Inam Takrai

 

 

 

 

 

 

 

 

سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ انعام ٽکڙائي جي ٻي ورسي

تحرير : اعظم ڀٽي

سنڌي ٻولي جو ناليوارو شاعر, ليکڪ, اداڪار, صداڪار, سياستڪار, نوحه خوان انعام ٽکڙائي 8 اپريل 2021ع تي  وڇوڙي جو وڍ ڏئي هليو ويو, انعام  ٽکڙائي جو جنم انتهائي غريبي واري ماحول ۾  12 آگسٽ 1966ع تي سنڌوءَ دريا جي هنج ۾  ٽنڊو محمد خان لڳ ڳوٺ وسي ملوڪ شاهه (ٽکڙ) ۾ ٿيو . سندس اصل نالو احمد علي ڳنڀير  ۽  والد جو نالو محمد خان ڳنڀير هو. پرائمري کان مڊل تائين تعليم ٽکڙ مان حاصل ڪيائين. 1983ع ۾ مڊل جي تعليم پاس ڪري, 1984ع ۾ مئٽرڪ جي تعليم لاء ٽنڊي محمد خان آيو, جنهن دوران غربت سبب  تاج ٽکڙائي وٽ هوٽل تي مزدوري ڪرڻ لڳو.  1984ع ۾ نامور شاعر محمد دائود ”تاج“ ٽکڙائي جي هوٽل تي مزدوري ڪندي ڪچا ڦڪا شعر چوڻ لڳو سڀ کان پهرين غزل جي صنف تي طبع آزمائي ڪيائين، جتي تاج ٽکڙائي سندس شاعري ڏسي کيس همٿايو ۽ سندس تربيت پڻ ڪيائين، اهڙي ريت تاج ٽکڙائي شاعري ۾ سندس استاد بڻيو. جنهن کانپوءِ سنڌي شاعري جي کيتر ۾ هن گيت، وائي, نظم، سانيٽ, چئوسٽي، ڪافي، هائيڪو، پنجڪڙو، رُباعي, آزاد نظم، نثري نظم، بيت، قطعي، دوهي، ٽيڙو، نو لکي،سهري، ڳيچ، نوحي، مرثيي, منقبت، مناجات، مولود، حمد، نعت، قصيدي جي صنفن تي ڏات جا ڏيئا جرڪايا. 1986ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو ته محمد دائود “تاج”ٽکڙائي جيڪو ان وقت بئراج کاتي ۾ هيڊ منشي هو, تنهن کيس ڪلرڪ طور نوڪري وٺائي ڏني, جيڪا نوڪري هن صرف ان ڪري نه ورتي ته هو شاعري ۽ مشاعرن کي وقت نه ڏئي سگهندو, ان بجاء هن بئراج کاتي ۾ پٽيوالي جي نوڪري جو آرڊر ورتو, زندگيءّ جي آخري وقت تائين ان نوڪريءّ سان سلهاڙيل رهيو, 1987ع کان انعام باقاعده ادبي سرگرمين ۽ مشاعرن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ سندس شاعري ۾ پختگي پڻ اچي چڪي هئي. سنڌي کان علاوه پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ ڪلام پڻ سرجيائين، نثر ۾ تحقيقي ادب ۽ مزاحيه ادب جي شعبي ۾ ڪهاڻين، مضمونن، مقالن وسيلي معاشري جي عڪاسي به ڪندو رهيو آهي.انڊيا جي ”ڪونج “ رسالي ۾ پڻ سندس شاعري ڇپي،  انعام نه رڳو ڀلوڙ شاعر ۽ ليکڪ رهيو پر بهترين ڪمپيئرنگ سان گڏ هن اسٽيج ۽ ٽي وي تي اداڪار ۽ ڊائريڪٽر طور پڻ ڪم ڪيو. اسٽيج ڊراما ۽ خاڪا پڻ ڪيائين، سنڌ ٽي وي تي ڪجهه عرصو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ به ڪم ڪيائين. انعام ٽکڙائي جي هڪ ٻي سڃاڻپ نوحه خوان واري به رهي، غم حسين جو لباس اوڍي ماتمي جلوسن ۽ مجموعن ۾ نوحا پڻ پڙهندو رهندو رهيو. ريڊيو ۽ ٽي وي جي مختلف پروگرامن, مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ پنهنجي شاعري جو سج اُڀاريائين، ادبي خدمتن جي حوالي سان شاعري جي شعبي ۾”اُڏيرو لعل ايوارڊ“ ، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ”لطيف ايوارڊ“ ، اردو زبان جي تنظيم ” زينا پاڪستان “ پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ۽ بزم جيلاني پاران ”حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ“ ، بزم ادب ٽکڙ پاران ايوارڊ  سميت ڪيترائي  ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيائين. انعام ٽکڙائي، ڏات ڏيپ مارڪو، محفل لطيفي، سنڌي ادبي سنگت، مهراڻ ادبي فورم، لطيفي ادبي فورم، بزم ادب ٽکڙ، بزم جيلاني، رائٽرس فورم, ڪاروان ادب سنڌ، محمد خان غني ادبي تنظيم، عوامي ادبي فورم، مهراڻ ادبي سٿ، جي پليٽفارمن تان سرگرم ڪردار ادا ڪيو، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ ، پي پي پي، سنڌ پيپلز ڪلچرل ونگ جي پليٽ فارمن تان سياسي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتائين، مختلف سياسي، علمي ۽ ادبي تنظيمن جي عهدن تي رهندي به هو هميشه سرگرم ورڪر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي حيدرآباد جو رابطه سيڪريٽري، ٽنڊو محمد خان شاخ جو  خزانچي، ڪيترائي ڀيرا ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. 1988ع ۾ لبريشن فرنٽ جي نالي سان تنظيم قائم ڪري، ان جي تنظيمي سرگرمين دوران ڪراچي سينٽرل جيل ۾ 16 ڏينهن جيل ياترا ڀوڳي آيو. جنهن بعد وسيلن جي کوٽ ڪري ان تنظيم کي اڳيان وڌائي نه سگهيو. ان کان علاوه ٽنڊو محمد خان جيل ۾ پڻ 19 ڏينهن قيد ڪاٽيائين. سندس تخليق جا ستارا نئين زندگي, مهراڻ، عبرت مئگزين، سنڌو، هالار، ادب, هزار داستان، سوجهرو، امرتا، سرهاڻ، لطيفي لات، وينجهار, اخبار جهان، جاسوسي ڊائجيسٽ ، سنگت، الاصلاح، هفتيوار ماروئڙا نيوز, مهراڻ مالها سميت مختلف سنڌي ۽ اردو رسالن ۽ اخبارن ۾ جرڪندا رهيا. سنڌي ٻولي جي هن ڀلوڙ شاعر، اديب ، سماجي ورڪر, سياستڪار, اداڪار، نوحه خوان کي شهرت کان هميشه ڊپ لڳندو هو. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ” رُلي رُلي جهان ڏٺم “ 1998ع ۾ لطيفي طبي اڪيڊمي ٽنڊو محمد خان پاران حڪيم يوسف کتري ڇپائي پڌرو ڪيو. جڏهن ته سندس شاعري جا 3 مجموعا اڻڇپيل صورت ۾  موجود آهن، انعام ٽکڙائي جي شاعري جا موضوع تمام  گهڻا ۽ وسيع آهن، ڌرتيءَ سان عشق ۽ محبت، ذوق جماليات، اخلاقيات، ظلم خلاف ڀرپور آواز، سستيءَ ۽ ڪاهلي کي ڇڏڻ جو درس, سماجي بُراين کان نفرت، ڌرتيءَ واسين جا  ڏک ۽ درد، محبوب جا ماڻا ۽ رُساما سندس شاعري جا اهم موضوع رهيا، جن ۾ خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا سمايل نظر اچن ٿا. سنڌي ٻولي جو هي خوبصورت لکاري هڪ وڏي عرصي کان دم جي مرض ۾ مبتلا هو, غربت واري  زندگيءّ سان جهيڙيندي جهيڙيندي 8 اپريل 2021ع مطابق 24 شعبان 1442 هجري بروز خميس تي دل جي دوري سبب هميشه لاء وڇوڙي جو داغ ڏئي هليو ويو, کيس وسي ملوڪ شاهه لڳ شاهه ذڪريو جي قبرستان ۾ مٽيءّ ماءّ حوالي ڪيو ويو. کيس ٽن پۡٽن ۽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو.

08.04.2023

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.