Dr Abdul Majeed Sindhi

 

 

 

 

 

 

 

اڄ سنڌ جي مشهور ليکڪـ، دانشور، محقق، تعليمي ماهر ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جي وفات جو ڏينهن آهي، ھن پهرين جنوري 1930ع تي ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو، ھن سنڌي ادب ۽ اسلاميات ۾ ماسٽرس ڪيون، سول انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما ڪيو، ايل ايل بي ڪئي، ڪجهه وقت اوور سيز ۾ رھيو، ان کان پوءِ سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو، ان دوران غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهنمائي ۾ “بيان العارفين: سنڌيءَ جي ترتيب ۽ اپٽار” جي عنوان سان ٿيسز لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي، ڊاڪٽر صاحب مختلف ڪاليجن ۾ پروفيسر ۽ پرنسپال رهيو، مختلف ڪميٽيز ۽ بورڊز جو ميمبر ۽ چيئرمين رھيو، مختلف نصابي ڪتابن جو مرتب رهيو، سنڌي ادبي اڪيڊمي لاڙڪاڻو قائم ڪري ان جي پليٽ فارم تان ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايائين، ھن جي لکيل، تربيت ڏنل، ڇپرايل ڪتابن جي فهرست تمام ڊگهي آهي، کيس حڪومت پاڪستان پاران تمغہ امتياز ۽ ستاره امتياز سان نوازيو ويو، ھن 11 فيبروري 1996ع تي وفات ڪئي..

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.