Darshwar Syed
1 min read
درشھوار سید
21 مارچ 1942 جنم تاریخ
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سنڌ جي مشهور محققہ ، ليکڪہ ، ماھر لطيفيات، ماھر لسانيات، سماج سڌارڪ ڊاڪٽر درشهوار سيد صاحبہ 21 مارچ 1942ع تي ننڍي کنڊ جي مشهور سياستدان، جديد قوم پرستيءَ جي باني سائين جي ايم سيد جي گهر ۾ “سن” اڳوڻي ضلعي دادوءَ، ھاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر درشهوار ابتدائي تعليم ڪراچيءَ جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ورتي، ان کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان فلاسافي ۾ ماسٽرس ڪئي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان فارسيءَ جو ڪورس ڪيائين، ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد جي خواهش تي سسيڪس يونيورسٽي لنڊن ۽ پوءِ لنڊن جي ايشين سائوٿ اسٽڊيز مان شاھ لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان اسٽئدي سينٽر ڪراچيءَ ۾ تاريخ جي ليڪچرار ٿي، ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ نئين قائم ٿيندڙ “شاهه عبداللطيف چيئر” جي ڊائريڪٽر ٿي، ان دوران سندس شاھ لطيف تي ڪيترو ئي مواد ڇپيو، جن ۾ انگريزيءَ ۾ ڪتاب Universal Message of Shah Abdul Latif ۽ اردوءَ ۾ لکيل ڪتاب “لطيفي ڪهانيان”، “شاهه عبداللطيف جي موسيقي”، “تحقيق جو طريقيڪار”، “شاهه لطيف تي تحقيق”، “ببليوگرافي آف شاهه لطيف”، “شاهه جو رسالو” (چئن ٻولين ۾) وغیرہ شامل آهن، جيجي درشھوار آل سنڌ وومن ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو، جنهن جي پليٽ فارم تان ھن سنڌي عورتن جي جاڳرتا جو ڪم ڪيو، ڊاڪٽر درشهوار سيد 26 ڊسمبر 1997ع تي وفات ڪئي..