Abdul Kareem

 

 

 

 

 

 

 

 

ابوبڪر خان مگسي

ابوبڪر خان مگسي: نامياري ليکڪ، صحافي ۽ مترجم ابوبڪر ولد مولوي عبدالرحيم مگسيءَ، 1920ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. هن مختلف اسڪولن مان پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم پوري ڪري، ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان گرئجوئيشن ۽ سنڌ مسلم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جون ڊگريون حاصل ڪيون. ابوبڪر مگسيءَ ملازمت جي ابتدا استاد طور اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان ڪئي. گورنمنٽ هاءِ اسڪول دادو ۽ گورنمنٽ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ به استاد طور خدمتون سر انجام ڏنائين. بعد ۾ استعيفا ڏيئي عمرڪوٽ، سيوهڻ ۽ دادوءَ ۾ وڪالت جي پرئڪٽس ڪندو رهيو. ان عرصي دوران دادوءَ مان هفتيوار اخبار ’قلندر‘ جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر پاڻ هو. هن عالمي تهذيبن، سياسي ۽ سماجي مضمونن جو گهڻو مطالعو ڪيو ۽ ڪيترا مضمون ۽ ڪتاب لکيا. کيس سنڌي، سرائڪي، عربي، اردو ۽ انگريزيءَ تي عبور هو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا:

  • عربي (پاڪستان ڪي قومي زبانين: اردو) 1970ع. (2) ڪٽنب، ذاتي ملڪيت ۽ رياست (فيڊرڪ اينگلس جي ڪتاب جو ترجمو: (1996ع). (3) تصوف ‘>اسلامي فلسفو ۽ تصوف (2001ع). ابوبڪر خان مگسيءَ 14 اپريل 1984ع تي وفات ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Copyright © All rights reserved. | Designed by K-soft.