
119 | آمريڪي مختصر افسانا | سراج ۽ رباني | 476 | |
120 | آمريڪي لوڪ ڪهاڻيون | علي بخش ميمڻ | 316 | |
121 | آمريڪا جو سياسي شرستو | شمشير الحيدري | 354 | |
122 | سنڌ جو سفر | قادر بخش نظاماڻي | 96 | |
123 | اقتصادي انصاف | غلام رضا ڀٽو | 282 | |
124 | سير ۽ سفر | سيد غلام مصطفيٰ شاهه | 260 | |
125 | نيٺ ڇا ڪجي | نور الدين سرڪي | 458 | |
126 | جادو ۽ سائنس (3 ڀاڱا) | سومار علي سومرو | 1820 | |
127 | اقتصادي ترقيءَ جا رستا | سومار علي سومرو | 230 | |
128 | فرهنگ جعفري (3 ڀاڱا) | نياز حسن همايوني | 1800 | |
129 | تن ۽ تندرستي | ڊاڪٽر علي احمد قاضي | 336 | |
130 | جنرل سائنس | ڊاڪٽر علي احمد قاضي | 352 | |
131 | تذڪره شعراءِ ٽکڙ | ڊاڪٽر اسدالله شاهه | 224 | |
132 | مقدمه ابن خلدون | ڊاڪٽر اسدالله شاهه | 80 | |
133 | جهان آرا | عبدالرزاق عبدالله | 166 | |
134 | گِرم جون آکاڻيون | خانصاحب مريد علي | 274 | |
135 | سير ڪوهستان | الهه بچايو سمو | 156 | |
136 | ڪنوار جو آئينو | عبدالڪريم تراب | 260 | |
137 | دنيا دورنگي | آغا غلام نبي صوفي | 200 | |
138 | ڪلام محمود فقير کٽياڻ | ماستر محمد صالح سپيو | 150 | |
139 | ڪليات گدا | رشيد احمد لاشاري | 426 | |
140 | شڪنتلا | رشيد احمد لاشاري | 176 | |
141 | نل دمينتي | رشيد احمد لاشاري | 282 | |
142 | گلشن بهار | فقير محمد’عاجز‘ | 240 | |
143 | شاهه جو رسالو(پڪو جلد)
(ڪچو جلد) |
علامه آءِ. آءِ. قاضي | 870
870 |
|
144 | پراڻو پارڪر | منگهارام اوجها | 124 | |
145 | دنيا جا عظيم افسانا-1 | رشيد ڀٽي | 326 | |
146 | مهراڻ ”سوانح نمبر“ | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 696 | |
147 | مهراڻ ”ڏهه ساله نمبر“ | ادارو | 643 | |
148 | شاهه جون وايون ۽ ڪافيون | جي. ايم. سيد | 242 | |
149 | ڪليات دلگير | ڊاڪٽر اسد الله شاهه | 154 | |
150 | رياست ۽ آزادي | رشيد ڀٽي | 236 | |
151 | دنيا جا عظيم افسانه (2) | مراد علي مرزا | 476 | |
152 | املهه ماڻڪ | مرزا قليچ بيگ | 476 | |
رسالا | ||||
153 | مهراڻ (سماهي) | في ڪاپي | ساليانو چندو | |
اردو ڪتاب | ||||
154 | تاريخ ڪلهوڙا- ٻه حصا | غلام رسول مهر | 1346 | |
155 | تاريخ معصومي | ’اختر ‘ رضوي | 570 | |
156 | تحفته الڪرام | ’اختر ‘ رضوي | 854 | |
157 | چچنامه | ’اختر ‘ رضوي | 602 | |
158 | برهانپور کي سنڌي اوليا | ’راشد ‘ برهانپوري | 554 | |
فارسي ڪتاب | ||||
159 | ديوان غلام | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 120 | |
160 | لب تاريخ سنڌ | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 400 | |
161 | تاريخ طاهري | ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ | 438 | |
162 | ديوان عطا | ’راشد ‘ برهانپوري | 618 | |
163 | مقالات الشعراء | سيد حسام الدين راشدي | 1020 | |
164 | تڪملہ مقالات الشعراء | سيد حسام الدين راشدي | 1000 | |
165 | مثنوي چنيسر نامه | سيد حسام الدين راشدي | 200 | |
166 | مثنوي مظهرالاثار | سيد حسام الدين راشدي | 250 | |
167 | مثنويات وقصائد قانع | سيد حسام الدين راشدي | 250 | |
168 | تاريخ مظهر شاهجهاني | سيد حسام الدين راشدي | 494 | |
169 | ترخان نامه | سيد حسام الدين راشدي | 200 | |
170 | منشورالوصيت | سيد حسام الدين راشدي | 180 | |
171 | هشت بهشت | سيد حسام الدين راشدي | 348 | |
172 | مڪلي نامو | سيد حسام الدين راشدي | 888 | |
173 | حديقة الاوليا | سيد حسام الدين راشدي | 263 | |
174 | ديوان عظيم | ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ | 266 | |
175 | تحفته الطاهرين | آغا بدر عالم دراني | 230 | |
176 | مثنويات هير و رانجها | حفيظ هشيار پوري | 400 | |
177 | تاريخ تازه نواي معارڪ | عبدالحي حيبيبي افغاني | 1140 | |
178 | ڪليات مائل | محمود احمد عباسي | 542 | |
179 | ديوان محسن | حبيب الله رشدي | 500 | |
180 | فتح نامه | شير محمد نظاماڻي | 224 | |
181 | روضة السلاطين | سيد حسام الدين راشدي | ||
عربي ڪتاب | ||||
182 | دراسات اللبيب | مرتب:مولانا نعماني | 218 | |
183 | ذب الذبابات (حصه اول) | مرتب: مولانا نعماني | 1000 | |
184 | ذب الذبابات (حصه ثاني) | مرتب: مولانا نعماني | 1016 | |
185 | مقدمہ ڪتاب التعليم | مرتب: مولانا نعماني | 360 | |
186 | ديوان ابي عطا | مرتب: داڪٽر نبي بخش بلوچ | 32 | |
187 | المتانة في مرامة الخزانة | مرتب: غلاممصطفيٰ قاسمي | 898 | |
188 | بذل القوة | مرتب: مخدوم امير احمد | 540 | |
انگريزي ڪتاب | ||||
346 |
Persian Poets of Sind By H.I. Sadarangani |
189 | ||
390 |
A Physical & Economic Geography of Sind- by Dr, M B. Pithawalla |
190 | ||
274 |
Sind-A General Introduction by H.T. Lambrik |
191 | ||
56 |
Shah Abdul Latif – An Introduction to his Art- by Allama I.I. Kazi |
192 | ||
253 |
Risalo of Shah Abdul Latif (selections) translated in vers by Elsa Kazi |
193 | ||
Casual peeps At Sophia by Allama I.I. Kazi |
194 | |||
مهراڻ
مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ، بورڊ جي سه ماهي رسالي ”مهراڻ“ جا سالها سال سنڌي علم و ادب، تهذيب و تمدن ۽ شعر و شاعري جي تحقيق، تدقيق ۽ تنقيد جي ذريعي خدمت ڪئي آهي، اها به تحسين جي لائق آهي. هن ئي رسالي جي ذريعي جديد ۽ قديم اصناف سخن کي فروغ ڏنو ويو. جتي ادب لطيف، نظم، آزاد نظم، غزل، رباهيون، مثنويون، قطعا وغيره رسالي جي صفحن جو سينار بنيا آهن، اُتي وايون، ڪافيون، بيت، مداحون وغيره پنهنجي قديم سونهن ۽ سوڀيا سان ”مهراڻ“ کي آراسته ۽ پيراسته ڪري چڪيون آهن. بيمثال تحقيقي مقالا، ڊراما، ناٽڪ، افسانا وغيره به هن رسالي جي افاديت کي اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو حصو رکن ٿا. هيءُ ئي رسالو آهي جنهن جي ذريعي نوآموز شاعرن ۽ اديبن جون تخليقون عوام جي ذهنن کي محفوظ ڪن ٿيون، ۽ڪهنه مشق استاد، محققن ۽ شاعرن جو ڪلام قلبن کي ڪيف ۽ دماغن کي راحت بخشين ٿا.
گل ڦل
ٻارن جي لاءِ رسالو ”گل ڦل“ به ڪيترا سال سنڌ جي سپوت نونهالن لاءِ نصيحت، اخلاقي، قدرن، ديني تعليم ۽دنياوي سمجهه جا سبق ڏئي چڪو آهي.
”سنڌي ادبي بورڊ“ پنهنجي ايام ڪاريءَ ۾ تقريباً هڪ لک صفحا ڇپائي عوام جي خدمت ۾ پيش ڪري چڪو آهي،۽ اها اميد آهي ته انشاء الله تعاليٰ ڪيترا لک صفحا اڃا اوهان جا توجهه جي طفيل حاضر ڪبا.
حضرات – اميد ته اوهان محسوس ڪيو هوندو ته اوهان جي هن اداري پنهنجي ٿورڙي عرصي جي ايامڪاريءَ ۾ ڪيترو نه عظيم الشان ڪم ڪيو آهي، ۽ پاڪستان ۽ هن علائقي جي ڪيڏي نه قابل قدر خدمت ڪئي آهي. پاڪستان جي مختلف علمي ادارن کان سواءِ، دنيا جي گوشي گوشي مان عالمن ۽ اديبن هن اداري جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي تحسيني ۽ تهنيتي خط اسان ڏي موڪليا آهن، جن کي طوالت جي خوف کان هتي پيش ڪري ڪونه سگهيا آهيون.
بورڊ جي آمدنيءَ جا وسيلا
بورڊ جي آمدنيءَ جا ٻه ذريعا آهن: هڪ حڪومت جي طرفان گرانٽ، ٻيو ڇپايل ڪتابن جي وڪري مان آمدني. حڪومت جي طرفان نهايت حوصله افزا مدد به ٿيندي رهي آهي ۽ هرسال هڪ لک روپيا گرانٽ به ملندي رهي آهي.
گرانٽ کان علاوه، بورڊ، ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي طرفان پرائمري، پهريون، ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ ڇهون سنڌي درسي ڪتاب به ڇاپي ٿو. انهيءَ کان سواءِ بورڊ، سنڌي نصاب لازمي، نائون – ڏهون، يارهون – ٻارهون، سوشل اسٽڊيز (تاريخ ۽ جاگرافي) به ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي طرفان شايع ڪري ٿو. انهن ڪتابن مان به ڪجهه آمدني ٿئي ٿي. ايترو عرض ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته هن کان اڳي سمورا سنڌي درسي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ئي شايع ڪندو هو، سرڪار کي ڪابه رائلٽي ڪانه پياري ويندي هئي. ان جو مقصد اهو هو ته هڪ بورڊ جي طرفان شايع ٿيل ڪتاب ديده زيب، ڇپائي ۽ بائنڊنگ جو عمدو نمونو هوندو ۽ پروفن جي غلطين کان به پاڪ هوندا، ۽ ٻئي طرف انهن ڪتابن جي آمدنيءَ مان بورڊ وڌيڪ ڪارائتا ڪم ڪري سگهندو. ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي بهرحال، اسان کي هر ڪتاب تي مقرر ٿيل رائلٽي به ڏيڻي پوي ٿي ۽ سمورا درسي ڪتاب به اسان کي شايع ڪرڻ لاءِ ڪونه ٿا ڏنا وڃن. اهو اوهان کي يقين ٿو ڏيارجي ته اسان جا ڇپايل درسي ڪتاب هر لحاظ کان ٻين تاجرن جي ڇپايل درسي ڪتابن کان پروفن جي صحت ۽ ڇپائيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ بهتر آهن.
اسان کي ٻين علمي ڪتابن مان جيترو انهن جي ڇپائيءَ تي خرچ ٿئي ٿو، انهيءَ کان گهڻو گهٽ آمدني ٿئي ٿئي،
فارسي ۽ عربي ڪتابن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾، مرڪزي حڪومت، بورڊ کي ساڍن پنجن لکن روپين جي امداد ڏني، جا رقم ڪتابن جي ايڊٽ ڪرائڻ ۽ ڇپائڻ تي خرچ ڪئي ويئي آهي، ۽ هيلتائين اسان ٽيهه ڪتاب شايع ڪري چڪا آهيون.
بورڊ جو عملو
”سنڌي ادبي بورڊ“ جي آفيس کي چئن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جن جو تفصيل به ڏجي ٿو:
(1) هيڊ آفيس
(2) دفتر رسالو ”مهراڻ“
(3) بڪ اسٽال
(4) پرنٽنگ پريس
هيڊ آفيس جو عملو
(1) سيڪريٽري 1
(2) اسسٽنٽ سيڪريٽري 1
(3) سينئر اسسٽنٽ، اڪائونٽنٽ 1
(4) اسسٽنٽ 1
(5) لائبريرين 1
(6) پروف ريڊر 1
”مهراڻ“ جو عملو
(1) ايڊيٽر 1
(2) جونيئر ڪلارڪ 1
بُڪ اسٽال جو عملو
(1) مئنيجر 1
(2) اسٽور ڪيپر 1
(3) جونيئر ڪلارڪ 1
پرنٽنگ پريس جو عملو
(1) مئنيجر 1
(2) اسٽور ڪيپر 1
(3) جونيئر ڪلارڪ 1
(4) فورمئن 1
(5) مشين مين 4
(6) هيڊڪمپازيٽر 1
(7) ڪمپازيٽر 7
(8) هيڊبائينڊر 1
(9) بائينڊر 7
(10) پيپر لفٽر 6
(11) هيلپر 4
(12) پروف ريڊر 1
انهي کان علاوه، ٻه پٽيوالا، هڪ چوڪيدار، هڪ ڀنگي ۽ هڪ پارٽ ٽائيم مالهي هيڊ آفيس ۾، هڪ پٽيوالو ”مهراڻ“ آفيس ۾، ٻه پٽيوالا بڪ اسٽال ۾ ۽ هڪ پٽيوالو پريس ۾ ڪم ڪن ٿا.
انهن سڀني ملازمن جي ماهيانه تنخواهه 8980 رپيا آهي ۽ سال ۾ 107760 رپيا ٿيندا. اهو انگ هر سال اضافن ملڻ ڪري وڌندو رهي ٿو. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايتري ساري رقم خرچ ڪرڻ کان پوءِ باقي بچت مان هيترا سارا ڪتاب ڇپائڻ ڪو معمولي ڪارنامو ڪونه آهي.
بورڊ جي سمورن ملازمن جنهن جا نفشاني سان، قرباني ايثار ۽ ايمانداريءَ سان قوم ۽ ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، انهيءَ جو فيصلو عوام ئي ڪري سگهي ٿو. بورڊ وٽ ايڏي بچت ئي ڪانهي ٿي ٿئي جو موجوده ملازمن کي معقول معاوضو ڏئي سگهي، ۽ ڪي ٻيا ضروري ملازم مقرر ڪري سگهي. بورڊ وٽ پنهنجي پرنٽنگ پريس آهي، جنهن ۾ ننڍيون وڏيون پنج پرنٽنگ مشينيون هڪ ڪٽنگ مشين، هڪ اسٽچنگ مشين آهي، پريس جا مٿي ڄاڻايل ملازم پنهنجي پنهنجي فن ۾ يڪتاءِ روزگار آهن. اهو سندن ئي ڪاريگريءَ ۽ محنت جو نتيجو آهي جو اڄ بورڊ جا ڪتاب، پروفن جي صحت، گيٽ اَپ، سيٽ اپ، ڇپائي ۽ جلد بنديءَ جي لحاظ کان مثالي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن، انهن ملازمن جي لاءِ نه رهائش لاءِ جايون آهن ۽ نه وري سندن ڪي ٻيون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو. هو فقط قومي جذبي ۽ وطن جي خدمت جي شوق هيٺ ڪم ڪن ٿا.
هيڊ آفيس جو اسٽاف به بلڪل اڻپورو آهي. هڪ سينئر اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ به آهي ته آڊيٽر به، هڪ اسسٽنٽ، آمدني، روانگي جا رجسٽرڊ به سنڀالي، آفيس جي رڪارڊ جو ڪم به سندن ذمي آهي ته ٽائيپ به اهو ڪري ٿو. ”مهراڻ“ جو عملو به تمام گهٽ آهي. فقط هڪ ايڊيٽر ۽ هڪ ڪلارڪ جو سمورو وقت مواد گڏ ڪرڻ، صاف ڪرڻ، ايڊٽ ڪرڻ ۽ پروفن پڙهڻ ۾ مصروف ٿو ٿئي. باوجود ان جي ”مهراڻ“ جهڙو معياري رسالو تيار ٿئي ٿو. بُڪ اسٽال ۾ بهرحال هاڻي اسٽور ڪيپر مقرر ٿيڻ جي ڪري ڪم ورهائجي ويو آهي، ور نه ڪيترا سال اتي جي ملازمن کي آفيس ٽائيم کان پوءِ گهڻو وقت ويهي ڪم ڪرڻو پوندو هو. هنن ئي ماڻهن جون بي لوث خدمتون ۽ ايماندارانه ڪاوشون آهن، جن جي طفيل، بورڊ پنهنجي محدود مالي وسيلن جي باوجود اڄوڪي اعليٰ منزل کي پهتو آهي.
مستقبل جو پروگرام ۽ آمدنيءَ جي وڌائڻ لاءِ اپاءَ
جيتوڻيڪ بورڊ سوَن جي تعداد ۾ ڪتاب شايع ڪري چڪو آهي، تڏهن به اڃا اسان وٽ سوين نسخا موجود آهن، جن کي شايع ڪرائڻو آهي. ڪيتريون اسڪيمون – مثلاً ’سنڌي‘ ۾ لکيل تبليغي ادب جي اشاعت، ”سنڌ جو سونهون“ ، ڪتبخانن جي جاچ ۽ ڪتابن جون فهرستون شايع ڪرڻ، عربي ۽ فارسي جي باقي رهيل مخطوطن کي ايڊٽ ڪرائي شايع ڪرڻ – اڃا تشنہُُ تڪميل آهن، جن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪافي رقم جي ضرورت آهي. آمدنيءَ جا ته ڪيترائي وسيلا ٿي سگهن ٿا:
(1) بورڊ وٽ ڇپيل ڪتابن جو ذخيرو، جن جي قيمت 907746 رپيا آهي، اُنهن جو نيڪال ڪرڻ.
(2) محڪمه تعليم حيدرآباد ريجن طرفان انعام ۽ لائبررين جي لاءِ هر سال ڪتاب خريد ڪيا وڃن. بورڊ جي ڪتابن لاءِ سمورا ڪتاب واپارين جي بجاءِ سڌوسنئون بورڊ جي بُڪ اسٽال تان خريد ڪيا وڃن، بورڊ جي ڪميشن جي اصول موجب، خود حڪومت کي هڪ لک رپيا خرچ ڪرڻ سان هڪ لک ٽيٽيهه هزارن جا ڪتاب ملندا.
(3) حيدرآباد ميونسپالٽيءَ طرفان جيئن ٻين علمي ادبي ادارن جي مدد ڪئي ٿي وڃي، تيئن هر سال بورڊ جي لاءِ به گرانٽ منظور ڪئي وڃي.
(4) سنڌ جون مختلف يونين ڪائونسلون، ٽائون ڪميٽيون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسلون، پنهنجي لائبررين لاءِ بورڊ کان ڪتاب خريد ڪن.
(5) مختلف بئنڪون، خصوصاً نئشنل بئنڪ آف پاڪستان ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ طرفان هر سال بورڊ کي امداد ڏني وڃي.
(6) مختلف ڪارخانيدار ۽ مخير حضرات بورڊ جي مالي مدد ڪن.
بورڊ جون ضرورتون
نهايت افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته بورڊ وٽ آفيس جي لاءِ توڙي ملازمن جي رهائش جي لاءِ ڪا جڳهه ڪانهي. مرحوم نياز احمد صاحب، سابق ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن جي خصوصي توجهه جي ڪري بورڊ کي لطيف آباد ۾ سَت ايڪڙ زمين ملڻ جو دلاسو ڏنو ويو هو. اها زمين آفيسن جي لکپڙهين ۾ گهٽَجي گهٽَجي وڃي هڪ ايڪڙ ۽ هڪ گهُنٽي تائين پهتي. هاڻ ته انهي جي ملڻ جو به ڪو آسرو ڪونه آهي. اڄ جيڪڏهن لطيف آباد ۾ بورڊ لاءِ ڪجهه زمين اَلاٽ ڪئي وڃي ته اسان جا گهڻا مشڪل حل ٿي پوندا. اميد ته عاليجناب مسرور حسن خان صاحب جن هن ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندا.
شڪريو
هتي مناسب ٿو سمجهان ته عوام کي آگاهه ڪريان ته عاليجناب مسرور حسن خان، ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن، نه فقط مهمان خصوصيءَ جي حيثيت سان اسان کي شرف بخشيو آهي، پر پاڻ ڪيتري عرصي کان بورڊ جي ترقي ۽ ڪتابن جي وڪري تي خاص توجهه ڏيندا رهيا آهن. سندن ئي ذاتي ڪوشش هئي جو ڪيترن ادارن يونين ڪائونسلن اسان کان ڪتاب خريد ڪيا، ۽ اسان اميد ٿا ڪريون ته سندن سرپرستي ۽ علم پروريءَ جي طفيل اسان جون ڪيتريون ئي مشڪلاتون حل ٿي وينديون.
جناب ڪئپٽن عثمان علي عيساڻي صاحب، سي-ايس- پي، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، جو به تهدل سان شڪر گذار آهيان، جنهن صاحب نه فقط مون کي موقعو ڏنو ته ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي ميمبرن کي مخاطب ٿي بورڊ جي امداد لاءِ اپيل ڪريان، پر پاڻ خود ميمبرن کي ترغيب ڏنائون ته بورڊ جا ڪتاب خريد ڪن. انهي ڏس ۾ سابق اي- ڊي. بي- ڊي، حيدرآباد، محترم رسول بخش انڙ ۽ جناب اي- آر ڪاظمي صاحب اي- ڊي- ايم جو به ٿورائتو آهيان.
موجوده بورڊ جي ميمبرن جنهن فراخدلي ۽ همت افزائيءَ کان ڪم وٺي هن تقريب جي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، انهيءَ لاءِ جيتري تعريف ڪجي اوتري ٿوري، هن تقريب جو سمورو انتظام ۽ پروگرام، سنڌي ادب جي روح روان، اديبن ۽ شاعرن جي سرپرست عاليجناب مخدوم محمد زمان صاحب ”طالب الموليٰ“، تمغهُ پاڪستان، چيئرمن سنڌي ادبي بورڊ پنهنجو قيمتي وقت صرف ڪري پنهنجي ذمي کنيو، اها سندن خاص نوازش چئبي.
بورڊ جي معزز ميمبر، جناب خانصاحب عبدالله چنا صاحب، شاميانن، نشستن، اسٽيج، لائوڊ اسپيڪر اليڪٽرسٽي وغيره جو سڄو ڪم پنهنجي حوالي ڪري اسان تان تمام گهڻو بار لاهي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ اسان سندن ممنون آهيون.جناب مخدومزاده محمد امين فهيم صاحب جن اسان جو پروگرام رڪارڊ ڪيو ان لاءِ سندن نهايت شڪر گذار آهيون.
ريڊيو پاڪستان اسان جو پروگرام رڪارڊ ڪيو ۽ نشر ڪيو ۽ سنڌي اخبارن پڻ اسان جو پروگرام عوام تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجا عالم مخصوص ڪري ڇڏيا. ان لاءِ اسان سندن تهدل شڪر گذار آهيون.
محترم حسين بخش ”خادم“ سروريءَ جي وڏي مهرباني، جو هن صاحب، موسيقارن ۽ فنڪارن کي هن تقريب ۾ شامل ڪرڻ جوسمورو ڪم خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيو.
آخر ۾ بورڊ جي سڀني اراڪين ۽ ڪارڪن،تعلق دارن، بورڊ جي مختلف علمي ۽ فني شعبن ۽ سندن سربراهن جو شڪر گذار آهيان.
هيڊ آفيس جي اراڪين مان مسٽر غلام رباني- اسسٽنٽ سيڪريٽري، مسٽر عبدالجبار عباسي، مسٽر محمد رمضان، مسٽر يار محمد پنوهر، مسٽر غلام علي شاهه، هن جشن جي انتظام ۽ ضروري ڪمن جي سلسلي ۾ ڪافي تعاون ڪيو آهي.
”مهراڻ“ جي ايڊيٽر مولانا گرامي صاحب ۽ سندن سرگرم معاون مسٽر پرڀو ”ناشاد“ دعوت نامن ۽ تقريرن جي ڇپائيءَ ۾ جا مدد ڪئي آهي، ان لاءِ خاص طرح ممنون آهيان.
ان طرح بوڪ اسٽال جي عملي. مسٽر محمد امين بلوچ مئنيجر، شوڪت حسين ”راهي“، انور الدين جمالي ۽ احمد خان ميمڻ. نمائش جي انتظام ڪرڻ ۾ دلي تعاون ڪيو آهي.
ان طرح بورڊ جي پريس مان مسٽر علي بخش احمد زئي مئنيجر پريس ۽ سندس ڪلارڪن مسٽر الهه بچايو، ڪريم بخش ۽ پروف ريڊر ولي محمد طاهرزادي ۽ ڪمپازيٽرن ۽ مشين مينن ۽ بائينڊرن جو ٿورائتو آهيان، جن رات ڏينهن هڪ ڪري هن تقريب کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. اميد ته سندن پورهيو رائگان نه ويندو.14 آڪٽوبر 1968ع.
–
– ڊاڪٽر سيد اسد الله شاهه حسيني
– اعزازي سيڪريٽري
بورڊ جو پسمنظر ۽ تعارف
آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ جي تڏهوڪي صوبائي وزير تعليم جي. ايم. سيد جي ڪوششن سان سنڌ سرڪار سنڌي ادب جي واڌ ويجهه ۽ تخليقي ۽ تحقيقي سرگرمين جي وسيع پئماني تي ڦهلاءَ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. جناب ميران محمد شاهه ان صلاحڪار بورڊ جي چيئرمن مقرر ٿيو. سندس سرواڻيءَ ۾ سنڌ جي ٻين عالمن ۽ ڏاهن ڊاڪٽر ايڇ. ايم. گربخشاڻي، شمس العلماء عمر بن محمد دائود پوٽي، علامه آءِ. آءِ. قاضي، ڪاڪي ڀيرومل
مهرچند آڏواڻي، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“، جناب پير علي محمد شاهه راشدي، مولانا دين محمد وفائي ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ سميت پندرهن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي. سن 1948ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان ان مرڪزي صلاحڪار بورڊ جي انتظامي ڍانچي کي نئين سر ترتيب ڏيئي، جناب سيد ميران محمد شاهه چيئرمن، شمس العلماء عمر بن محمد دائودپوٽو وائيس چيئرمن ۽ جناب عثمان علي انصاريءَ کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1950ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادبي بورڊ ۾ تحقيق ۽ تاليف جي ڪمن کي عملي جامو پارائڻ خاطر ”سنڌي ادب لاءِ اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽي“ قائم ڪري اُن کي ”مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ پاران منظور ڪيل رٿائن تي عمل ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. هن ڪاميٽيءَ جو چيئرمن صوبائي وزير تعليم مقرر ٿيو، جڏهن ته ”سنڌي ادب جي مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ جي چيئرمن، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽري تعليم سميت ست ٻيا ميمبر به ڪاميٽيءَ تي کنيا ويا.
ڊسمبر 1951ع ۾ سنڌ جي عوام کي هڪ منظم ادبي ادارو فراهم ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ سرڪار ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ“ ختم ڪري، ان کي ”سنڌي ادبي بورڊ“ جو نالو ڏنو. ان بورڊ کي بعد ۾ تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارن واري کاتي جي ٺهراءَ نمبر B/4619 – 4694 هيٺ رجسٽريشن آف سوسائٽي ايڪٽ 1860/ xxi تحت، نمبر: 468 بتاريخ 26 مارچ 58-1957ع تي خيرپور ميرس ۾ اسسٽنٽ رجسٽرار آف جوائنٽ اسٽاڪ ڪمپنيز جي آفيس ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو. گڏوگڏ بورڊ جي ”اعليٰ اختيارن واري ڪاميٽيءَ“ جي ميمبرن جو انگ به ستن مان وڌائي يارنهن ڪيو ويو.
مارچ 1955ع ۾ سنڌ سرڪار طرفان سنڌي ادبي بورڊ کي خود مختيار اداري جي حيثيت ڏئي اداراتي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ باقاعده آئين منظور ڪيو ويو.
اهڙي خودمختيار حيثيت ملڻ کان پوءِ بورڊ سنڌي ادب جي واڌاري، سميت تحقيقي مسودا ۽ ڪتاب ڇپرائڻ جي سلسلي ۾ اڳ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا ڪم ڪرڻ شروع ڪيا، جن جو تذڪرو نه صرف ڏيهه ۾ ناماچاريءَ سان ٿيڻ لڳو، بلڪه پرڏيهه ۾ به مڃتا ملڻ لڳي.
سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تاين سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ڀلائيءَ، ۽ واڌاري خاطر سرگرم عمل آهي. وقت بوقت ٿيندڙ انتظامي تبديلين ۽ ڪم ڪار جي طريقيڪار ۾ ردوبدل سان بورڊ جي سرگرمين ۽ ترجيحن جا رُخ تبديل ضرور ٿيا آهن، پر اداري جي بنيادي مقصد ۽ ڪارج تي ڪوبه فرق ناهي آيو. ان جو روشن ثبوت اهو آهي جو سنڌي ادبي بورڊ اڄ به هڪ باوقار اداري جي حيثيت ۾ پنهنجا فرض خاطر خواه انداز سان ادا ڪري رهيو آهي. گُذريل اڌ صديءَ جي تاريخ ۾ بورڊ تقريبن 500 ڪتاب ڇپرائڻ کانسواءِ تسلسل سان ٽي رسالا: ”مهراڻ“، ”سرتيون“ ۽ ”گل ڦل“ شايع ڪري رهيو آهي ۽ هن اداري سنڌ ۾ علمي، ادبي ماحول پيدا ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.