Muhammad Faqeer Laghari
سنڌ ۾ مزاح جو بادشاھ !!
محمد فقير لغاري مسخرو…!!!
سنڌ ۾ مزاح جي تاريخ جي آئيني ۾
اڄ 28 فيبروري سنڌ جي ماڻهن ۾ مرڪون ونڊيندڙ ناليوارو منفرد لوڪ مسخرو فنڪار محمد فقير لغاري جي 38 هين ورسي آهي، ھن مسخرو فنڪار محمد فقير جنهن 28 فيبروري 1985ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو هو. محمد فقير مسخرو عرف سروٽو فقير جي نالي سان سڃاتو ويندڙ مرحوم محمد فقير 1914ع ڌاري دادو لڳ جوهي تعلقي جي ڳوٺ وارياسو ۾ هڪ پورهيت هاري چاڪر خان لغاري جي گهر ۾ جنم ورتو. هي ڳوٺ دادو لڳ چئن ميلن جي مفاصلي تي هن وقت بہ سندس ڄمڻ وارو هنڌ هڪ ٿلهي جي صورت ۾ اڃا بہ موجود آهي جتي پاڻي جي مٺي کوهي بہ آهي جتان ڀر واري ڳوٺن جا رهواسي پاڻي ڀري ويندا آهن. مرحوم محمد فقير مزاحيه فن جي سکيا اٽڪل ڏهن ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي مامي پرئي مسخري کان ورتي جيڪو پنهنجي وقت جو لوڪ مسخرو هو. جڏهن سندس والد گذاري ويو هيو تہ پاڻ پنهنجي ڳوٺ وارياسي ۾ پنهنجي چاچي جڙيو خان وٽ پلجندڙ لڳو جڏهن تہ سندس امڙ پنهنجي ڀاءُ پرئي وٽ ڳوٺ قاضي عارف ۾ رهندي هئي ۽ پاڻ پنهنجي ماءُ سان ملڻ لاءِ مامي وٽ ويندو هو تہ مامو کيس مزاحيه انداز ۾ پيش اچي کيس مزاحيه فن جي ڄڻ تہ سکيا ڏيندو هو جتان هن پنهنجي اندر ۾ مزاح کي داخل ڪري هن فن جي باقائده شروعات ميهڙ ۽ دادو جي ڳوٺن مان ڪئي ۽ شهرت ماڻيندو ويو. جڏهن هن مزاحيه فن جي شروعات ڪئي تہ هو ٻين مسخرن جهڙوڪ عبدو فقير،خميسو فقير،دلو فقير، پوپٽ فقير ، ڀليڏنو فقير ، چارڻ فقير ،نفير سنگهه ، مٽر فقير ،اسماعيل فقير ، محمد پلهه ۽ ٻين نالي وارن مسخرن سان گڏ ميلن ۽ ملاکڙن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو جيڪي انوقت جا مسخرا ۽ ڀوڳائي سڏيا ويندا هيا. جڏهن ريڊيو ۽ ٽي وي جو دور شروع ٿيو تہ کيس وري انوقت جي قادو شيدي ماتلي واري ۽ حيدرآباد جي ، جي ايم پلپلي سان گڏ بہ فن جو مظاهرو ۽ مقابلو ڪيو جنهن ۾ کيس ڪافي انعامات ۽ سرٽيفڪيٽ به مليا. حضرت لعل شهباز قلندر،شاه عبدالطيف ڀٽائي رح ۽ ٻين اوليائن جي عرس شريف جي موقعن تي منعقد ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ بہ کيس گهرائي زائرين کي وندرايو ويندو هو. پاڻ 1944 ڌاري دادو لاڙڪاڻي لائين تي ريل گاڏين جي مسافرن کي به وندرائيندو هيو جنهنڪري مسافرن جو سفر سٺو گذرندو هو. مرحوم محمد فقير لغاري جڏهن مزاحيه فن ۾ پير پاتو هو تہ پاڻ نڪورو اڻ پڙهيل هو، پاڪستان ٺهڻ بعد 1955ع ۾ مزدورآباد محلي دادو جي پرائمري اسڪول ۾ اٽڪل 40 سالن جي ڄمار ۾ داخلا ورتي جتي سنڌ جو اڳوڻو سينئر وزير پير مظهرالحق هن عظيم فنڪار جو ڪلاس فيلو رهيو. ست درجا پاس ڪرڻ بعد هن فنڪار کي اهو بہ اعزاز رهيو جو هن شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جو رسالو بہ ياد ڪيو. مرحوم محمد فقير لغاري سنڌ جي لوڪ مسخري طور مڃتا حاصل ڪئي ۽ وڏي انگ ۾ انعامات حاصل ڪيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو بطور پرڏيهي وزير ۽ وزيراعظم، سنڌ جي وڏن وزيرن هرهڪ پير الابخش، عبدالستار پيرزادو ، محمد ايوب کهڙو ، گورنر دين محمد شيخ ، وفاقي وزير اطلاعات پير علي محمد راشدي ، مير غلام علي ٽالپر ، گورنر سنڌ مير رسول بخش ٽالپر،صوبائي وزيرڄام صادق علي ۽ عبدالوحيد ڪٽپر ،سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلرز ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ سيد غلام مصطفي شاه ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم شخصيتن آڏو هن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري نہ صرف مڃتا حاصل ڪئي پر کيس نقد رقم ۽ سرٽيفڪيٽن کان علاوه اڳوڻي گورنر شيخ دين محمد کيس 12 ايڪڙ زرعي زمين گذاري لاءِ ڏني هئي جيڪا هن وقت بہ سندس پونئيرن جي گذران جو ذريعو آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن وزيراعظم بڻيو ۽ سنڌ جي مڙوئي فنڪارن جي فلاح و بهبود لاءِ ماهوار وظيفن ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته کيس بہ ان سان نوازيو ويو پر وفات بعد سندس بيوه کي ملندڙ اهو وظيفو ثقافت کاتي جي آمر ڪامورن اهو بند ڪري ڇڏيو انتهائي بي حسي جو مظاهرو ڪيو جيڪا انتهائي شرم جهڙي ڳالهه هئي.نتيجي ۾ سرڪاري طور تي علاج نہ ٿيڻ ۽ وظيفو بند ٿيڻ ڪري هن عظيم لوڪ مسخري جي بيوه بہ لڳ ڀڳ 90 سالن جي ڄمار ۾ راه رباني ٿي وئي.سنڌ جو هي لوڪ مسخرو پنهنجي جاءِ تي پر حقيقت ۾ کل ڀوڳ جي يونيورسٽي مثل هو جنهن جي انداز گفتگو ۾ بي حيائي شامل نہ هئي پر هو پنهنجي مسخري ۽ انداز گفتگو کي اصلاح طور استعمال ڪندو هو. کيس سنڌ جو جيڪڏهن ٻيو وتايو سڏجي تہ بہ غلط نہ ٿيندو ڇاڪاڻ تہ سندس مسخري جي گفتن گهڻن ماڻهن ۾ زندگي امن ، صبر ۽ ڀائيچاري جيان گذارڻ جو پڻ احساس ڏياريو. هتي هڪ ڳالھ جو بہ ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهجي ٿو تہ شهر جي ڪنهن شخص هن درويش صفت انسان کي نفرت ڀري نگاه ۾ هڪ نہ پر ڪيترا ڀيرا چيو تہ ماڻهن تي ٺٺولي ۽ مسخري ڪرڻ سخت گناه ۽ غلط ڳالھ آهي جنهن کي بند ڪر. هن درويش صفت مسخري پنهنجي منزل جاري رکي پر فقير سان نفرت ڪندڙ انهي شخص جي گهر ۾ بہ هڪ مسخري نمان فنڪار پئدا ٿيو جيڪو اسٽيج ۽ وڊيو فلمن ۾ اداڪاري ڪندو رهندو آهي. ڪنهن فلم تہ هن ڇير ٻڌي ڊانس بہ ڪري چڪو آهي ۽ مزاح کي عوام جي اصلاح جو حصو سمجهندو آهي. مرحوم جي فرزندن پنهنجي والد جي وصيت موجب شهر جي لال هندي قبرستان ۾ انجي مزار جي تعمير ڪرائي جتي سندس مداح وقت ڪڍي سندس مغفرت لاءِ دعاگو ٿيندا آهن. افسوس جي اها ڳالھ آهي جو هن عظيم مسخري جي وفات کي 38 سال گذري چڪا آهن پر سنڌ جي ثقافت کاتي ڪڏهن بہ کيس ياد ناهي ڪيو يا انجي مڃتا ۾ ڪڏهن ڪو پروگرام منعقد ناھي ڪيو، وري بہ شابس هجي دادو جي سنڌي ادبي سنگت جي دوستن،ڪجھ مزاحيه فنڪارن صحافين ۽ ليکڪن کي جيڪي ورسي جي موقعي تي گڏ ٿي سندس مزار تي گلن جي ورکا ڪندا ڪري ڀيٽا ڏيندا آهن.