Ustad Bukhari

 

استاد بخاری

جنم تاریخ : 16 جنوری 1930

۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

اڄ سنڌ جي چوٽيء جي شاعر استاد بخاريء جي پئدائش جي تاريخ آهي،  سيد احمد شاهه المعروف استاد بخاري ولد سيد حاجن شاهه بخاري 16 جنوري 1930ع تي ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي فائنل/ورنيڪيولر پاس ڪري تعليم کاتي ۾  استاد طور پير رکيو، ان دوران سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪري ليڪچرر ٿيو، جتان پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿيو، استاد بخاري جو شمار سنڌ جي تمام وڏن شاعرن ۾ ٿئي ٿو، سندس ڪيترائي مجموعا شايع ٿيل آهن، جن مان: گيت اسان جا جيت اسان جي، هي گيت گلابي ٻارن جا، اوتون جهوتون، ڪوڪڻ يا ڪلياڻ، سوچون، ڀڻڪا، واڪا، لهر لهر دريا، ڪاري ڪڪر هيٺ، ڌرتي سرتي، زندگي زندگي، نه ڪم نبريو نه غم نبيريو، ماندي ٿيءُ نه مارئي، ولولو ۽ ووڪ، وطن ۽ ويساهه، گلدستي ۾ گيت، بخاريءَ جا قطعا، پير نه هٽن پوئتي، ڌوڙ دل تي درد جي، گهڙيا سي چڙهيا، هي گجرا هي گولا، هڙئي هيج وطن جا، لهري لهري ۾ لالاڻ، ڳائي پيو جاڳائي پيو، تڙ تيڏيان ڳالهيان وغيره قابل ذڪر آهن، ان کان سواءِ استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت تي به ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا، ترتيب ڏنا ويا آهن، جن مان عزيز ڪنگراڻي جو تيار ڪيل لغتي ڪتاب ”اکر اکر آرسي“ سڀني کان اھم آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڇپايو ويو آهي، استاد بخاري 9 آڪٽوبر 1992ع تي وفات ڪئي، استاد بخاري شاهه لطيف کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڳايو ويندڙ شاعر آهي، سندس شاعري سنڌ جي ھر ننڍي وڏي فنڪار ڳائي آهي..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.